هڪڙو ”شمشير“ هو زماني ۾ …
شمشيرالحيدري هڪ دور جو نالو آهي، اهو دور جنهن ۾ سنڌ جون سياسي، سماجي، ادبي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تحريڪون وجود ۾ آيون. هي اهو شخص هو جنهن پنهنجي ساٿين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو ڪيو
مُشتاق ٽانوري
دروازو کليل آهي.من ڪوئي اچي نڪري،
هر بات بڻيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.
بيداد هن بستيءَ ۾ ”شمشير“ جيهو جوڳي،
ڪجھ ڏينهن ٽڪيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.
شاعر صرف لفظن جا ئي ڪاريگر نه پر انساني جذبن جا به عڪاس هجن ٿا. شاعري، جنهن جو تعلق شعور سان آهي. اها شاعري جنهن ۾ ساحري به هجي سا يقينن پڙهندڙن جي دلين ۾ جايون جوڙي ٿي. اهڙي شاعريءُ جي سرجيندڙن ۾ تمام اهم نانءُ شمشير الحيدري جو به آهي جنهن پنهنجي حياتيءَ جا اسي سال شاعري جي ڏات جا موتي ورهايا. هن اهي اسي سال هڪ ئي نظريي ۽ اصول تحت گذاريا، ۽ سندس اصول جو بنيادي نقطو هو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين سان سچائي.
شمشيرالحيدري هڪ دور جو نالو آهي، اهو دور جنهن ۾ سنڌ جون سياسي، سماجي، ادبي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تحريڪون وجود ۾ آيون. هي اهو شخص هو جنهن پنهنجي ساٿين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو ڪيو. ڌرتيءَ ڌڻين کي سندن حقن جي آگاهي واري مهم کان ويندي اقتداري ايوانن تائين پنهنجو آواز پهچائڻ واري عمل ۾ سدائين اڳڀرو رهيو. هو نه وڏيرو هو نه ڪو تمام گھڻو شاهوڪار پر هن اهي سمورا ڪم پنهنجي لکڻين ۽ عملي جدوجهد وسيلي ئي ڪيا. سندس شخصيت جا ڪيترا ئي پهلو آهن. هو هڪ ئي وقت آزاد نظم ۽ گيت جو سهڻو شاعر به آهي ته بهترين ڊرامه نگار، برجستو ڪالم نويس، بيباڪ صحافي ۽ ارڏو ايڊيٽر پڻ. جيتوڻيڪ پاڻ ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي به رهيو پر پنهنجي مؤقف تان ڪڏهن به پٺتي نه هٽيو. بنا ڪنهن شڪ جي هُو پيار جي وکر جو وڻجارو هو، جيڪو سُونهن ۽ سُرت جهڙا ناياب وَڙ ئي سوديندو هو. هُو فقيريءَ ۾ اميريءَ کي لَکائڻ ۽ بادشاهيءَ کي فقيري ڪري ڀانئڻ جا گُرَ خُوب ڄاڻندو هو. هُو رات کي ڏينهن جو رُوپ ڏئي سگهندڙ اهڙو ڏات ڌڻي هو؛ جنهن اُصولن جي اَمُلهه اَثاثي جِي مالڪِي ڪئي. ڪِرت جي ڪمال، پورهئي بي مِثال، تخليق جي جمال ۽ قلم جِي حُرمت جو ڀرم برقرار رکيو. ڳُوڙهن اڀياسن ۽ اُتساهيندڙ قلمي پورهين وارِي رياضت ڪئي. سنڌيت سان ثابت قدم رهندي؛ ديسُ جاڳائڻ وارا گيت ۽ نظم لکيا. ڌرتيءَ ڌڻين جي مفادن جي وارثي ڪئي. ادب ۾ جديد نون لاڙن ۽ صنفن جِي آجيان لاءِ راهُون هموار ڪرڻ ۾ پنهنجو مُدبرانه ڪِردار ادا ڪيو. هن هيڻي جِي ڀَرِ ڏاڍي تي ڏمر وارن شعُور ۽ سجاڳيءَ جي حسين هٿيارن مان تادم هٿ ڪو نه ڪڍيو. وفا جا موتي ورهائي ويندڙ اُن وِينجَهرُ کي سِنڌُ اَڄُ شمشيرالحيدرِيءَ جي نانءَ سان ساري ٿي، پَچاري ٿي.
ڪٿي آهي شمشير جو چنگُ چوري،
زمانو ته ڀُلجي ويوچارڻ جون ڳالهيون!

