شاهه لطيف ڪاليج شڪارپور: 17 سالن کان ھڪ رستي کان محروم تعليمي ادارو
سورھن ايڪڙ ايراضيءَ تي قائم هن ڪاليج تائين هن وقت جيڪو رستو استعمال ٿئي ٿو، سو بنيادي طور واٽر ڪورس جي گزرگاهه هو، جنهن کي ٿورو ويڪرو ڪري ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ڪاليج اچڻ وڃڻ دوران شاگردن، استادن ۽ شهرين کي ڪيترائي ڀيرا ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا به پيش آيا آهن. چيو وڃي ٿو تہ زراعت کاتي جي اين او سي نه ملڻ رستي جي اڏاوت ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي.

نسيم بخاري
شڪارپور جي تاريخي شهر ۾ قائم گورنمينٽ شاهه لطيف آرٽس اينڊ ڪامرس ڊگري ڪاليج کي گذريل 17 سالن کان هڪ اهڙو بنيادي مسئلو پيش آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا درخواستون ڏنيون ويون، ڪيترا در کڙڪايا ويا، ڪيترا چونڊيل نمائندا، سياستدان، سرڪاري عملدار ۽ لاڳاپيل فورم ڌيان ڇڪائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا، پر رستم روڊ کان ڪاليج تائين هڪ رستو اڄ ڏينهن تائين ٺھي نہ سگهيو آهي.
اها صورتحال رڳو هڪ رستي جي کوٽ نه، پر سرڪاري منصوبابندي، انتظامي ذميوارين ۽ تعليمي ترجيحن بابت ڪيترائي اهم سوال اٿاري ٿي. هڪ اهڙو ادارو، جتي روزانو سوين شاگرد ۽ استاد اچن وڃن ٿا، جتي والدين، مائٽ، شهري، صحافي، بيوروڪريٽس ۽ مختلف سرڪاري ادارن جا سربراهه به مختلف موقعن تي پهچن ٿا، تنهن کي بنيادي اچ وڃ جي سهولت کان محروم رکڻ جو ڪهڙو جواز ٿي سگهي ٿو؟

ذريعن جو چوڻ آهي ته رستي جي فراهميءَ ۾ زراعت کاتي جي اين او سي نه ملڻ هڪ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته اڳوڻي پرنسپال سيد عارف حسين شاهه هن معاملي کي حل ڪرائڻ لاءِ اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر الطاف حسين سان ملاقات ڪري ڪاليج جي رستي واري مسئلي جي نشاندهي ڪئي هئي، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر کي علائقي جو معائنو ڪرڻ لاءِ چيو هو.
ريوينيو کاتي جا عملدار به اتي پهتا هئا. انهن سرڪاري زمين جي موجودگيءَ جي نشاندهي ڪندي اهو امڪان ظاهر ڪيو هو ته زراعت کاتي جي اين او سي ملڻ کان پوءِ ڪاليج تائين سڌو رستو ڪڍي سگهجي ٿو. پر جڏهن زراعت کاتي سان رابطو ڪيو ويو ته اين او سي جاري ڪرڻ تي پابنديءَ جو حوالو ڏئي معاملو اڳتي وڌائڻ کان پاسو ڪيو ويو.

هتي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن سرڪاري زمين موجود آهي ۽ هڪ سرڪاري تعليمي اداري کي رستي جي سخت ضرورت آهي ته پوءِ قانوني ۽ انتظامي حل ڪڍڻ لاءِ لاڳاپيل کاتو پنهنجو ڪردار ڇو نٿو ادا ڪري؟ ڇا ڪنهن به کاتي جي پاليسي عوامي مفاد ۾ جائز ضرورتن کي حل ڪرڻ بدران مستقل رنڊڪ بڻجڻ گهرجي؟ زراعت کاتي کي گهرجي ته هو پنهنجي موقف، لاڳاپيل قانوني پابندين ۽ زمين جي حيثيت بابت کليل نموني وضاحت ڪري، جيئن مسئلي جي حقيقت سامهون اچي سگهي.

هن سڄي معاملي جو هڪ ٻيو اهم پاسو اهو به آهي ته جڏهن ڪاليج جي عمارت جي تعمير لاءِ منصوبابندي ڪئي وئي، بجيٽ منظور ٿي، پي سي ون تيار ٿي ۽ تعميراتي ڪم شروع ٿيو، تڏهن رستي جي ضرورت کي بنيادي شرط طور ڇو نه ڏٺو ويو؟
ڪنهن به سرڪاري عمارت جي اڏاوت کان اڳ ان تائين پهچ، پاڻيءَ جي نيڪال، آمدرفت ۽ ٻين بنيادي سهولتن جو جائزو وٺڻ ضروري هوندو آهي. خاص طور تي تعليمي اداري لاءِ، جتي روزانو وڏي انگ ۾ شاگرد اچن وڃن، رستو ڪا اضافي سهولت نه پر بنيادي ضرورت آهي.

