Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

12 صوبن جو منصوبو: ڪيترو سچ، ڪيترو ڪُوڙ

سنڌ جو ورھاڱو اھڙو ڪنڊو ثابت ٿيندو جيڪو پڪ ئي پڪ ظاھر توڙي لڪل حڪمرانن جي نڙيءَ ۾ ڦاسندو

سنڌ لاءِ وري ھڪ آزمائش جو نئون دور شروع ٿيڻ وارو آھي. اڳي ون يونٽ مڙھي سنڌ جي سُڃاڻپ ختم ڪئي وئي ۽ ھاڻ انھيءَ کي ڀاڱا ڪري سندس وُجود تي وار ڪيو پيو وڃي

نصير اعجاز

اختر روھيلو توڙي وائس آف پاڪستان، ٻئي نالا منھنجي لاءِ نوان آھن، پر سندن حوالي سان ڪجھ ڏينھن کان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ھڪ رپورٽ نھايت ڇرڪائيندڙ آھي تہ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو انتظامي ڍانچي جو منصوبو تيار ٿي چُڪو آھي  جنھن مطابق وفاقي حڪومت ملڪ کي ٻارنهن (12) نون صوبن ۾ ورهائڻ جو قطعي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

اختر روھيلي پنھنجي ذريعن جو حوالو ڏيندي لکيو آھي تہ هيءُ قدم ذاتي ۽ ٻوليءَ جي بنيادن تي صوبائي سياست کي گهٽائڻ ۽ وفاق کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ کنيو پيو وڃي.

جڏھن سوشل ميڊيا تي ھيءَ رپورٽ وائرل ٿي تہ مون انتظار ڪرن شروع ڪيو تہ ضرور وفاقي حڪومت انھيءَ خبر جي ترديد جاري ڪندي ڇو تہ موجودہ صوبن کي ختم ڪرڻ ھڪ نھايت وڏو قدم ھوندو ۽ انھيءَ جا نھايت اُگرا نتيجا نڪرندا، جيڪي گھٽ ۾ گھٽ موجودہ ڪمزور سويلين حڪومت جي فائدي ۾ ڪونہ ويندا. پيپلز پارٽيءَ سميت مختلف ننڍين سياسي پارٽين جي اتحاد سان مرڪز ۾ اقتدار م آيل مسلم ليگ (نُون) ۾ ايتري سگھ آھي ئي ڪونہ جو صُوبن کي ٽُڪرا ڪرڻ جي خلاف شروع ٿيل ڪنھن بہ ڀرپور ھلچل کي مُنھن ڏئي سگھي.

جيئن تہ ٻن ٽِن ڏينھن ۾ حڪومت پاران انھيءَ خبر جي ترديد ڪانہ آئي آھي، تنھنڪري ممڪن ٿي سگھي ٿو تہ انھيءَ خبر ۾ ڪا سچائي ھجي. پر منھنجو خيال آھي تہ اھڙي خبر سِويلين سرڪار، ۽ انھيءَ جي پُٺيان اصل سگھارين قوتن پاران عوامي ردِعمل معلوم ڪرڻ لاءِ رٿابنديءَ سان جاري ڪرائي وئي آھي. سرڪار ڪنھن بہ نئين پاليسي ۽ پلاننگ بابت عوامي ردعمل معلوم ڪرڻ جو اھو ھڪ پُراڻو طريقو عمل ھيٺ رھيو آھي. اھڙا شوشا اڪثر ٻين اھم مسئلن تان عوام ۽ مخالف سياسي پارٽين جو ڌيان ھٽائڻ لاءِ بہ ڇڏيا ويندا آھن.