نامياري شاعر، اديب، صحافي ۽ حڪيم شمشير علي خواجه، رسول بخش خواجه جي گھر ۾ 15 سيپٽمبر 1931ع تي شهر ڪڍڻ ،ضلعي بدين ۾ ڄائو. هُن ابتدائي تعليم بدين مان حاصل ڪئي ،وڌيڪ تعليم وٺڻ لاءِ 1948ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو ،جتان هڙتال ڪرائڻ جي الزام ۾ کيس اسڪول مان ڪڍيو ويو. سال 1950ع ۾ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو ۽ مئٽرڪ ڪري نه سگهيو .ڪجھه وقت کانپوءِ وري تعليم وٺڻ شروع ڪيائين. اين .جي .وي اسڪول ڪراچي ،نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ لارينس اسڪول ٽنڊي باگي ۾ پڙهيو .سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان بي .اي ۽ پوءِ 1963ع ۾ ايم .اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين. ايم .اي آخري سال لاءِ هن‘ پوئٽ فار آل ٽائمز ۽ سنڌ جي آزاد شاعري’ جي عنوان سان مونوگراف لکيو. ديني تعليم ،حاجي احمد ملاح جي مدرسي ،بدين مان حاصل ڪيائين.
شمشير الحيدريءَ عملي طور تي ڪيترن ئي کاتن ۾ ملازمت جا فرض سر انجام ڏنا، پاڻ بدين ۾ 1950ع ڌاري سارين جي مِل تي منشي ،1951ع ۾ آبپاشي کاتي ۾ ٽيليفون آپريٽر ،1952ع ۾ ايگريڪلچر ڪوآپريٽو ڪريڊٽ بئنڪ بدين ۾ مئنيجر ،1954ع ۾ روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ،1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران نڪرندڙ ٽه ماهي رسالي‘ مهراڻ’ ۾ ڪلارڪ ،پوءِ مهراڻ رسالي ۾ 1956ع کان 1966ع تائين اسسٽنٽ ايڊيٽر ،وفاقي حڪومت جي انفرميشن اينڊ براڊڪاسٽنگ کاتي پاران نڪرندڙ ماهوار رسالي‘ نئين زندگي ’۾ 1965ع کان 1977ع تائين ايڊيٽر ،1977ع ۾ پ پ پ جي حڪومت ۾ وفاقي مواصلاتي وزير ممتاز ڀُٽي پاران ڪميونيڪيشن انفارميشن سيل ۾ ڊپٽي مئنيجر ،1988ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ 19 گريڊ ۾ چيف آف پبلڪ رليشنز طور پنهنجا فرض نڀايا .پوءِ ترقي ماڻي 20 گريڊ ۾ ڊيپوٽيشن تي يوٿ انويسٽمينٽ پروموشن بيورو ۾ پراونشل چيف ٿيو ،جنهن عهدي تان بعد ۾ رٽائر ٿيو .1993ع کان 1995ع تائين ٻه سال سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. شمشيرالحيدري سنڌي ادبي سنگت جي بنياد وجهندڙن مان هو .ناليواري اديب اياز قادريءَ جي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان 1956ع ۾ استعيفا ڏيڻ بعد شمشير سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيو .هيءُ پهريون شخص آهي، جنهن مسلسل 10 سال ان عهدي تان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪئي ۽ تنظيم کي منظم ڪيو .هن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي بنيادي مسئلن لاءِ آواز اٿاريو ،جن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو جائز مقام ڏيارڻ لاءِ مختلف ادارن جو قيام ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ريڊيو ،ٽيليويزن ،تعليمي ادارن ۽ روڊن رستن تي استعمال شامل آهن.