ڇا تعميراتي انجنيئرن ۽ لاڳاپيل عملدارن جاءِ جو معائنو نه ڪيو هو؟ جيڪڏهن ڪيو هو ته ڇا انهن کي رستي جي عدم موجودگي نظر نه آئي؟ ڇا منصوبي جي منظوري ۽ آڊٽ جي مرحلن ۾ به ان مسئلي تي ڪو اعتراض نه اٿاريو ويو؟ انهن سوالن جا جواب سرڪاري رڪارڊ مان ئي ملي سگهن ٿا. ان ڪري لاڳاپيل کاتن کي گهرجي ته منصوبي جي منظوري، پي سي ون، تعميراتي رپورٽن ۽ زمين جي داخلا ۽ رستي بابت دستاويز عوام آڏو آڻين. سورھن ايڪڙ ايراضيءَ تي قائم هن ڪاليج تائين هن وقت جيڪو رستو استعمال ٿئي ٿو، سو بنيادي طور واٽر ڪورس جي گزرگاهه هو، جنهن کي ٿورو ويڪرو ڪري ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ڪنهن به جديد تعليمي اداري لاءِ اهڙو عارضي بندوبست مناسب نٿو چئي سگهجي.

ڪاليج وڃڻ ۽ موٽڻ دوران شاگردن، استادن ۽ شهرين کي ڪيترائي ڀيرا ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا به پيش آيا آهن. اهڙي ماحول ۾ والدين جي پريشاني فطري آهي. محفوظ اچ وڃ لاءِ مستقل رستو هجڻ انتهائي ضروري آهي.
ڪاليج جا مسئلا رڳو رستي تائين محدود ناهن. ان جي بائونڊري وال به مڪمل ٿيل ناهي، جڏهن ته وسيع گرائونڊ موجود هجڻ باوجود اتي نه بلاڪ لڳايا ويا آهن ۽ نه ئي مناسب نموني وڻڪاري ۽ ساوڪ جو انتظام ڪيو ويو آهي.

هڪ تعليمي اداري جو ماحول شاگردن جي ذهني، جسماني ۽ سماجي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. ڪلاس رومز سان گڏ صاف سٿرو ميدان، راندين جون سهولتون، وڻ، گل، ويهڻ لاءِ مناسب جايون ۽ محفوظ ماحول به تعليمي ترقيءَ جا لازمي حصا آهن.
اڄ جڏهن دنيا جا تعليمي ادارا جديد تعميراتي سهولتن، ماحولياتي خوبصورتي، راندين ۽ تخليقي سرگرمين کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪري رهيا آهن، تڏهن شاهه لطيف ڪاليج جي موجوده حالت ڏسي اهو احساس ٿئي ٿو ته ڄڻ اسان اڃا بنيادي ضرورتن جي منزل تي ئي بيٺل آهيون.

جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن ڪاليج جو منظر ڏسڻ اچي ته کيس ڪنهن اهم ۽ جديد تعليمي اداري ۾ اچڻ جو احساس ٿيڻ گهرجي، پر موجوده حالت ان تاثر جي ابتڙ آهي. ويڪري ميدان هوندي به ان کي بهتر نموني استعمال نه ڪرڻ، پيور بلاڪ نه لڳائڻ ۽ ساوڪ کي نظرانداز ڪرڻ ادارتي انتظام ۽ ترقياتي ترجيحن بابت سوال پيدا ڪري ٿو.
نئين عمارت مڪمل ٿيڻ وقت ان تي قبضي جي ڪوشش ٿي رهي هئي. جڏهن ان صورتحال جي خبر پئي ته شاهه لطيف پرائمري اسڪول ۾ عارضي طور هلندڙ ڪاليج جو سامان رات وچ ۾ تيزيءَ سان نئين عمارت ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جيئن اداري کي ممڪن قبضي کان بچائي سگهجي
هن اداري جي تاريخ جو ذڪر ڪندي ان جي باني عرض محمد شيخ کي وساري نٿو سگهجي، جنهن کي شڪارپور جو سر سيد احمد به چيو ويندو آهي. هو بنيادي طور استاد، ترقي پسند سوچ رکندڙ ۽ تعليم جي اهميت کي سمجهندڙ شخص هو. هن پنهنجي محدود وسيلن باوجود شهر ۾ پرائمري، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جهڙن تعليمي ادارن جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون.

