Editor's pickMain Slideڪالم

جِيون جو فلسفو: ڄمڻ ۽ مرڻ جي وچ واري وقت ۾ ٻين لاءِ روشني پکيڙيو

زندگي هڪ اهڙو سفر آهي، جنهن جي شروعات اسان جي مرضيءَ کان سواءِ ٿئي ٿي، پر ان سفر جو رخ ۽ منزلون گهڻي حد تائين اسان جي فيصلن سان طئہ ٿين ٿيون. ڪو ماڻهو پنهنجي حصي جي زندگي نفرتن، حسد، ڪاوڙ، انا ۽ خودغرضيءَ ۾ وڃائي ڇڏي ٿو، ته ڪو وري محبت، رواداري، قرباني ۽ خدمت ذريعي پنهنجي وجود کي ٻين لاءِ روشني بڻائي ٿو.

 حڪيم پريم چاندواڻي

جيون جو فلسفو رڳو ڄمڻ ۽ مرڻ جي وچ ۾ گذاريل وقت جو نالو ناهي، پر اهو ان مختصر وقفي کي بامقصد بڻائڻ جو فن آهي، جنهن کي زندگي چئجي ٿو. انسان هن دنيا ۾ خالي هٿين اچي ٿو ۽ خالي هٿين ئي واپس وڃي ٿو، پر ٻنهي منزلن جي وچ ۾ کيس جيڪو وقت ملي ٿو، تنهن ۾ هو پنهنجي ڪردار، عمل، محبت، خلوص ۽ انسانيت جا اهڙا نقش ڇڏي سگهي ٿو، جيڪي سندس جسماني وجود کان پوءِ به زنده رهن ٿا. اصل سوال اهو ناهي ته ڪنهن ڪيترو ڊگهو جيون ماڻيو، پر سوال اهو آهي ته ڪنهن پنهنجي حياتيءَ کي ڪيترو ڪارائتو، بامقصد ۽ يادگار بڻايو.

زندگي هڪ اهڙو سفر آهي، جنهن جي شروعات اسان جي مرضيءَ کان سواءِ ٿئي ٿي، پر ان سفر جو رخ ۽ منزلون گهڻي حد تائين اسان جي فيصلن سان طئہ ٿين ٿيون. ڪو ماڻهو پنهنجي حصي جي زندگي نفرتن، حسد، ڪاوڙ، انا ۽ خودغرضيءَ ۾ وڃائي ڇڏي ٿو، ته ڪو وري محبت، رواداري، قرباني ۽ خدمت ذريعي پنهنجي وجود کي ٻين لاءِ روشني بڻائي ٿو. ٻنهي وٽ وقت هڪ جيترو آهي، پر ٻنهي جي جيئڻ جو انداز ۽ حاصل ڪيل نتيجا هڪجهڙا ناهن. اها ئي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي ته وقت سڀني کي ملي ٿو، پر وقت جو قدر ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.

اسان اڪثر مستقبل جي فڪرن ۾ حال جون خوشيون وڃائي ويهندا آهيون. ڪڏهن ماضيءَ جي پڇتاءَ ۾ پاڻ کي قيد ڪندا آهيون، ته ڪڏهن سڀاڻي جي خوابن پويان اڄ جا قيمتي لمحا ۽ گهڙيون قربان ڪري ڇڏيندا آهيون. حالانڪه زندگيءَ جو اصل سرمايو موجوده وقت آهي. گذريل پَلَ تاريخ بڻجي چڪا آهن ۽ ايندڙ پل اڃا اسان جي اختيار ۾ ناهن۔ اسان وٽ رڳو هيءَ گهڙي آهي، جنهن کي چاهيون ته خوشيءَ ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا، ڪنهن جي چهري تي مرڪ آڻي سگهون ٿا، ڪنهن ڏکايل دل کي آٿت ڏئي سگهون ٿا ۽ ڪنهن بي سهاري لاءِ سهارو بڻجي سگهون ٿا.

زندگيءَ جو فلسفو اهو به سيکاري ٿو ته هر خواهش جي پوري ٿيڻ جو نالو ڪاميابي ناهي. ڪڏهن محرومي انسان کي اهڙي دانائي ڏئي ٿي، جيڪا دولت جي انبارن مان به حاصل نٿي ٿئي. ڪڏهن ناڪاميءَ جا ڌڪ انسان کي پنهنجي اندر جي طاقت سان روشناس ڪرائن ٿا. ڏک انسان کي حساس بڻائي ٿو، تجربو کيس سمجهه ڏئي ٿو ۽ وقت کيس ماڻهن جي اصل سڃاڻپ ڪرائي ٿو. جيڪو شخص حالتن مان سکڻ ڇڏي ڏئي ٿو، اهو عمر ۾ ته وڏو ٿي سگهي ٿو، پر شعور ۾ ننڍڙو رهجي وڃي ٿو.

