چين ۾ ڪرپشن جي سزا موت آھي
چين جيڪڏهن ڪرپٽ ماڻهن کي سخت سزائون نه ڏي ها ته دنيا جو عظيم معاشي ملڪ بنجي نه سگهي ها
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
ڪرپشن هڪ اهڙو ناسور آهي. جيڪو نه رڳو ملڪي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بنجي ٿو، پر ملڪ کي اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ٿو ڇڏي. جنھن جي نتيجي ۾ گڊ گورننس ۽ تيز رفتار ملڪي ترقيءَ جو خواب، بس خواب ئي رهجيو وڃي.
چين جي ترقي جو هڪ راز ڪرپشن جي خلاف مھم ۽ سخت قدم کڻڻ پڻ آهي. چين ۾ ڪرپشن ڪندڙ ڀلي ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي، پر قانون جي پڪڙ ۾ اچڻ ۽ سزا جزا کان بچي نه ٿو سگهي.
چين جو موجوده صدر شي چن پنگ، ڪرپشن جي حوالي سان ڪنھن به قسم جي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ هن ڪرپشن ۾ ملوث سڀني اعليٰ عملدارن، سرڪاري ملازمن، پارٽي عھديدارن خلاف سخت قدم کنيا. شي قوم کي خبردار ڪيو ته ’جيڪڏهن ڪرپشن جي شينھن تي هٿ نه وڌو ويو ته پارٽي ۽ رياست ٻيئي تباهه ٿي ويندا‘ ۽ اهڙن عھديدارن ۾ هڪ ڊزن فوجي آفيسر، ڪيترائي ايس. او. اي جا چيئرمين ۽ پنج قومي اڳواڻ به شامل هئا. دنيا ۾ ڪابه اهڙي سياسي پارٽي ڪونهي، جنھن پنھنجي صفن کي ڪرپشن کان ايئن پاڪ ڪيو، جيئن چين جي ڪميونسٽ پارٽي ڪري ڏيکاريو.

ڪميونسٽ پارٽي جي ٽن اهم اڳواڻن جي خلاف ڪرپشن جا ڪيس هلايا ويا، انهن چين جي سياست ۽ گورنس تي مثبت اثر ڇڏيا. چن زي تنگ بيجنگ جو ميئر ۽ پولٽ بيورو جو ميمبر هو. چينگ ڪيچي پيپلز ڪانگريس جي اسٽئڊنگ ڪميٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چيئرمين هو. چن ليانگو شنگهائيءَ جو پارٽي سربراهه هو. انهن ٽنهي اهم شخصيتن جي خلاف ڪرپشن ۾ ملوث هئڻ جي الزامن ۾ ڪيس هلايا ويا. چن زي تنگ سگهارو ريجنل چيف هو. جيڪو بيجنگ کي ذاتي جاگير وانگر هلائيندو هو ۽ پولٽ بيورو جو اهم رڪن هو ۽ ڊينگ زيائو پنگ جي گهڻو ويجهو هو. بيجنگ جي ميئر جي حيثيت سان چن زي تنگ احتجاج ڪندڙ شاگردن تي گولي هلائڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ بيجنگ ۾ مارشلا هڻڻ جو ذميوار هو. جنھن دوران ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. چن کي ڪرپشن جي الزام ۾ سورهن سال قيد جي سزا ڏني ويئي. چن جي پُٽ کي به ٽيپ ڏني ويئي، چن جي وائس ميئر خودڪشي ڪري ڇڏي.
چنگ ڪيچي نيشنل پيپلز ڪانگريس جو وائيس چيئرمين هو. کيس موت جي سزا ڏني ويئي. هن 41 ملين يوان رشوت ورتي هئي. هن اها رقم آف شور پرڏيھي بئنڪ ۾ جمع ڪرائي هئي. چنگ کي موت جي سزا ملڻ کان پوءِ سڀني تي چٽو ٿي ويو ته چين جي ڪميونسٽ پارٽي ڪنھن به سطح تي ڪرپشن برداشت نه ڪندي. چنگ جي خلاف ڪيس جي دوران سندس ويجهن ساٿين سندس خلاف ٺوس شاهديون ڏنيون.
چن ليانگو جو پارٽي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان شنگهائي تي مڪمل ڪنٽرول هو ۽ هو چوويھن ميمبرن تي ٻڌل پولٽ بيورو جو ميمبر به هو. شنگهائي جا اهم معاشي ۽ ريئل اسٽيٽ جا فيصلا سندس تائيد سان ٿيندا هئا. اڳوڻي صدر جيانگ زمن سان ويجهڙائيءَ سبب عام تاثر اهو ئي هو ته چن ۽ سندس ٽيم کي ڪير به هٿ لڳائي نه ٿو سگهي. سيپٽمبر 2006ع ۾ جڏهن صدر ’هوجنتائو‘ کي چن جي ڪرپشن جا اطلاع مليا ته چن ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو. کين اختيارن مان ناجائز فائدو وٺڻ، رشوت خوري ۽ دوکي بازي جي الزام ۾ ارڙهن سال ٽيپ ڏني ويئي.
ليويھائو، بيجنگ جو وائيس ميئر هو. ان سان گڏ هو بيجنگ ۽ اولمپڪس راندين جو انچارج به هو. کيس جنم ٽيپ ڏني ويئي. ليو ۽ سندس زال تي الزام هو ته هنن ٺيڪن ۽ قرضن جي منظوريءَ لاءِ رشوت ورتي. اعليٰ عھدن تي مقرر فردن جي سزائن مان اندازو ٿئي ٿو ته جڏهن هو ڪرپشن جي الزام ۾ قانون جي پڪڙ ۾ اچن ٿا ته پوءِ ڪابه طاقت کين سزائن کان بچائي نه ٿي سگهي.
