عالمي رابطي جو غلط تصور ۽ مادري ٻولين جي اھميت
ڪيترن ئي ماڻهن جو اهو خيال آهي ته جيڪڏهن سنڌي ٻارن کي سنڌي ۾ پڙهايو ويو ته اهي عالمي ٻولين جهڙوڪ انگريزي کان محروم رهجي ويندا، پر اها هڪ غلط ۽ بنياد کان خالي سوچ آهي
تحقيق ٻڌائي ٿي ته جنهن ٻار جو بنياد پنهنجي مادري زبان ۾ مضبوط هوندو آهي اهو ٻيون ٻوليون به سولائيءَ سان ۽ وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ سکي سگھي ٿو.
مادري زبان ۾ تعليم ٻارن جي ذهني واڌ، ثقافتي سڃاڻپ ۽ روشن مستقبل لاءِ اڻٽر قدم آھي
عبدالله عثمان مورائي
تعليم هڪ اهڙو بنياد آهي، جنهن تي نه رڳو فرد پر سڄي قوم جي عمارت اڏي ويندي آهي. پر هن بنياد جي مضبوطيءَ جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته تعليم ڪهڙي زبان ۾ ڏني وڃي ٿي. انسان جي پنهنجي مادري زبان، يعني اها زبان جيڪا هن جي ماءُ کيس سيني ۾ سنڀالي، لوليون ڏيئي، ۽ قصا ڪهاڻيون ٻڌائي سيکاري، ان جو اثر ٻار جي سموري شخصيت تي پوندو آهي. جڏهن سنڌي ٻارن کي سندن مادري زبان ۾ تعليم ڏني ويندي آهي ته اها سندن ذهني، فڪري، ۽ ثقافتي ترقيءَ جو رستو هموار ڪري ٿي. اڄ جي دنيا ۾ جتي عالمي ٻولين جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي، سنڌي ٻارن جي تعليم سنڌي ۾ ڏيڻ اڄ جي وقت جي هڪ اڻٽر ضرورت آهي.
ٻارن جي ذهني ۽ فڪري واڌ
ماهرن جي تحقيق ثابت ڪيو آهي ته ٻار دنيا بابت سڀ کان پهرين پنهنجي مادري زبان ۾ سوچيندا آهن. سندن دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ هر سوال، هر تجسس ۽ هر نئون خيال پهرين مادري زبان ۾ جنم وٺندو آهي. اهڙي صورت ۾ جڏهن کين مادري زبان ۾ پڙهايو ويندو آهي ته اهو علم کين رڳو ياد ڪرڻو نه پوندو آهي پر اهي ان کي پنهنجي ذهن جي حصي طور پاڻمرادو قبول ڪندا آهن. سنڌي ٻارن لاءِ سنڌيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان اهي منجهيل مضمونن جهڙوڪ سائنس، رياضي ۽ فلسفي کي بهتر نموني سمجهي سگھندا. ان جي ابتڙ جيڪڏهن ٻار کي اهڙي زبان ۾ پڙهائجي جيڪا سندس مادري زبان نه آهي ته کيس ٻه ڀيرا محنت ڪرڻي پوندي، هڪ نئين زبان جي قاعدن کي سمجھڻ ۽ ٻيو نئين مضمون کي پڪڙڻ ۽ سمجهڻ. اها شئي ٻارن جي ذهني صلاحيتن کي دٻائي ٿي ۽ انهن ۾ تعليمي فرق (linguistic gap) پيدا ڪري ٿي، انهيء صورتحال ۾ جتي ٻار ڳالهائي ته سگھندو آهي پر اونهي سوچ يا فڪر کي پوري طرح بيان نه ڪري سگهندو آهي. سنڌي ۾ تعليم ملڻ سان ٻارن جي خود اعتمادي وڌندي ۽ اهي پنهنجي خيالن جو اظهار بنا ڪنهن ڏکيائيءَ جي ڪري سگهندا.
