زرتشتي مذهب: تاريخ، فلسفو ۽ ٻين مذهبن سان ھڪجھڙائي
زرتشتي مذهب نہ رڳو دنيا جي مذهبي فڪر تي گهاٽا ۽ گھڻا اثر ڇڏيا آھن، پر اخلاقيات، قيامت، نجات، ۽ توحيد جهڙا بنيادي تصور دنيا جي ڪيترن وڏن مذهبن تائين منتقل بہ ڪيا اٿئين
رشيد احمد خاصخيلي
زرتشتي مذهب (Zoroastrianism) دنيا جي قديم ترين توحيدي مذهبن مان هڪ آهي، جيڪو 1500-1000 ق.م جي وچ ۾ ايران جي علائقي ۾ زرتشت نالي هڪ پيغمبر جي معرفت ظاهر ٿيو. ھن مذهب نہ رڳو فارس (موجوده ايران) جي تهذيب کي رهنمائي مهيا ڪئي، پر ان جو اثر ڪيترن ئي بعد ۾ آيل مذهبن تي بہ پيو، خاص طور تي يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام تي. زردشتي مذهب جي مرڪزي تعليم نيڪي ۽ برائي جي وچ ۾ جاري دائمي جنگ آهي، جيڪا انسان جي اخلاق، اعمال، ۽ چونڊن ذريعي طئي ٿئي ٿي. ڏٺو وڃي تہ ھي مذهب هڪ اخلاقي بنياد تي قائم آهي: يعني سٺو سوچو، سٺو ڳالهايو، سٺو عمل ڪيو.
اھورا مزدا ۽ اھرمن: توحيد ۽ برائيءَ جو فلسفو
زرتشتي مذهب جي خوبي اها آهي تہ ان ۾ خدائي تصور توحيد تي ٻڌل آهي، جتي اھورا مزدا ڪائنات جو واحد خالق، نيڪ، دانا، ۽ حڪمت وارو خدا آهي. ٻئي پاسي وري اھرمن (Angra Mainyu) جيڪو برائي، فساد، اونداهين، ۽ برباديءَ جو روح آهي. هي برائيءَ جي قوت ”خودمختيار“ آهي، يعني اھا ڪا اھورا مزدا جي پيدا ڪيل مخلوق ناهي، پر پاڻ ۾ هڪ آزاد وجود آهي، جيڪا اخلاقي دوئيت (ethical dualism) جو بنياد مهيا ڪري ٿي.

تاريخي پسمنظر ۾ زرتشتي مذهب جي ارتقا
زرتشتي مذهب فارس جي هخامنشي سلطنت Achaemenid Empire، 550–330 ق.م) جي سرڪاري مذهب طور تسليم ٿيل هو. هخامنشي بادشاھ دارا اول پنهنجي تحريرن ۾ اھورا مزدا کي خدائي طور ياد ڪيو. بعد ۾ ساساني سلطنت (224–651ع) ۾ هن مذهب انتهائي منظم شڪل اختيار ڪئي. اسلام جي ظھور کان پوءِ فارس ۾ زردشتي مذهب زوال پذير ٿيو، ۽ زردشتي اڪثريت هجرت ڪري ڀارت جي شھر گجرات طرف رواني ٿي، جتي اهي اڄ بہ ”پارسي“ سڏاين ٿا__
زرتشتي مذهب جي ٻين مذهبن سان ھڪجھڙائي
زرتشتي مذهب ۽ يهوديت ۾ ھڪجھڙائي: ھن ٻنهي مذهبن ۾ ”توحيد“ جو تصور آهي. ۽ قيامت، جنت، دوزخ، ۽ نجات جو عقيدو پڻ موجود آهي. سوشيانت (زرتشتي نجات ڏيندڙ) جو تصور يهودي مسيحا جي عقيدي سان ملندڙ جلندڙ آهي. تاريخي دليل: فارس جي هخامنشي سلطنت جي بادشاھ سائرس اعظم، Cyrus the Greatيهودين کي بابل جي قيد مان آزاد ڪيو ھو، جنهن سبب يهودين زردشتي تعليمات سان ويجهڙائي حاصل ڪئي. يهوديت جي تصورن تي زردشتي اثر هجڻ جا مؤرخن وٽ ڪيترائي مضبوط ثبوت آهن جهڙوڪ Daniel ڪتاب ۾ جنت ۽ دوزخ جو ذڪر.