شمشيرالحيدريءَ کي ابتدا ۾ ادب سان ڪوبه لڳاءُ نه هو ،پر سندس مامي ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ سندس ذهني تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو .اهڙيءَ طرح هن کي علمي ۽ ادبي ذوق پيدا ٿيو ،جيڪو سندس ويجھي دوست اختر رضويءَ جي صحبت ۾ اڃا به وڌيڪ پختو ٿيو .مهراڻ رسالي ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ محمد ابراهيم جويي ۽ مولانا غلام محمد گراميءَ سندس تمام گهڻي رهنمائي ڪئي. شمشير الحيدري هونئن ته عروض جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪري پاڻ مڃرايو ،پر آزاد نظم نهايت ئي ڪاميابيءَ سان لکيائين .شمشيرالحيدريءَ کي آزاد نظم جي باني شاعرن ۾ ليکيو وڃي ٿو .هن غزل کي به نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ لکيو .شمشير الحيدري جو ڪيترو ئي ڪلام مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳائجي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. هن مزاحيه شاعري پڻ ڪئي. شمشيرالحيدري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي پروگرامن ۽ مشاعرن جو ميزبان رهيو .هن ريڊيو لاءِ ڪيترائي ڊراما ۽ گيت پڻ لکيا .هو ريڊيو تي نشر ٿيندڙ مختلف موضوعن تي ليڪچر ڏيندڙ ،فيچر رائيٽر ،انٽرويو ڪندڙ پڻ رهيو .پي ٽي ويءَ تان جڏهن سنڌي پروگرام جاري ٿيا ته هو پي ٽي وي جو پهريون سنڌي ڪمپيئر ۽ پهريون نيوز ڪاسٽر هو .هن مرزا قليچ بيگ جي پهرئين ناول‘ زينت ’کي ڊراماٽائيز ڪيو .جيڪي عبدالڪريم بلوچ جي ميزبانيءَ ۾ پي ٽي وي تان پيش ٿيو .پي ٽي وي تان نشر ٿيندڙ پهريون گيت به شمشير کان لکرايو ويو. بعد ۾ هن سوَن جي تعداد ۾ ڊاڪيومينٽريون ۽ ڊراما لکيا .سندس لکيل هڪ ڊرامو‘ ڪاڪ محل’ بيحد مقبول ٿيو.
شمشيرالحيدري صحافتي زندگيءَ جو آغاز 1952ع ڌاري بدين کان نڪرندڙ هفتيوار سنڌي اخبار‘ اعلانِ حق’ کان ڪيو .1983ع ۾ روزاني مهراڻ اخبار حيدرآباد جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ،جنهن دوران هن جنرل ضياءَالحق خلاف هلندڙ تحريڪ ايم آر ڊي کي پڻ هٿي ڏني ،جنهن سبب کيس فارغ ڪيو ويو .1984ع ۾ محمد ابراهيم جويي جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار‘ هدايت’ ۾ ڪم ڪيو ،بعد ۾ ماهوار‘ هلچل’ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر مقرر ٿيو .1989ع ۾ بيگم نصرت ڀٽو کيس روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو .ان کان سواءِ روزاني‘ مومل’ ڪراچي ،ساڻيهه ڊائجسٽ ،پارس ،روزاني خلق ،هفتيوار اعلان حق ۽ ٻين ڪيترين اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
شمشير ،سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو بنيادي ميمبر ،روشن تارا اسڪولن جو پهريون ائڊمنسٽريٽر ،۽ سگا پاران نڪرندڙ رسالي‘ حياتي’ جو ايڊيٽر ،پاڪستان رائيٽر گلڊ جو باني ميمبر ،ورڪرس يونين حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري ،اولهه پاڪستان ليبر فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر ،آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جو ميمبر، هو فلم سينسر بورڊ جو ميمبر، پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل جو ميمبر ،پريس ڪلب ڪراچيءَ جو ميمبر ،ايوان صحافت بدين جو تاحيات اعزازي ميمبر پڻ رهيو .
شمشير جي ڇپيل ڪتابن ۾انسان ڪامل، ڪاروان ڪربلا، پورس جا هاٿي، تنهنجون ڳالهيون سڄڻ، لاٽ، تاريخ سنڌ :ڪلهوڙا دور، سوکڙي، آمريڪا جو سياسي سرشتو، بهترين سنڌي ادب، سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر، سنڌي شاعريءَ جو اڀياس، ڪاڪ محل، تاريخ جو ڪچرو، سجاڳ سانگهڙ، ايڪسپلورنگ سنڌ، ڪئنڊيڊ، فليم اينڊ فليوٽ، پويٽ فار آل ٽائيمس، پيار جا نو گيت، سنڌ اپڊيٽ، روشن تارا، سنڌي شاعريءَ جو اڀياس قابل ذڪر آهن.
شمشير الحيدري جھڙا انسان جن پنهنجيون زندگيون سڦل، مقصدن جي حاصلات ڪندي گذاريون ۽ عام ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ جايون جوڙيون انهن لاءِ تمغا ۽ اعزاز جيتوڻيڪ ڪا به اهميت رکندڙ نه ٿا هجن پر سندن مانَ ۽ مڃتا ۾ کين ايوارڊ ۽ تمغن سان به نوازيو وڃي ٿو. حيدريءَ پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي ايوارڊ حاصل ڪيا انهن ۾: پاڪستان ٽيليوزن پاران ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ايوارڊ، سنڌي اڪيڊمي دهلي پاران ايوارڊ، مارئي: دهلي، سمبارا ٽاپ ٽين، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل، عوامي آواز سٿ، ماهوار نئين زندگي پاران ايوارڊ، بزمِ جنگ، پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل پاران ايوارڊ ۽ صدارتي ايوارڊ پرائڊ آف پرفارمنس شامل آهن.
