سنڌ جي تعليمي تباھيءَ تي ساڃاھ وندن جي خاموشي
سنڌ جا ستر لک ٻار اسڪول کان ٻاھر آھن، سنڌ جي 50 ھزار اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون ناھن. 70 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي ناھي
سنڌ جي ھڪ بہ گرلز اسڪول ۾ واش روم فنڪشنل ناھي جنھن جي ڪري سنڌ جون نياڻيون اسڪول نٿيون اچن
سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن جي ڇپائي جا ٺيڪا بہ اديبن ۽ صحافين کي ڏنا وڃن ٿا جيئن ھو مڪمل خاموش رھن.
ماجد مقصود
اڄ کان رڳو چار سال اڳ جي سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ سنڌ جي تعليم تي اوھان کي ڪافي مضمون ملي ويندا. دوستن ڪمال جا مضمون سنڌ جي تعليم تي لکيا آھن، مان پاڻ انھن کي پڙھي پڙھي ٿورو گھڻو لکڻ سکيو. تعليم جي اداري ۾ گھڻو وقت ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ شين جو اندازو ٿيو تہ سنڌ جي تعليم ڪئين تباھ ڪئي پئي وڃي. مگر چئن سالن کان جڏھن تعليم جي وزارت سنڌ جي مھا اديب ۽ شاعر سردار شاھ جي ھٿ ۾ آھي، ڪنھن وڏي رائيٽر تعليم تي لکڻ جي زحمت نہ ڪئي آھي. ڪجھ ڪمن جي ڪري ان جي واھ واھ سوشل ميڊيا تي ضرور ڪئي اٿن مگر تعليم جي مسلسل رباھيءَ تي ھو ھڪ لفظ ڳالھائڻ لاءِ تيار نہ آھن.
ڪجھ دوستن جو خيال آھي تہ اگر تعليم جي وزارت ڪنھن ٻئي پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ وٽ ھجي ھا تہ اُھي ساڳيا دوست ضرور لکن ھا مگر سردار شاھ جي وزارت تي ھو لکڻ جو سوچي بہ نٿا سگھن . اھو ماڻھن جو صرف خيال ناھي مگر ان بابت شاھديون پڻ ملن ٿيون تہ پيپلزپارٽي ھڪ بھترين حڪمت عملي جوڙي آھي جنھن ۾ سنڌ جي سڀني ساڃاھ وندن ماڻھن کي خريد ڪري خاموش ڪرايو ويو آھي. سنڌ ۾ تعليم گھٽ ھجڻ جي ڪري بہ سنڌ ۾ پڙھيل ڳڙھيل ماڻھن جو تعداد تمام گھٽ آھي، ۽ پڙھيل ڳڙھيل ماڻھن مان بہ ڪافي سنڌي تہ سنڌ کي ڇڏي ٻاھر آباد ٿي ٿا وڃن ۽ جيڪي سنڌ رھجي ٿا وڃن انھن ۾ تمام ٿورو تعداد آھي جيڪي اخبارن ۾ پنھنجا مضمون لکن ٿا. اسان جي يونيورسٽين جا پروفيسر ۽ استاد گورنمينٽ جي نوڪري جي چڪر ۾ نہ لکندا آھن، ۽ ٿورا گھڻا پروفيسر جيڪي لکن ٿا اُھي بہ صرف ڪجھ مسئلن تي لکن ٿا ۽ انھن مان گھڻن جي بہ ڪوشش ھوندي آھي تہ ڪٿي حڪومت اسان کان ناراض نہ ٿي وڃي.
سنڌ جي تعليم جي وزارت پنھنجي ڪارگردگي ءَکان وڌيڪ جيڪو سنڌ جي ساڃاھ وندن کي وائکو ڪيو آھي، اھو بہ ھڪ تاريخي ۽ ڪمال جو ڪم آھي ۽ سنڌ جي ماڻھن کي ٻڌايو آھي تہ اوھان جي ساڃاھ وندن شاعرن، اديبن جو سنڌ جي تعليم جي تباھي تي ڪھڙو مجرمانو ڪردار آھي.