زرتشتي مذهب ۽ عيسائيت ۾ ھڪجھڙائي : برائيءَ جي مخالف نجات ڏيندڙ جو تصور: زرتشتي ”سوشيانت“ ۽ عيسائيت جو ”مسيح“ فرشتن ۽ شيطاني قوتن جو وجود. قيامت ۽ آخرت جي تفصيل. روشني ۽ اونداهين جي استعارن جو استعمال. ھن ٻنھي مذھبن ۾ فرق: عيسائيت ۾ برائي خدا جي اجازت سان هلندي آهي، جڏهن تہ زردشتي مذهب ۾ اھرمن هڪ آزاد مخالف قوت آهي. زردشتي تعليم ۾ خدا جي نيڪي ۽ انصاف ۾ تضاد ناهي، جڏهن تہ عيسائيت ۾ ”ڪفارو“ (atonement) جي ضرورت آهي.

زرتشتي مذهب ۽ اسلام ۾ ھڪجھڙائي: توحيد، قيامت، نيڪ عمل، ۽ سزا / جزا جو عقيدو. فرشتا، (مثلا جبرائيل، ميڪائيل) ۽ شيطان جي موجودگي. آخرت جي عدالت ۽ ميزان (تورڻ ) جو تصور. ھن ٻنھي مذھبن ۾ ويڇو: جيئن تہ اسلام ۾ برائيءَ کي شيطان جي ذريعي خدا جي آزمائش جو حصو سمجھيو وڃي ٿو، پر زردشتي مذهب ۾ اھرمن هڪ برابر طاقت رکندڙ وجود آهي. زردشتي مذهب ۾ باھ کي خدائي جو نشان سمجهي پوڄيو وڃي ٿو، جڏهن تہ اسلام ۾ اهڙي ڪنهن مادي شئي جي عبادت منع ٿيل آهي. تاريخي اثر: ڪيترن اسلامي مفسرن، خاص طور تي امام طبري، زردشتي خيالن جي موجودگي کي تاريخي لحاظ سان تسليم بہ ڪيو آهي.
زرتشتي مذهب ۽ هندو ڌرم ۾ ھڪجھڙائي: ٻئي آريائي نسل مان نڪتل آهن. قديم ”اوستا“ ۽ ”رگ ويد“ ۾ گهڻا لفظ ۽ خيالَ هڪجهڙا آهن. باھ، ديوتا، قرباني، ۽ منترن جي اهميت. ھن ٻنھي مذھبن ۾ ۾ تفريق: تاريخ ٻڌائي ٿي تہ هندو مذهب ڪثير خدائي (Polytheism) تي ٻڌل آهي، جڏهن تہ زردشتي مذهب هڪ توحيدي مذهب آهي. زردشتي فڪر ۾ نيڪيءَ جي فتح حتمي آهي، جڏهن تہ هندو ڌرم ۾ اهو تصور گهڻو گهٽ آهي.
لساني دليل: اوستا ۽ ويدڪ سنسڪرت ٻئي ”انڊو-ايراني“ ٻولين مان آهن.”اھورا“ (زرتشتي) ۽ ”اسوَر“ (هندومت) هڪ ئي مرڪز مان نڪتل آهن، پر معنيٰ ۾ الڳ ٿي ويا.
قصو ڪوتاھ: زردشتي مذهب نہ رڳو دنيا جي مذهبي فڪر تي گهاٽا ۽ گھڻا اثر ڇڏيا آھن، پر اخلاقيات، قيامت، نجات، ۽ توحيد جهڙا بنيادي تصور دنيا جي ڪيترن وڏن مذهبن تائين منتقل بہ ڪيا اٿئين. تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڏسجي تہ زرتشت جو پيغام انساني فڪر جي ارتقا جي اهم ڪڙي رهيو آھي، جيڪو برائي خلاف نيڪيءَ جي جنگ، اخلاق جي سربلندي، ۽ اندروني پاڪيزگي جو درس ڏئي ٿو. اورڻ اُھو ئي تہ ھن مذهب جو فلسفو اڄ بہ لاڳو آهي.
_____________