شمشير سنڌ جي ترقي پسند ادب جو شهسوار هو. هو نه ڪنهنجي اڳيان جهڪيو نه وري سندس قلم لکڻ کان رڪيو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جڏهن هو مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ته پاڻ ڀيڙ تي ڏونڪو جي عنوان سان ڪالم ۾ صدر ضياء جي مارشلا خلاف لکندو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ستت ئي کيس اخبار ڇڏرائي وئي پر هن اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪئي. هو سدائين سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جي خلاف لڙيو آهي ۽ لکندو رهيو آهي ۽ هو سچ جو ساٿاري رهيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهندي هن ٽه ماهي مهراڻ جي اسٽنٽ ايديٽر جا انتطام سنڀاليا ۽ ترقي پسند ليکڪن خاص ڪري شيخ اياز جي شاعري کي تمام سٺي نموني ڇاپيو. انکاسواء پاڻ ادبي سنگت ۾ رهندي ون يونٽ جي خلاف مئوثر تحريڪ جو حصو رهيو خاص ڪري سنڌي بوليء تي لڳايل پابندين خلاف هنن انڊر گرائونڊ تحريڪ هلائي. سنڌي ادبي سنگت کي جياپو ڏيڻ ۾ سندس نالو اڳ کان اڳرو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بنيادي ميمبرن مان هجڻ سان گڏ تنظيم جي آئين ۽ ڍانچي کي ٺاهڻ ۾ به سندن وڏو ڪردار رهيو آهي.
سندس شاعري جي شروعات آزاد نطم سان ٿي ۽ پاڻ کان جڏهن به پڇبو هيس ته چوندو هو ته مان شاعر ناهيان بس ضرورت تحت شاعر ٿي ويو آهيان. هو چوندو هو ته هن کان شاعري لکرائي وئي آهي. خاص ڪري ٽي وي پروڊيوسر ڪو ٽائٽل گيت يا ڪو نظم جي فرمائش ڪري کيس لکڻ تي مجبور ڪندا رهيا هئا. جڏهن شمشير کان پڇبو هو ته سندس پسنديده شاعر ڪهڙو آهي ته سندس جواب عجيب ملندو هو، هو چوندو هو ته منهنجو پسند جو شاعر ڪوبه ناهي مان ئي پنهنجو پسنديده شاعر آهيان.
شمشير اعليٰ پائي جو ڊرامه نگار پڻ هو. سندس ڊرامه خاص ڪري پي ٽي وي تي گهڻو مقبول ٿيا. شمشير جي ڊرامن ۾ تفريح سان گڏ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي روايتن جو عڪس نظر ايندو آهي. ٽيليوزن تي هو سچ ته ڄڻ سنڌي جو بانيڪار آهي، هن ئي سنڌي پروگرامن جي شروعات لاء فنڪار، سازندا، شاعر هٿ ڪري محترم عبدالڪريم بلوچ جي حوالي ڪيا هئا. شمشير ٽي وي جي سنڌي پروگرامن جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر ۽ پهريون ڪمپيئر پڻ هو.
شمشير الحيدريءَ ،زندگيءَ جي آخر ۾ بينائي ختم ٿي وئي. هن 10 آگسٽ 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي .سندس تدفين ڪراچيءَ جي تاريخي قبرستان چوڪنڊيءَ ۾ تاجل بيوس جي قبر جي ڀر ۾ ڪئي وئي .سندس وفات بعد مختلف شخصيتن جي مضمونن ۽ مقالن تي لکيل ڪتاب سندس فرزند ظهير حسين حيدريءَ‘ موليٰ تي ننگ، مير حسن آريسر جبل ۽ مهرالنساءِ لاڙڪ شمشيرالحيدري :فن ۽ شخصيت نالي سان ترتيب ڏنا آهن. شمشير جي ڪل شاعريءَ جو گڏيل مجموعو تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو نالي سان ڇپيل آهي. ان کان سواءِ ٽماهي مهراڻ رسالي جو شمشيرالحيدري نمبرشايع ٿيو.
شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي،
محفل کي مچائيندو، اُن جو ئي سُخن شايد!
_________________