اختر روھيلي جي خبر موجب  موجودھ صوبائي سيٽ اَپ يعني پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواھ کي ختم ڪري ننڍن صوبن ۾ ورھايو ويندو جڏھن تہ آزاد ڪشمير ۽ گلگر بلتستان کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويندا. منصوبي موجب پنجاب کي چئن صوبن ۾ ورھايو ويندو. ھڪ صوبي سينٽرل پنجاب ھوندو جنھن جو ھيڊڪوارٽر لاھور ۾ ھوندو ۽ ان ۾ لاھور، قصور، شيخوپورہ، ننڪانہ صاحب ۽ اوڪاڙا ضلعا شامل ھوندا. ٻيو صوبو اُتر پنجاب سڏبو جنھن جي گادي راولپنڊيءَ ۾ ھوندي ۽ اُن ۾ راولپنڊي، اٽڪ، جھلم، چڪوال، ميانوالي ۽ خوشاب ضلعا شامل ھوندا. ڏکڻ پنجاب جي گادي ملتان ۾ ھوندي ۽ ملتان، خانوال، وھاڙي، لوڌران، بھاولپور ۽ رحيم يار خان ضلعا انھيءَ جو حصو ھوندا.  چوٿون ضلعو اولھ پنجاب سڏبو جنھن جو ھيڊڪوارٽر فيصل آباد ۾ ھوندو ۽ فيصل آباد، ٽوبہ ٽيڪ سنگھ، جھنگ، سرگوڌا ۽ بکر ضلعن تي مشتمل ھوندو.

بلوچستان کي بہ چئن صوبن ۾ ورھائڻ جو منصوبو ٻُڌايو ويو آھي جنھن ۾ ساحلي بلوچستان جو ھيڊڪوارٽر گوادر ۾ ھوندو ۽ گوادر، ڪيچ، پسني، اورماڙا ۽ لسٻيلو ضلعا شامل ھوندا. خضدار، قلات، مستونگ، آواران ۽ سوراب صلعن تي مشتمل سينٽرل بلوچستان جو ھيڊڪوارٽر خضدار ۾ ھوندو. اُتر بلوچستان ڪوئٽا، زيارت، پشين، قلعہ عبداللہ ۽ چمن تي مشتمل ھوندو ۽ ھيڊڪوارٽر ڪوئٽا م ھوندس. چوٿون ضلعو اوڀر بلوچستان سڏبو جنھن جو ھيڊڪوارٽر ديرا مُراد جماليءَ ۾ ھوندو ۽ ديرا بُگٽي، سِبي، نصيرآباد، جھل مگسي ۽ کِچي اُن جا ضلعا ھوندا.

خيبر پختونخواھ صوبي کي ٻن حصن ۾ ورھائي خيبر شمال يعني اُتر صوبو ٺاھيو ويندو جنھن جو ھيڊڪوارٽر پشاور ۾ ھوندو ۽ پشاور، مردان، صوابي، نوشھرہ، چارسدہ، بونير ضلعا انھيءَ ۾ شامل ھوندا. خيبر جنوبي يعني ڏکڻ صوبو ديرا اسماعيل خان، ٽانڪ، ھنگو، ڪرڪ ۽ بنون تي مشتمل ھوندو جڏھن تہ  ھيڊڪوارٽر ديرا اسماعيل خان ۾ ھوندو. 

تاريخي طور تي ھڪ ملڪ جي حيثيت رکندڙ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ جو منصوبو ٻڌايو ويو آھي جنھن موجب ھڪ صوبو سنڌ اربن يعني شھري ۽ ٻيو سنڌ ديھي يعني ٻھراڙي. شھري سنڌ جو ھيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ ھوندو جنھن ۾ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد سميت انھن ٻن ڊوازنن جا سمورا ضلعا شامل ھوندا، جڏھن تہ  ٻھراڙيءَ واري سنڌ ۾ سکر، لارۡڪاڻو، خيرپور، شڪارپور، نوابشاھ، دادو ۽ ميرپورخاص ضلعا شامل ھوندا.

روھيلو صاحب وڌيڪ لکي ٿو تہ ٽن مھينن ۾ آئيني مُسودو ۽ صوبائي حدن جي تعين جي تياري ڪئي ويندي. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان ٻہ ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڇھ مھينا لڳندا جڏھن تہ عبوري گورنر، سيڪريٽري ۽ آءِ جي مقرر ڪرڻ ۾ چار مھينا لڳندا ۽ نيون تڪبنديون ۽ چونڊون ڪرائڻ جو مُدو ڇھن کان اَٺ مھينا رکيو ويو آھي.  مستقل صوبائي گادي ۽ سيڪريٽريٽ جي تعمير لاءِ ٻن کان ٽن سالن جو مُدو ھوندو.  

