Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڪتاب ”جديد سنڌي شاعري“ تي هڪ نظر

جدت جي وصف هيئن به ٿي سگهي ٿي ته اهڙو ادب جيڪو پنهنجي دور ۾ سماجي طور زندگي جي قدرن ۽ مسئلن جي ترجماني ڪري.

شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري پنهنجي دور کان وٺي اڄ تائين اهڃاڻي اظهار جي ڪري سنڌي سماج ۾ زندگي جي قدرن ۽ مسئلن جي عڪاسي ڪري ٿي. ان نقطه نظر سان شاھ عبداللطيف ڀٽائي پڻ جديد شاعر آهي.

عزيز ڪنگراڻي

ڪتاب ‘جديد سنڌي شاعري’ سنڌ جي ھڪ ناليواري شاعر ۽ نقاد ڊاڪٽر  اسحاق سميجي جو لکيل آهي جنهن ۾ سندس ذهني ۽ تحقيقي عرق ريزي شامل آهي. 632 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ اسحاق سميجي جديد سنڌي شاعريءَ جي ڌارا جو اڀياس نهايت باريڪ بيني سان پيش ڪيو آهي. ڪتاب ۾ مهاڳ جي سري سان ڏيهي توڙي پرڏيهي ادب، تاريخ، فلسفي، سماج، سياست ۽ شاعري تي گهري نظر رکندڙ نامياري قلمڪار جامي چانڊئي جو شاندار جائزو ۽ اڀياس پڻ شامل آهي.

جدت جي وصف هيئن به ٿي سگهي ٿي ته اهڙو ادب جيڪو پنهنجي دور ۾ سماجي طور زندگي جي قدرن ۽ مسئلن جي ترجماني ڪري. جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري پنهنجي دور کان وٺي اڄ تائين اهڃاڻي اظهار جي ڪري سنڌي سماج ۾ زندگي جي قدرن ۽ مسئلن جي عڪاسي ڪري ٿي. ان نقطه نظر سان شاھ عبداللطيف ڀٽائي پڻ جديد شاعر آهي.

بهرحال جديد ۽ ترقي پسند لاڙو سنڌي شعري ادب ۾ هڪ اهم موڙ يا رُخ جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ذريعي نه رڳو ادب ۾ نوان موضوع، اظهار جا نوان انداز، ۽ نوان فڪر شامل ٿيا، پر سماج ۾ تبديلي آڻڻ جي شعوري ڪوشش به ڪئي وئي. سنڌي شاعري روايتن جي تڪليد جي ڌٻڻ مان نڪري هڪ اهڙي ادبي تحريڪ بڻجي سامهون آئي، جيڪا پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي حالتن ۽ زندگيءَ جي قدرن سان ڳنڍجي وئي. جديد ۽ ترقي پسند شاعري پهريان موجود ڪلاسيڪي ۽ عروضي شاعري جي ڪجھ روايتن ۽ فني لوازمات کي جاري ضرور رکيو پر ان ۾ جديد ۽ ترقي پسند لاڙن کي اهميت ڏني.

سنڌي شاعري ۾ جديد ۽ ترقي پسند ڌارا جو اُڀار ويهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي ۾ نظر اچي ٿو. ڪشنچند بيوس جي شاعري جديد ڌارا جو پهريون اهڃاڻ آهي. جڏهن ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ جو اثر ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين جي ادب تي پوڻ لڳو. تڏهن سنڌي شعري ادب به ان تحريڪ کان متاثر ٿيو ۽ ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ سماجي، سياسي، اقتصادي، طبقاتي جبر ۽ معاشي ناانصافيءَ کي موضوع بڻايو ۽ شاعري وسيلي آواز بلند ڪرڻ شروع ڪيو.

جديد ۽ ترقي پسند شاعري جو مرڪزي موضوع ماڻهن جي ڀلائي، سماجي انصاف، ظلم خلاف جدوجهد ۽ فرد جي آزادي، طبقاتي فرق، سماجي اڻبرابري جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام  ۽ استحصالي قوتن خلاف اظهارڻ رهيو. گڏوگڏ  سنڌي شاعري عام ماڻهن ۾ قومي جاڳرتا جو جذبو ۽ شعور اجاگر ڪرڻ پڻ جديد شاعري جو موضوع بڻيو. اٽڪل 1936ع ۾ ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند اديبن طرفان شروع ڪيل تحريڪ جو اثر  سنڌي شعري ادب تي پڻ ڀرپور نموني پيو. سنڌي شاعري انهي اثر هيٺ سرجڻ شروع ٿي. 1940ع کان وڏي انگ ۾ سنڌي ٻولي جا اهم ۽ وڏا شاعر، جديد ۽ ترقي پسند ڌارا سان جُڙي ويا. اسحاق سميجي جديد ۽ ترقي پسند فڪر سان گڏ انهيءَ ڌارا جي اهم شاعرن جي اڀياس جو احاطو ڪيو آهي. هن انهي دور جي جديد ۽ ترقي پسند شاعرن جي هڪ ڊگهي لسٽ ڏني آهي. سندس بحث جو وچور اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي شاعريءَ ۾ جديد ۽ ترقي پسند لاڙو فقط ادبي اسلوب نه، پر هڪ سماجي تحريڪ هئي. هن شاعريءَ قوم کي قومي سڃاڻپ، سياسي شعور ۽ سماجي برابريءَ جو شعور ڏنو. اڄ به اهو رجحان نون رَوَپن سان زنده آهي.

جديد ۽ ترقي پسند شاعري غريب، مزدور، هارين، عورتن ۽ پيڙيل طبقي جي ترجمان بڻجي، انهن جي ڏکن، جذبن، ۽ اميدن جو اظهار به ڪري ٿي ته ان ۾ مزاحمت جو رنگ به آهي. اسحاق سميجي انهن جديد شاعرن جي جديد ۽ ترقي پسند شاعريءَ جي سلسلي ۾ ويچار ونڊيا آهن. سندن شاعريءَ جي روشني ۾  شاعري ۾ روايتي ڪردارن ۾ آيل جدت، علامتن ۽ اهڃاڻن ۾ نواڻ، موضوعن جي گوناگوني، ٻوليءَ جي خوبصورتي ۽ حسناڪي، شاعريءَ جي صنفن جي هيئتن يا گهاڙيٽن ۾ نَوَن ڪامياب تجربن، ٻوليءَ جي نواڻ، ٻوليءَ جي نزاڪت، ندرت، لهجن جي گوناگوني ۽ انهن ۾ نواڻ تي به بحث ڪيو آهي. اسحاق سميجي جي ڪيل تحقيقي بحث مطابق انهن وڏن جديد ۽ ترقي پسند شاعرن نه صرف تخيل جي بلندين کي ڇهيو پر انهن ڌارين ٻولين جي تشبيهن ۽ استعارن جي استعمال کي ترڪ ڪري سنڌي ٻوليءَ کي مقامي ۽ نون استعارن، تشبيهن ۽ اصطلاحن سان زرخيز ۽ مالامال بڻايو.

اسحاق سميجي جو ڪتاب  ‘جديد سنڌي شاعري’ سنڌي ادب ۾ اهم ترين ۽ لاڀائتو اضافو آهي. پڙهندڙ موضوع جي لحاظ کان لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿو.

________________

عزيز ڪنگراڻي اينٿروپولاجسٽ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button