سائين سردار شاھ وٽ تعليم سان گڏ ثقافت جي وزارت پڻ رھي آھي. انجي دور ۾ سنڌ ۾ ميلن جي دور جي شروعات ٿي. ھن سنڌ جي سڀني ٽرينڊ سيٽلرز ۽ اديبن ۽ رائيٽرن کي ميلن ۾ ڪردار ڏيئي انھن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو. انھن ۾ ڪجھ صحافي پڻ آھن . ان کان سواءِ ھر شھر جي ميلي ۾ سڀني نالي وارن اديبن شاعرن لکارين کي گھرائي انھن کي چيڪ ڏيئي خاموش ڪيو ويو ۽ ھو سڀ ھاڻي عظيم عظيم ڪندا وتن. ڪجھ وري اھڙا رائيٽر بہ آھن جيڪي بين الاقوامي ادارن سان ڪم ڪن ٿا. انھن کي پئسن جي ضرورت ناھي مگر انھن کي ھزارن جي تعداد ۾ حڪومت آڊينس مھيا ڪري ڏيندي آھي تہ اُھي پنھنجا ڪارناما ٻڌائين. ان کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن جي ڇپائي جا ٺيڪا بہ اديبن ۽ صحافين کي ڏنا وڃن ٿا جيئن ھو پنھنجو ڪم ھلائين ۽ مڪمل خاموش رھن.
ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي تہ ھن وقت سنڌ جي 50 سيڪڙي کان وڌيڪ آبادي آڻپڙھيل آھي، سنڌ جا ستر لک ٻار اسڪول کان ٻاھر آھن، سنڌ جي 50 ھزار اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون ناھن. 70 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي ناھي، غريب مسڪينن جا ٻار گرميءَ جي ڏينھن ۾ 45 کان 50 پَد تي اسڪول ۾ ويھن ٿا. 90 سيڪڙو اسڪولن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي موجود ناھي. ڪجھ ڏينھن اڳ اڳوڻي سيڪريٽري ناھيد شاھ ھڪ پريزنٽيشن اقبال ترين جي ڪيل ويبنار ۾ ڏني آھي جنھن ۾ ھُن ٻڌايو آھي تہ سنڌ جي ھڪ بہ گرلز اسڪول ۾ واش روم فنڪشنل ناھي جنھن جي ڪري سنڌ جون نياڻيون اسڪول نٿيون اچن. سنڌ ۾ رڳو 15 سيڪڙو پوسٽ پرائمري اسڪول آھن ۽ ان جي ڪري وڏي تعداد ۾ ٻارن وٽ پرائمري کان پوءِ پڙھڻ لاءِ اسڪول موجود ناھي. ان کانسواءِ مختلف سروي رپورٽ ٻڌائين ٿيون تہ سنڌ جي اسڪولن ۾80 سيڪڙو ٻآر 5 درجي ۾ ٻئي درجي جي سنڌي ڪتاب مان جملو نٿو پڙھي سگھي. جڏھن تہ 90 سيڪڙو ٻار ٻن يونٽن جي ونڊ ضرب نٿا ڪري سگھن. 90 سيڪڙو ھائر سيڪنڊري جي اسڪولن ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ناھن، يارھين ۽ ٻارھين درجي جي ٻارن کي حساب، فزڪس ڪيمسٽري ۽ ڪمپيوٽر پڙھائڻ وارو ڪو استاد ناھي. ھاءِ ۽ ھائر سيڪنڊري اسڪولن جي 80 سيڪڙو اسڪولن ۾ نہ لائبريري آھي ۽ نہ وري ليبارٽري ۽ ان جا اوزار آھن. 2024 جي پوري سال ۾ 20 لک ٻارن کي اسڪولن ۾ ڪتاب بہ نہ مليا جنھن جو اقرار اڳوڻي سيڪريٽري اڪبر لغاريءَ ڪورٽ ۾ ڪيو. اھڙا حالات سنڌ جي اڻپڙھئي وزير عبدالسلام ٿھيم جي دور ۾ نہ ھئا جيڪي ھن وقت آھن.
اچو تہ موجودہ وزير جي پرفارمنس تي نظر وجھون ۽ ان جي اعلان ڪيل پاليسي جو جائرو وٺون.