مرحوم عرض محمد شيخ 1950ع ۾ گورنمينٽ شاهه لطيف هاءِ اسڪول قائم ڪيو، جڏهن ته شاهه لطيف آرٽس ڪامرس ڪاليج ۽ شاهه لطيف پرائمري اسڪول جي قيام ۾ به سندس بنيادي ڪردار هو. هاءِ اسڪول جي اڏاوت لاءِ هن پنهنجي گهر جون سرون به استعمال ڪرايون هيون.
اهو واقعو ان شخص جي تعليمي جذبي ۽ قربانيءَ جو هڪ اهم مثال آهي. هن پنهنجي ذاتي سهولتن کان وڌيڪ اجتماعي ضرورتن کي اهميت ڏني. سندس سوچ اها هئي ته جيڪڏهن ڪو هڪ ماڻهو محدود وسيلن هوندي به تعليم لاءِ اڳتي وڌي سگهي ٿو ته پوءِ ٻيا ماڻهو به ان جذبي کان متاثر ٿي سماج جي تعليمي ترقيءَ ۾ حصو وٺندا.
پر افسوس، اڄ ساڳئي تعليمي ورثي سان لاڳاپيل ادارن جي حالتن کي ڏسندي اهو سوال اڀري ٿو ته ڇا اسان پنهنجي محسنن جي خوابن ۽ قربانين جي حفاظت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهيون؟
ڪاليج جي اڳوڻي پرنسپال سيد عارف حسين شاهه پنهنجي دور ۾ داخلا وڌائڻ، ڪامرس جهڙي اهم شعبي ڏانهن نوجوانن ۽ والدين جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ اداري جي سڃاڻپ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف ڪوششون ڪيون هيون.

هن ڪاليج جي باني عرض محمد شيخ جي نالي سان اسڪالرشپ شروع ڪئي، جيئن مالي طور ڪمزور پر ذهين شاگردن جي همت افزائي ڪري سگهجي. ھن مختلف اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ لائبريرين سان رابطا ڪري اداري جي تعليمي سرگرمين ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪيو .
اهڙيون ڪوششون ڪنهن به تعليمي اداري جي ساک ۽ شاگردن جي اعتماد کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آهن. پر جڏهن بنيادي ڍانچو ئي مسئلن ۾ ڦاٿل هجي ته تعليمي سرگرمين جا ڪيترائي امڪان محدود ٿي وڃن ٿا.
شڪارپور ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هن ڪاليج جي وڏي اهميت آهي. هتي نه رڳو ڇوڪرن پر ڇوڪرين لاءِ به آرٽس ۽ ڪامرس جي تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا موجود ٿي سگهن ٿا. ڪامرس جو شعبو نوجوانن لاءِ روزگار، ڪاروبار، مالي شعور ۽ معاشي ترقيءَ جا نوان رستا کولي سگهي ٿو.
پر جيڪڏهن استاد ۽ شاگرد ئي ڏکين حالتن ۾ ڪاليج پهچن ٿا ته والدين پنهنجي نياڻين کي اتي موڪلڻ وقت ڪيترو اعتماد محسوس ڪندا؟ تعليمي ادارن جي ترقيءَ جو مطلب رڳو ڪلاس کولڻ يا شاگردن جي داخلا وڌائڻ نه آهي، پر محفوظ آمدرفت، مناسب ماحول ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ به آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گڏجي هن مسئلي جو مستقل حل ڳولھجي . جيڪڏهن هن اداري کي بهتر نموني ترقي وٺرائي وڃي ته اهو رڳو شاگردن لاءِ تعليم جو مرڪز نه رهندو، پر شڪارپور ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن لاءِ هڪ سٺي سماجي ۽ تفريحي جاءِ به بڻجي سگهي ٿو.
شڪارپور جو هي شهر پنهنجي تاريخي، علمي ۽ ادبي سڃاڻپ تي فخر ڪري ٿو. عرض محمد شيخ جهڙن تعليمدانن جون خدمتون ان سڃاڻپ جو اهم حصو آهن. هاڻي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن تي فرض آهي ته اهي ان ورثي کي زباني خراج تحسين ڏيڻ بدران عملي طور محفوظ ۽ مضبوط ڪن.
سوال اهو ناهي ته ڪاليج کي رستو ڪڏهن ملندو، پر سوال اهو آهي ته هڪ سرڪاري تعليمي اداري کي 17 سالن تائين بنيادي سهولت کان محروم رکڻ جي ذميواري ڪير قبول ڪندو؟
______________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي



