Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

انڊيا ۾ شاعر نارائڻ شيام جي ياد ۾ محفل

ڀارت جي شھر بئراڳڙھ – ڀوپال ۾  سال 1989 کان لڳاتار مايـ ناز شاعر نارائڻ شيام جي جنم ڏينهن تي سنڌي گيت، سنگيت ۽ مشاعري جي محفل

بئراڳڙھ، انڊيا

سنڌوُ (ساھت ، ڪلا ۽ سنسڪرتيءٓ جو جھرڻو) پاران ھر سال جيان ھن سال پڻ مايـ ناز شاعر نارائڻ شيام جي ھڪ سئو چوٿين  جنم ڏينهن جي موقعي تي 22 جولاءِ 2025 تي شام جو ٺيڪ 6 وڳي ديپ مالا پڳاراڻي سنسڪار اسڪول ، بئراڳڙھ – ڀوپال ۾ نارائڻ شيام جي لکيل گيتن ۽ غزلن کي ڄاتل سڃاتل سريلن گائڪن/ گائڪائن جي آواز ۾ پيش ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ سنڌي ڪوي سميلن (مشاعرو) پڻ ٿيو.

گائڪ/ گائڪائون , جن سازن تي سريلن آوازن سان محفل ۾ رنگ ڄمايو اُھي ھئا  ناري لڇواڻي ، دليپ لعلواڻي ، دِشا چانڊواڻي، مڌوُ موھناڻي، سُمن ھرچنداڻي، دِيپتي سِڌواڻي ، تٓنميـ واسواڻي ۽ نيليش گنگواڻي. مشاعري ۾ شرڪت ڪندڙ شاعر/شاعرائون ھئا : اشوڪ جمناڻي،  ديوٓ ارجواڻي، شوڀا ليکواڻي، ڪنعيو شيواڻي ، نند ڪمار سنمکاڻي، ڪنعيالعل موٽواڻي ‘ ماندو’ ، مھيش مولچنداڻي ۽ سميڪشا لڇواڻي .

موقعي جي مکيـ مھمان ، ھندي ۽ سنڌيءَ جي برک اديبن جناب اشوڪ جٓمناڻي(ھوشنگ آباد) ۽ خاص مھمان ڊاڪٽر دليپ ڀاوناڻي(انڊور) جي موجودگيءَ محفل کي ويتر اوج تي رسايو .

ڊاڪٽر دليپ ڀاوناڻيءٓ جو جنم سنڌ جي جيڪب آباد ۾ سال 1965 ۾ ٿيو . ھن MBBS جي ڊگري لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل ڪاليج مان حاصل ڪئي،  تنھن کان پوءِ 1992 ۾ سنڌ کي الوداع ڪري ڀارت جي انڊور شھر ۾ اچي وسيو آھي . ڪاليج ۾ پڙھائي ڪندي سندس لاڙو ساھت (لٽريچر) ڏانھن بہ ٿيندو ويو جيڪو اڄ بہ جاري آھي . ھيءُ صاحب مايـ ناز شاعر نارائڻ شيام ۽ سندس اعلي شاعريءَ جا مثال ٻڌائيندي ، پاڻ کي سنڌ جي يادگيرين سان جوڙيندي ايترو جذباتي ٿي ويو جو مائيڪ تي ئي سڏڪا ڀريندي روئڻ لڳو . گنڀير ماحول ۾ ڊاڪٽر دليپ ڀاوناڻيءٓ سڀني کي التجا ڪئي تـ جتي بہ ھجو،جيئن بہ ھجو ہر سنڌ کي ۽ وڏن کان ٻڌل ساروڻين کي سدائين سيني ۾ سانڍي رکجو .

تنھن کان پوءِ شروع ٿيو مشاعري جو دؤر ، جيڪو ڪنڊڪٽ ڪيو مکيـ مھمان اشوڪ جٓمناڻيءٓ . اڄ سندس فن جو ثاني شايد ئي ڪو ٻيو سنڌي شاعر ھجي !

 اسٽيج سنڀاليندي  ڪويتا چانڊواڻيءٓ (مشھور ايٿليٽ) بہ آيلن جو من موھي ڇڏيو . اھڙي نموني سنت ھردارام نگر (بئراڳڙھ) ڀوپال ۾ سنڌوءَ پاران نارائڻ شيام جي شخصيت ۽ فن کي نهايت سڪ ۽ شدت سان اجاگر ڪندي واھ جو پاڻ موکيو . _________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

2 رايا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button