سائين سردار شاھ پ پ جي پوئين دور ۾ وزير ٿيو، ھن اعلان ڪيوھو تہ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ھڪ ڪمپلينٽ سينٽر کوليو ويندو ۽ شڪائتن جو ازالو ڪيو ويندو، جيڪو ڪمپلينٽ سينٽر اڄ ڏينھن تائين نہ کلي سگھيو آھي. ان کانپوءِ ھڪ ٻيو اعلان ڪيائين تہ تعليم کاتي ۾ ڊسٽرڪٽ آفيسرز ۽ ڊائريڪٽر ڪميشن ذريعي ڀرتي ڪيا ويندا جيڪي اڄ ڏينھن تائين ڀرتي ٿي نہ سگھيا آھن. ھڪ وڏو اعلان ڪيائين تہ سنڌ جي پرائيويٽ اسڪولن جي استادن جون پگھارون گهٽ ۾ گھٽ سرڪاري پگھار جي برابر ڪيون وينديون، مگر اڄ بہ پرائيويٽ اسڪولن ۾ استاد 10 کان 15 ھزارن جي پگھار کڻن ٿا.
وزير تعليم ڌماڪي دار اعلان اھو بہ ڪيو تہ سنڌ جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي پڙھائي ويندي ۽ اگر ڪنھن اسڪول سنڌي نہ پڙھائي تہ ان جو لائسنس رد ڪيو ويندو، اڄ ڏينھن تائين ڪنھن اسڪول جو لائسنس تہ رد نہ ٿيو مگر وزير صاحب وري ھاڻي چيو آھي تہ شھرن ۾ سنڌي پڙھائڻ وارا استاد نٿا ملن انڪري پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙھائي وڃي. جيڪا ڳالھ سراسر حقيقت تي ٻڌل ناھي. ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھزارن ۾ ملي سگھن ٿيون مگر پرائيويٽ اسڪول سنڌي پڙھائڻ لاءِ تيار نہ آھن. وزير صاحب انھن سڀني بيانن ۾ ھڪ دفعو بہ اھا ڳالھ ناھي ڪئي تہ سنڌ جي جن اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون ناھن اھي اسين جلد مھيا ڪندا سين. منھنجو ٿورو تجربو فرنيچر جي بجيٽ ۽ فرنيچر وٺڻ لاءِ ٽينڊرن جا ڪاغذات ٺاھڻ جو رھيو آھي. مان حيران رھيس تہ ھڪ ريجن تي جيڪا فرنيچر لسٽ آئي ان مان اڌ فرنيچر ئي ڪٽيو ويو ۽ تعليم کاتي جو آفيسر ٺيڪيدارن سان ڊيل پيو ڪري تہ 30 کان 40 سيڪڙو اسان کي ڏيندو تہ اوھان کي ڪم ملندو نہ تہ اسان اوھان کي ڪم نہ ڏيندا سين. خبر پئي تہ جيڪي پئسا فرنيچر لاءِ ريجن تي آيا اھي واپس ھليا ويا ۽ نالي ماتر فرنيچر ورتو ويو، مگر ڪنھن جي خلاف ڪو ايڪشن نہ ٿيو.
ان کان سواءِ وزير صاحب اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچرز رکڻ جو اعلان ڪيو جنھن تي ساڃاھ وندن تہ وڏيون پوسٽون سوشل ميڊيا تي رکي وزير صاحب جي تعريف ڪئي تہ سنڌ ۾ وڏو انقلاب اچي ويو ۽ ھاڻي سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ سيکاري ويندي. ان وقت اسان جھڙن ماڻھن اعتراض ڪيو ھو تہ ميوزڪ ٽيچر اگر آيا تہ اُھي ويھندا ڪٿي، ڇو تہ اسڪولن ۾ تہ ويھڻ جي جڳھ ناھي، ميوزڪ لاءِ تہ خاص ڪلاس گھرجي جيڪا ڪنھن اسڪول ۾ ناھي. مگر پوءِ بہ ڪجھ ميوزڪ ٽيچرن کي آفر آرڊر ڏيئي وزير صاحب ساڃاھ وندن جو داد وصول ڪيو مگر اڄ ڏينھن تائين انھن ميوزڪ استادن کي پوسٽنگ آرڊر نہ ملي سگھيو آھي. سوال اھو اڄ بہ موجود آھي تہ ميوزڪ ٽيچرن کي رکڻ لاءِ اسڪولن ۾ ڪلاس ناھي جتي ھو ٻارن کي ميوزڪ جي تعليم ڏيئي سگھندا.
