Editor's pickMain Slideڪالم

هڪ باب پورو ٿيو، پر دوستيءَ جو ڪتاب اڃا کليل آهي!

جن ماڻهن سان زندگيءَ جي سفر ۾ ملاقات ٿي، جن سان گڏ وقت گذاريوسين ۽ جن کان ڪجهه سکيوسين، اهي سڀ اسان جي شخصيت جو حصو بڻجي وڃن ٿا. حقيقت به اها آهي ته زندگيءَ جي اصل ڪمائي پگهار، عهدو يا عهدي جي مدت نه، پر اهي ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي سفر کي يادگار بڻائين ٿا.

ھڪ دوست ثناالله جکڙ جي رٽائرمينٽ تي چند لفظ

رميش راجا

رٽائرمينٽ زندگيءَ جي ڪتاب جو اهو خوبصورت موڙ آهي، جتي فرضن سان ڀريل هڪ باب پورو ٿئي ٿو ۽ پنهنجي لاءِ جيئڻ جو هڪ نئون باب کلي ٿو. آفيس جا دروازا، ميز تي رکيل فائيلَ، گهنٽيءَ جو آواز ۽ وقت جي پابندين جو سلسلو آهستي آهستي پوئتي رهجي وڃي ٿو، پر سالن جي محنت، ساٿين سان گڏ گذاريل گهڙيون، دوستيون ۽ محبتون ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو مستقل حصو بڻجي وڃن ٿيون. عهدو ختم ٿي سگهي ٿو، پر ڪردار جي خوشبو ڪڏهن به ختم نه ٿيندي آهي.

انگريزي شاعر الفريڊ لارڊ ٽينيسن (Alfred Lord Tennyson) پنهنجي مشهور نظم Ulysses ۾ هڪڙي گهري ڳالهه ڪئي آهي:

“I am a part of all that I have met.”

يعني، جن ماڻهن سان زندگيءَ جي سفر ۾ ملاقات ٿي، جن سان گڏ وقت گذاريوسين ۽ جن کان ڪجهه سکيوسين، اهي سڀ اسان جي شخصيت جو حصو بڻجي وڃن ٿا. حقيقت به اها آهي ته زندگيءَ جي اصل ڪمائي پگهار، عهدو يا عهدي جي مدت نه، پر اهي ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي سفر کي يادگار بڻائين ٿا.

ساڳيءَ طرح انگريز شاعر رابرٽ برائوننگ (Robert Browning) پنهنجي نظم Rabbi Ben Ezra ۾ زندگيءَ بابت ڪهڙي نه اميد ڀري ڳالهه ڪئي آهي:

“Grow old along with me! The best is yet to be.”

يعني، اچو ته گڏجي عمر جي هن مرحلي ڏانهن وڌون، ڇو ته زندگيءَ جو بهترين حصو اڃا اچڻو آهي.

منهنجي خيال ۾ رٽائرمينٽ جي موقعي تي هن کان وڌيڪ خوبصورت پيغام ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو! فرضن کي ارپيل سالن کان پوءِ هاڻي وقت آهي ته اوهان پنهنجي دل جي دنيا ڏانهن موٽو، پنهنجن سان ويهو، پراڻا ڪتاب کوليو، نوان ڪتاب پڙهو، گهمڻ ڦرڻ جا شوق پورا ڪريو ۽ انهن خوابن کي ساڀيان ڏيو، جيڪي ذميوارين جي رش ۾ ڪٿي خاموش ٿي ويا هئا.

سٺو استاد اهو ناهي، جيڪو رڳو نصاب پڙهائي، پر اهو آهي، جيڪو پنهنجي شاگردن جي سوچ، ڪردار ۽ مستقبل کي به سنواري. استاد کي عزت عهدي مان نه، پر پنهنجي علم، دانائي، اصول پسندي ۽ ڪردار مان ملندي آهي. عهدو اختيار ڏئي سگهي ٿو، پر دلين ۾ جاءِ رڳو عمل سان ٺهندي آهي.

ثناالله جکڙ به انهن استادن مان هڪ آهي، جن لاءِ اسڪول رڳو ڊيوٽيءَ جي جاءِ نه، پر علم جي آبياريءَ جو مرڪز رهيو. هو پابنديءَ سان اسڪول ويندو هو، پابنديءَ سان پڙهائيندو هو ۽ پنهنجي فرض کي سنجيدگيءَ سان نڀائيندو هو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪچهريءَ لاءِ سندس اسڪول جي وقت ۾ اچڻ ممڪن ئي نه هوندو هو، ڇو ته هو پنهنجي تدريسي ذميواريءَ تي سمجهوتو ڪرڻ پسند نه ڪندو هو. اها سندس شخصيت جي هڪ نمايان خوبي هئي.