انسان جي عظمت سندس لباس، عهدي، دولت يا شهرت ۾ ناهي، پر سندس روين ۽ ڪردار ۾ آهي. جنهن وٽ ٻين جي عزت ڪرڻ جو حوصلو، سچ ڳالهائڻ جي جرئت، معاف ڪرڻ جي وسعت ۽ ضرورت مند جي مدد ڪرڻ جو جذبو آهي، تنهن جي زندگيءَ ۾ حقيقي حسن موجود آهي. قبر ۾ نه عهدو گڏ ويندو، نه دولت، نه سفارش ۽ نه ئي دنياوي ڏيکاءُ؛ باقي رهندي ته رڳو اها سڃاڻپ، جيڪا انسان پنهنجي عملن سان ٺاهي آهي. ان ڪري عقل مندي اها آهي ته انسان پنهنجي نالي کي مشهور ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڪردار کي بلند ڪري.

زندگيءَ جو هڪ ٻيو اهم سبق اهو آهي ته ڪنهن کي به پاڻ کي، مستقل سمجهي پنهنجو غرور نه وڌائڻ گهرجي. اڄ جيڪو طاقتور آهي، سڀاڻي ڪمزور ٿي سگهي ٿو؛ اڄ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، سڀاڻي تاريخ جو هڪ ورق بڻجي سگهي ٿو. وقت جو ڦيٿو ڪنهن لاءِ بيهندو ناهي. جوانيءَ تي پوڙهائپ، صحت تي بيماري ۽ زندگيءَ تي موت جو پاڇو آهي. پوءِ به انسان ڇو ٻين جا حق کسي ٿو، ڇو دلين ۾ نفرتون پوکي ٿو ۽ ڇو چند عارضي مفادن خاطر پنهنجي ضمير جو سودو ڪري ٿو؟ ڇا اها حقيقت ڪافي ناهي ته اسان سڀ هڪ ئي منزل ڏانهن ويندڙ مسافر آهيون؟

جيڪڏهن جيون کي واقعي بامعنيٰ بڻائڻو آهي ته پنهنجي حصي جي روشني ورهايون. ڪنهن سان ناانصافي نه ڪريون، ڪنهن جي مجبوريءَ جو ناجائز فائدو نه وٺون، رشتن کي مفادن جي ساهميء ۾ نه توريون ۽ پنهنجي انا کي انسانيت کان مٿي نه رکون. اولاد لاءِ رڳو ملڪيت نه، پر سٺا قدر به ڇڏي وڃون؛ ايندڙ نسل لاءِ رڳو عمارتون نه، پر امن، علم، برداشت ۽ محبت جو ماحول به پيدا ڪريون. ڇاڪاڻ ته بهترين ورثو اهو ناهي جيڪو انسان ڇڏي وڃي ٿو، پر اهو آهي جيڪو سندس وڃڻ کان پوءِ به ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائيندو رهي ٿو.

زندگيءَ جي خوبصورتي ان ڳالهه ۾ ناهي ته موت کي وساري جيئجي، پر ان شعور سان جيئجي ته وقت محدود آهي. موت جي حقيقت زندگيءَ کي بي معنيٰ نٿي بڻائي، بلڪه هر لمحي جي اهميت وڌائي ٿي. جيڪو ماڻهو پنهنجي انجام کي ياد رکي ٿو، اهو پنهنجي عملن ۾ احتياط، پنهنجي ڳالهين ۾ نرمي ۽ پنهنجي روين ۾ انصاف پيدا ڪري ٿو. اهڙو انسان زندگيءَ جي مختصر سفر کي به دائمي اثرن ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو.

اچو ته پاڻ کان هڪ سوال ڪريون: جيڪڏهن اڄ اسان جي زندگيءَ جو سفر ختم ٿي وڃي ته دنيا اسان کي ڪهڙي حوالي سان ياد ڪندي؟ اسان جي دولت، وڏن دعوائن ۽ ظاهري حيثيت سبب يا اسان جي محبت، سچائي ۽ خدمت سبب؟ جيڪڏهن جواب ٻئي طرف ناهي ته پوءِ اڃا وقت آهي ته پنهنجي سوچ ۽ عمل جو رخ درست ڪريون. ڪنهن جي دل نه ڏکايون، ڪنهن جو حق نه کائون، نفرت جي جاءِ تي محبت ۽ خودغرضيءَ جي جاءِ تي انسان دوستيءَ کي اختيار ڪريون. ڇو ته زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ڪمال گهڻو جيئڻ نه، پر اهڙو جيئڻ آهي، جو اسان جي موجودگيءَ سان ٻين کي آسرو ملي ۽ غيرموجودگيءَ ۾ به اسان جا عمل ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهن.

___________

Hakeem Prem-TheAsoaN

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button