ھي سڀ اُھي ڪم آھن جيڪي اسڪولن ۾ ڪرڻ گھرجن، خاص ڪري بنيادي سھولتون، اي سي ڪلاس ۽ ميوزڪ ٽيچر جي لاءِ ڪلاس مگر اھڙن ڪمن لاءِ وزير صاحب ڪڏھن بيان ۾ نيت بہ ناھي ڏيکاري تہ ڪو اسين اھڙا ڪم ڪندا سين. ھو اڄڪلھ وري استادن کي لائسنس ڏيڻ ۽ ساڃاھ وندن کان داد وٺڻ ۾ مصروف آھي. ھاڻي اوھان پاڻ ٻڌايو تہ اسڪول ۾ واش روم بجلي يا ڪتاب ضروري آھن يا استادن جا لائسنس جن کي اوھان نوڪري ڏيئي چڪا آھيو. لائسنس وٺڻ لاءِ بہ ھر استاد حصو نٿو وٺي سگھي ۽ صرف اُھي استاد حصو وٺي سگھن ٿا جن جي بي ايڊ ٿيل ھجي. سنڌ ۾ اڪثر بي ايڊ جا سرٽيفڪٽ پئسن تي ملندا آھن مگر جيڪي نوان 95000 استاد رکيا اٿن، جنھن جو روز ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ ميڊيا تي اچي ٻڌائين ٿا تہ اسان وڏو انقلابي ڪم ڪيو آھي، انھن نون استادن مان 90 سيڪڙو استاد تہ لائسنس وٺڻ جي اھل ئي ناھن ڇو تہ انھن وٽ بي ايڊ جي ڊگري ناھي، ڪافي انجنيئر ۽ پروفيشنل پڻ ماستر ٿي ويا آھن. انھن ڪڏھن ماستر ٿيڻ جو سوچيو بہ نہ ھو مگر اھي لائسنس جي امتحان ڏيڻ جي قابل ناھن ۽ انھي جو نقصان اھو ٿيندو تہ جيڪي بي ايڊ جي ڊگري پئسن تي وٺي آيا ھوندا ۽ انھن جون ڊگريون نقلي ھونديون، انھن کي پروموٽ ڪيو ويندو مگر انجنيئر ۽ پروفيشنل جيڪي استاد ٿيا آھن، اُھي ڪيريئر ۾ پوئتي رھجي ويندا. حالانڪ ھجڻ ائين کپي تہ لائسنس وٺڻ لاءِ سڀني استادن کي حق ڏنو وڃي مگر افسوس تہ ائين نہ ٿو ڪيو وڃي.
تازو وري ميڊيا سان ڳالھائيندي وزير صاحب چيو آھي تہ استادن لاءِ ٽريننگ ضروري آھي ۽ ان لاءِ مون اسحاق سميجو (جيڪو پاسي ۾ بيٺو ھو) انکي چيو آھي تہ سينٽر کوليو تہ استادن کي ٽريننگ ڏيون. ھي بہ ڪمال جي آفر آھي. اسحاق سميجو سردار شاھ جو پراڻو دوست آھي، ان کان ٽريننگ سينٽر کولرائين پيا جڏھن تہ سنڌ ۾ ٽريننگ جو بھترين ادارا موجود آھن، جتي پڻ ٽرينگ ڏيئي سگھجي ٿي مگر سندس دوست کي ٽريننگ سينٽر کولرائڻ ڳالھ سمجھ کان ئي ٻاھر آھي.
سنڌ جي ھن سال جي تعليم جي بجيٽ 613 ارب رپيا رکي وئي آھي ۽ ان ۾ 89 ارب رپيا ترقي جي بجيٽ رکي وئي آھي، مگر ڪو امڪان ناھي تہ 2026 تائين بہ اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون ملي سگھن ۽ ڪا تبديلي اچي سگھي.
____________
ليکڪ ميرپور خاص ۾ رھي ٿو
Very miserable situation in education sector