خبر جي ھن حصي جا لفظ غور طلب آھن جنھن جو ٽائيٽل آھي: امڪاني ردِعمل. منصوبو ٺاھڻ وارن جو خيال پيش ڪندي لکيو ويو آھي تہ: شھري علائقن جي عوام ۾ خوشيءَ جي لھر پيدا ٿيندي ۽ ٻھراڙيءَ جو عوام محتاط ھوندو.  جڏھن تہ وفاقي سياسي جماعتون ڪريڊٽ وٺڻ جي ڊوڙ ۾ شامل ھونديون ۽ قومپرست جماعتن جي احتجاج جو امڪان آھي. منصوبو ٺاھيندڙن جو خيال آھي تہ عالمي ميڊيا انھيءَ پلان کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو انتظامي رڪارڊ قرار ڏيندو.  

اِھو تہ ٿيو وائرل ٿيل خبر جو تَتُ. ھاڻي ٿورو ياد ڪريون ايم ڪيو ايم جي ڇُٽل ڪارتوسن ڏانھن يعني پناھگير جي پُٽ پناھگير آفاق ۽ ڪجھ اھڙن ٻين جي ڪجھ عرصي کان ھلندڙ بيانن ڏانھن جن ۾ ھُنن سنڌ جي ورھاڱي جي ڳالھ ڪندي وڏي اعتماد سان چيو ھو تہ ورھاڱي جو پلان بس تيار آھي ۽ ان تي عمل جو مرحلو شروع ٿيڻو آھي. سندن اھڙن بيانن کي پڙھي سمجھن گھرجي تہ ايم ڪيو ايم جي مُئل گھوڙن کي جيئاري اھڙي قسم جا بيان ڏيارڻ ۽ مٿان وري ٻارھن صوبن جي خبر جاري ٿيڻ جون ڪڙيون ڪٿي ملن ٿيون. مٿي چئي چُڪو اھيان تہ ھن منصوبي پُٺيان سگھاريون اَڻ ڏٺل (پر اصل ۾ ڏٺل) قوتون ٿي سگھن ٿيون. الطاف حسين سميت پناھگير گھوڙن جون خالق بہ اھي ئي قوتون ھيون ۽ ھاڻ بہ انھن مُئل گھوڙن کي جيئاري اھرا بيان ڏيارڻ پُٺيان اصل مقصد سمجھي سگھجن ٿا. وري خاص طور خبر جي پڇاڙيءَ ۾ امڪاني رد عمل ۾ اھو چوڻ تہ شھري علائقن جا ماڻھو خوش ٿيندا، بلڪل واضح اشارو آھي تہ سموري سازش بنيادي طور سنڌ کي ورھائڻ جي آھي، ڇو تہ شھري ۽ ٻھراڙيءَ وارو تصور صرف سنڌ ۾ ئي اُڀاريو ويو آھي.

پلان جي اسڪرپٽ لکندڙن کي اندازو آھي تہ پنجاب کي چئن صوبن ۾ ورھائڻ سان ڪو فرق ڪونہ پوندو. جيتوڻيڪ پنجاب ۾ سرائڪي صوبي جو مطالبو ٿيندو رھيو آھي، پر اُتي سرائڪي تحريڪ گھڻي سگھاري ڪانھي. ٻيو تہ ھڪ ڌڪ ۾ سرائڪي علائقن کي ٻن حصن ۾ ورھائي ٻہ صوبا ٺاھڻ سان ھُو ڪجھ سرائڪي مستقل مفاد کي بہ خوش ڪري رھيا آھن. باوجود انھيءَ جي تہ پنجاب چئن صوبن ۾ ورھائبو پر مرڪز ۾ وري بہ اھي ئي ماڻھو سگھارا ھوندا جيڪي اڄ آھن.

خيبر پختونخواھ کي ٻن صوبن ۾ ورھائڻ جو مطالبو بہ اڳي ٿيندو رھيو آھي. خاص طور ھزارہ وارو علائقو قديمي طور الڳ سُڃاڻپ ھجڻ جي ڪري الڳ صوبي جو گھرجائو رھيو آھي. ڏسڻو اھو آھي تہ خيبر پختونخواھ جي نئين حدبنديءَ تي ڪي اعتراض اُٿن ٿا يا نہ؟ بلوڍستان جي چئن صوبن ۾ ورھاڱي تي بہ اڃان ردعمل گھڻو ظاھر ڪونہ ٿيو آھي. ڏسجي تہ بلوچستان جا سردار ۽ خان يعني بلوچ سردار ۽ پٺاڻ توڙي قومپرست ڌُريون ڪھڙو ردعمل ڏيکارين ٿا.