ثقافتي سڃاڻپ ۽ ورثو

زبان ڪنهن به قوم جي ثقافت جو سڀ کان اهم جز آهي. سنڌي ٻولي صرف رابطي جو ذريعو ناهي، پر اها سنڌ جي هزارين سال پراڻي تاريخ، شاهوڪار ادب ۽ انوکن فنن جو آئينو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان ٻار سڌو سنئون پنهنجي ثقافتي ورثي سان ڳنڍجي ٿو. اهي دنيا جي عظيم شاعرن جهڙوڪ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي ۽ بيدل جي شاعري ۽ اونهي فلسفي کي سڌو سنئون پڙهي ۽ سمجهي سگهندا. ان سان گڏ اهي پنهنجي لوڪ ڪهاڻين، صوفياڻن راڳن، ۽ سنڌي رسمن کان به باخبر رهندا. اها واقفيت ئي انهن ۾ پنهنجي سڃاڻپ لاءِ فخر جو احساس پيدا ڪندي ۽ اهي پنهنجي پاڙن سان جڙيل رهندا. جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻارن کي پنهنجي مادري زبان کان پري رکون ٿا ته ان جو مطلب آهي ته اسان کين پنهنجي ثقافت، پنهنجي تاريخ، ۽ پنهنجي ورثي کان محروم ڪري رهيا آهيون. اها هڪ اهڙي نقصان واري ڳالهه آهي جيڪا قومي طورتي اسان کي وڏو ڌڪ رسائي سگهي ٿي.
عالمي رابطي جو غلط تصور
ڪيترن ئي ماڻهن جو اهو خيال آهي ته جيڪڏهن سنڌي ٻارن کي سنڌي ۾ پڙهايو ويو ته اهي عالمي ٻولين جهڙوڪ انگريزي کان محروم رهجي ويندا، پر اها هڪ غلط ۽ بنياد کان خالي سوچ آهي. تحقيق ٻڌائي ٿي ته جنهن ٻار جو بنياد پنهنجي مادري زبان ۾ مضبوط هوندو آهي اهو ٻيون ٻوليون به سولائيءَ سان ۽ وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ سکي سگھي ٿو. مادري زبان ۾ حاصل ڪيل فڪري صلاحيتون ٻيون ٻوليون سکڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. دنيا ۾ ڪيترائي ترقي يافته ملڪ مثال طور جرمني، فرانس، جپان ۽ چين به آهن، جتي پرائمري تعليم کان وٺي اعلي تعليم تائين جو ميڊيم سندن مادري ٻولين ۾ آهي، ان هوندي به انهن جا ماڻهو عالمي طور تي ڪامياب ۽ ڪيترين ئي ٻولين ۾ ماهر آهن. تنهنڪري سنڌيءَ ۾ تعليم اسان جي ٻارن کي پٺتي نٿي ڌڪي، بلڪه انهن کي اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ مضبوط پليٽفارم ڏئي ٿي.
حڪومت، سماج ۽ والدين جي ذميواري
مادري زبان ۾ تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ذميواري صرف حڪومت تي نه پر اسان سڀني تي آهي. حڪومت کي گھرجي ته سنڌيءَ ۾ معياري نصاب، جديد ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل تدريسي مواد ۽ باصلاحيت استادن جي فراهمي کي يقيني بڻائي. والدين جو فرض آهي ته هو گهر ۾ ٻارن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائين، سنڌي ڪتاب ۽ رسالا پڙهائن ۽ سنڌي ادب سان متعارف ڪرائن. سماج کي پڻ سنڌي ٻوليءَ کي فخر سان استعمال ڪرڻ گھرجي. اها اسان سڀني جي گڏيل ڪوشش آهي جيڪا سنڌي ٻولي کي مضبوط ۽ ان کي تعليمي ميدان ۾ صحيح مقام ڏياريندي.
چوڻ جو مقصد ته مادري زبان ۾ تعليم اسان جي ايندڙ نسل جي ذهني ۽ فڪري واڌ، ثقافتي سڃاڻپ ۽ روشن مستقبل لاءِ هڪ اڻٽر قدم آهي. اها نه رڳو تعليم کي آسان بڻائي ٿي پر ٻارن کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ ورثي سان مضبوطي سان ڳنڍي ٿي. اچو ته اسان سڀ هن اهميت کي سمجهون ۽ سنڌي ٻوليءَ کي تعليمي ميدان ۾ ان جو جائز مقام ڏيارڻ لاءِ گڏجي ڪوشش ڪريون ته جيئن سنڌ جو مستقبل اهڙن بااختيار، بااعتماد ۽ پنهنجي ثقافت تي فخر محسوس ڪندڙ ماڻهن جي هٿن ۾ محفوظ رهي.
___________
عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر ۽ سنڌي، انگريزي توڙي اُردو ٻولين جو ناميارو ليکڪ آھي