سندس هن علمي خدمت جي اعتراف ۾ ارسطو (Aristotle) جو هيءُ قول پيش ڪرڻ چاهيندس:

“Those who educate children well are more to be honoured than parents, for these only gave life, those the art of living well.”

يعني، جيڪي ماڻهو ٻارن کي سٺي تعليم ڏين ٿا، سي والدين کان به وڌيڪ عزت جا حقدار آهن، ڇو ته والدين کين زندگي ڏين ٿا، پر استاد کين زندگي گذارڻ جو هنر سيکاري ٿو.

ثناالله، تنهنجي تدريسي زندگيءَ لاءِ هيءُ قول منهنجي طرفان هڪ ننڍڙو خراجِ تحسين آهي.

هاڻي اچون ٿا پنهنجي دوستيءَ جي ڳالهه ڏانهن، جيڪا منهنجي لاءِ هن تقريب جو سڀ کان وڌيڪ ذاتي ۽ يادگار حصو آهي.

ثناالله جکڙ منهنجو رڳو دوست ناهي، پر منهنجي زندگيءَ جي ان خوبصورت دور جو ساٿي آهي، جنهن جون يادون اڄ به دل ۾ تازيون آهن. اسان جي دوستيءَ جي شروعات ان وقت ٿي، جڏهن مون کي پنهنجي پهرين پرائيويٽ نوڪري آر ايم ايس (RMS) نالي هڪ ڪمپنيءَ ۾ ملي. ڪم هو راضيديري کان مجهد روڊ تائين لڳ ڀڳ ساڍن ٽن ڪلوميٽرن جي هڪ منصوبي تي، ۽ اسان جي ڪيمپ راضيديري ۾ قائم هئي.

اهي 1994ع جا ڏينهن هئا. آڪٽوبر 1994ع کان اپريل 1996ع تائين راضيديري ۾ رهڻ دوران ڪيئي اهڙيون شامون گذريون، جيڪي اڄ به ذهن جي پردي تي ڪنهن خوبصورت فلم وانگر هلنديون رهن ٿيون.

درياهه جي ڪناري تان ايندڙ ٿڌيون هوائون، سج لهڻ کان پوءِ جي خاموشي، دوستن جون محفلون، کل ڀوڳ، شعر ۽ ساڳ جي خوشبو! ڇا ته زمانو هو!

هڪ پاسي مان شيخ اياز جي شاعريءَ جو عاشق، ته ٻئي پاسي ثناالله استاد بخاريءَ جو ديوانو. بس پوءِ ڇا هو! شعرن جا دور، هڪ ٻئي کي شعر ٻڌائڻ، ساڳ ۽ مکڻ جون دعوتون، ۽ هر شعر تي واهه واهه!

ان محفل ۾ دلبر دوست علي گل کهڙو، خيرمحمد ميمڻ، عنايت منگي برادران ۽ ٻيا ڪيترائي دوست شريڪ هوندا هئا. اهي رڳو ڪچهريون نه هيون، پر دوستيءَ، ادب، محبت ۽ بي فڪريءَ جا ننڍڙا ننڍڙا ميلا هئا. وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو، پر انهن محفلن جي مٺاس اڄ به دل ۾ ساڳي آهي.

تڏهن کان اڄ تائين ياريءَ جو اهو سلسلو جاري آهي. هر ڪو پنهنجي روزگار، گهرو ذميوارين ۽ دنيا جي ڌنڌن ۾ مصروف ٿي ويو. ڪنهن جا رستا ڪٿي وڃي مليا، ڪنهن جا ڪٿي، پر دوستيءَ جو رشتو پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو.

فاصلا وڌيا آهن، ملاقاتون گهٽيون آهن، پر دلين جا رابطا ڪڏهن به نه ٽٽا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته مهينن تائين ملاقات نه ٿيندي آهي، پر جڏهن به ملندا آهيون ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪالهه ئي ڪچهري ڇڏي اٿئون.

ميرا ٻائيءَ جو هڪ خوبصورت احساس آهي:

”نت نت نَوَلو نينهن“

يعني محبت هر روز نئين، هر ملاقات ۾ نئين تازگي، هر ياد ۾ نئين مٺاس هجي. منهنجي نظر ۾ دوستيءَ جي اصل خوبصورتي به اها ئي آهي ته وقت گذرڻ سان ان ۾ پراڻائپ نه اچي، پر محبت هر ڀيري نئين سر جاڳي پوي.