چين ۾ آزاديءَ کان پوءِ هر دور ۾ ڪرپشن جي سلسلي ۾ عبرتناڪ رويو اختيار ڪيو ويو. 1950ع جي ڏاڪي ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ليوسنگشن ۽ زهانگ زي شن کي ڪرپشن جي الزام ۾ موت جي سزا ڏني ويئي. ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ اثرائتو ۽ نتيجا خير نظام جوڙيو ويو. 1982ع، 1986ع ۽ 1989ع ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي مھم هلائي ويئي. جڏهن ’شي چن پنگ‘ اقتدار سنڀاليو ته ڪرپشن جي خلاف مھم ۾ تيزي آئي ۽ زيرو ٽالرينس جي اصول تي عمل ڪيو ويو. ’شي چن پنگ‘ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ مرڪزي ڊسيپلين ۽ مانيٽرنگ ڪميشن قائم ڪئي. ان ڪميشن جي شفاف تحقيقات کان پوءِ ڇھه لک پنجاهه هزار ڪرپٽ عناصرن کي قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون ٻڌايون ويون. ان مھم جي دوران ڏهه لک ماڻهن کان پُڇا ڳاڇا ڪئي ويئي.1985ع ۽ 2005ع جي وچ ۾ ڪميونسٽ پارٽي مان ڏيڍ لک ميمبرن کي ڪڍيو ويو. هڪ هزار آفيسرن کي موت جي سزا ڏني ويئي.
ڪرپشن جي ان مھم جي دوران چين جي شھرين مڪمل سھڪار ڪيو ۽ ڪرپٽ عنصرن تي کلي عام تنقيد ڪئي ويئي ۽ سندن ٺٺ ۽ ٺانگر واري لائف اسٽائل تي سوال اُٿاريا ويا. چين جي بااثر اڳواڻ ’بوزلائي‘ کان سوال پُڇيو ويو ته سندس پگهار اوڻيھه هزار ڊالر سالياني آهي. سندس ٻارڙا آمريڪا ۽ برطانيا جي يونيورسٽين ۾ ڪيئن پيا تعليم پرائين ۽ قيمتي ڪارن ۾ گهمن ۽ فرانس ۾ ڪيترن بلين ڊالرن جو گهر ڪيئن خريد ڪيو ويو.
چين ۾ ڪرپٽ عنصرن کي موت جي سزا ڏني ويندي آهي.’بئنڪ آف چائنا‘ جي سابق صدر ليوجن يائو ۽ شنيانگ جي ميئر کي ڪرپشن جي الزام ۾ موت جي سزا ڏني ويئي. زنيگ زيائو جيڪو ڊرگ ڪنٽرول جو اعليٰ عھديدار هو، کيس غير معياري دوائن جي منظوريءَ جي لاءِ رشوت وٺڻ جي الزام ۾ ڦاسي جي سزا ڏني ويئي. بيجنگ جي اڳوڻي ميئر ’ليوز يھائو‘ کي هڪ ملين ڊالر رشوت وٺڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ڏني ويئي. چائنا نيوي جو وائس ايڊمرل وانگ شوئي، چين جي صدر جيانگ زمن جو ويجهو دوست هو، کيس 20 ملين ڊالر رشوت وٺڻ جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ڏني ويئي.وانگ شوئي جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو ته سندس گهر جي ريفريجريٽر، مائيڪرو ويو ۽ واشنگ مشين مان 52ملين يوان ۽ 5-2 ملين ڊالرن نڪتا. چين جي اڳوڻي قانون واري وزير فورنگوا کي موت جي سزا ڏني ويئي، جيڪا پوءِ عمر قيد ۾ بدلائي ويئي ۽ کيس سڄي عمر جي لاءِ سياسي حقن کان محروم ڪيو ويو. مٿس الزام هو ته هن طاقت جو غلط استعمال ڪيو ۽ هڪ ڪروڙ 65 لک ڊالر رشوت ورتي.
چين ۾ سرڪاري ڪمپني ’بورانگ ايسٽ مئنجمينٽ‘ جي سربراهه ’لائي زيائو من‘ کي ڪرپشن ۽ رشوت وٺڻ ۽ ٻين ڏوهن ۾ موت جي سزا ڏني. عدالت ڏوهن جي سنگيني جي ڪري موت جي سزا عمر قيد ۾ نه بدلائي. چين جي پبلڪ سيڪيورٽي جي نائب وزير سن لي کي 90 ملين ڊالر رشوت وٺڻ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بدعنواني، بي ضابطگي ۽ بنا لائنس جي هٿيار رکڻ جي الزام ۾ موت جي سزا ڏني ويئي.
چين جيڪڏهن ڪرپٽ ماڻهن کي سخت سزائون نه ڏي ها ته دنيا جو عظيم معاشي ملڪ بنجي نه سگھي ها.
__________
يوسف سنڌي سنڌ جو ناميارو اديب ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آھي. اڄڪلھ ھو چين ويل آھي
پاڪستان ۾ ڪرپشن جي سزا آهي… موڪلن لاءِ لنڊن وڃو ۽ علاج ڪرايو.