رھي ڳالھ سنڌ جي، سو سنڌ جو ورھاڱو اھڙو ڪنڊو ثابت ٿيندو جيڪو پڪ ئي پڪ ظاھر توڙي لڪل حڪمرانن جي نڙيءَ ۾ ڦاسندو. سنڌ تاريخي طور ھڪ جدا مُلڪ ھيو جنھن اُن وقت جي سنڌي اڳواڻن جي مفادن يا بيوقوفيءَ جي ڪري پنھنجي حيثيت حيثيت وڃائي نئين ملڪ ۾ ھڪ صوبي جي حيثيت کي قبول ڪيو ھو. سنڌ جي صوبي واري حيثيت بہ حڪمرانن کي قبول نہ پئي تہ ون يونٽ جوڙي صوبن جي حيثيت ئي ختم ڪئي وئي. سنڌين جي ھڪ دگھي جدوجھد جي نتيجي ۾ نيٺ ون يونٽ ختم ٿيو. موجوده صوبائي جوڙجڪ 1970ع ۾ قائم ٿي جنھن ۾ پڻ سنڌ سان ناجائزي ڪندي ھڪ اڌ ٽڪرو پنجاب کي ڏنو ويو تہ ڪجھ حصا بلوچستان جي نالي سان قائم ٿيل صوبي ۾ شامل ڪيا ويا. سنڌي قيادت انھيءَ تي بہ خاموش رھي جڏھن تہ بلوچستان جي قيادت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ بہ اک وجھيو ويٺي ھئي.

ھاڻ سنڌ لاءِ وري ھڪ آزمائش جو نئون دور شروع ٿيڻ وارو آھي. اڳي ون يونٽ مڙھي سنڌ جي سُڃاڻپ ختم ڪئي وئي ۽ ھاڻ انھيءَ کي ڀاڱا ڪري سندس وُجود تي وار ڪيو پيو وڃي. روھيلي جي خبر موجب ”ماهرن جي مطابق انتظامي بنيادن تي صوبن جي ورڇ سان ترقياتي فنڊز جي منصفانه تقسيم، تيز حڪمراني ۽ مرڪز سان هم آهنگي ممڪن ٿيندي“ پر حقيقت ۾ اھومنصوبو پنھنجي جاءِ تي پاڪستان جي پاڙُن کي ڪمزور ڪندو. اسڪرپٽ لکندڙ سمجھن ٿا تہ رياستن کي ورھائڻ جا تجربا ڀارت، نائڄيريا ۽ ايٿوپيا جهڙن ملڪن ۾ ڪامياب ٿيا آھن، پر کين ياد رکڻ گھرجي تہ ٻين صوبن کي ڀاڱا ڪرڻ ۾ ممڪن آھي تہ کين ڏکيائي نہ ٿئي پر ھيءَ سنڌ آھي. سنڌ جو وھاڱو سنڌين جي زندگي ۽ موت جو معاملو ھوندو.

ھيءُ جائزو لکندي منھنجي نظر نامياري اقتصادي ماھر قيصر بنگاليءَ جي ھڪ مختصر تبصري تي پئي جنھن ۾ ھُن حڪمرانن کي واضح ڪيو آھي تہ ”ڪراچيءَ کي صوبو ٺاھڻ ھڪ ٻئي اسرائيل کي جنم ڏيڻ برابر آھي.“ سندس اھو بيان مونکي ھِن خطي ۾ آمريڪا جي دلچسپي ۽ عمل دخل ڏانھن بہ اشارو لڳي ٿو. گھڻا ڏينھن ڪونہ گذريا آھن جو پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪي اھڙا ٺاھ ٿيا آھن جن جي تفصيلن جي پروڙ سڀني کي آھي. ممڪن آھي تہ ھن منصوبي ڪڙي بہ انھيءَ سان ملني ھجي.

______________   

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. جڏهن پنهنجا ماڻهو بي شرم هوندا آهن ۽ انهن جو مقصد دولت ۽ طاقت هوندو آهي، ته اهي هڪ طوائف وانگر هوندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button