دوستيءَ کي ملاقاتن جي تعداد، گڏ گذاريل سالن يا هڪ ٻئي جا ڪم ڪرڻ سان نٿو ماپي سگهجي. ان جو اصل معيار وفاداري، سچائي، هڪ ٻئي جي عزت ۽ ڏکئي وقت ۾ بنا ڪنهن غرض جي گڏ بيهڻ آهي. سچو دوست اهو ناهي، جيڪو رڳو سامهون تعريف ڪري، پر اهو آهي، جيڪو اوهان جي غيرموجودگيءَ ۾ به اوهان جي عزت ۽ وقار جو محافظ بڻيل رهي ۽ ثناالله، منهنجي لاءِ تنهنجي دوستيءَ جي اها ئي اهميت آهي.

هاڻي تنهنجي رٽائرمينٽ جي ڳالهه ڪريون ته منهنجو خيال آهي ته زندگيءَ جي هن مرحلي تي عزت ۽ وقار سان رٽائر ٿيڻ به ڪنهن وڏي ڪاميابيءَ کان گهٽ ناهي. نوڪريءَ ۾ اچڻ اسان جي اختيار ۾ هوندو آهي يا نه، پر ان کي ڪيئن نڀائجي ۽ ڪهڙي عزت سان رخصت ٿجي، اهو گهڻو ڪري اسان جي پنهنجي هٿ ۾ هوندو آهي.

تنهنجي لاءِ ته مان چوندس، سٺو ٿيو، عزت سان رٽائر ٿي وئين. مبارڪون هجن! شاهه حسين جو هڪ بيت ياد ٿو اچي:

”ڀلا هويا ميرا چرکا ٽوٽا،

جند ڪتڻ تون ڇُٽي،

جند عذاب تون ڇُٽي.“

يعني، چڱو ٿيو جو چرخي جي مسلسل ڦيري کان ڇوٽڪارو مليو ۽ جيءَ کي هڪ عذاب کان آجو ٿيڻ جو موقعو مليو.

هاڻي ته سرڪاري نوڪرين جو زمانو به اڳ جهڙو ڪٿي رهيو آهي! ڪڏهن نوڪري ملڻ ڏکي، ڪڏهن ان کي برقرار رکڻ ڏکيو، ته ڪڏهن ان ۾ عزت ۽ سڪون سان وقت پورو ڪرڻ به هڪ امتحان. سو، ثناالله، تو اهو سفر خير خوبيءَ سان پورو ڪيو، اها به وڏي ڳالهه آهي.

پر هڪ ڳالهه ضرور چوندس: رٽائرمينٽ نوڪريءَ مان هوندي آهي، زندگيءَ مان نه؛ عهدو ختم ٿيندو آهي، پر انسان جو ڪردار ۽ دوستن جي دلين ۾ سندس جاءِ برقرار رهندي آهي.

اڄ کان پوءِ صبح جو اسڪول وڃڻ جي تڪڙ نه هوندي، حاضريءَ جو خيال نه هوندو، موڪل جي درخواست نه لکڻي پوندي ۽ نه ئي ڪنهن گهنٽيءَ جي آواز تي ڪلاس ۾ پهچڻو پوندو. هاڻي وقت تنهنجو پنهنجو هوندو. سو ان وقت کي به ڪنهن خوبصورت ڪتاب وانگر کولجانءِ. ڪڏهن دوستن سان ڪچهري، ڪڏهن پراڻين يادن جي ورق گرداني، ڪڏهن ڪتابن سان سنگت، ته ڪڏهن نون سفرن جي تياري.

آخر ۾، منهنجي دعا ۽ نيڪ خواهش آهي ته زندگيءَ جو هي نئون باب تنهنجي لاءِ صحت، خوشين، سڪون، عزت ۽ پنهنجن جي محبت سان ڀرپور هجي. جيڪي خواب فرضن جي بار هيٺ رهجي ويا، سي هاڻي ساڀيان ماڻين. جن دوستن سان ڪچهريون رهجي ويون، سي ٻيهر آباد ٿين ۽ زندگيءَ جي هن نئين سفر ۾ به کل، خوشي ۽ محبت جو ساڳيو رنگ برقرار رهي.

ثناالله! اڄ تنهنجي نوڪريءَ جو آخري ڏينهن آهي، پر اسان جي دوستيءَ جو نه. اسڪول جي حاضري ختم ٿي سگهي ٿي، پر دوستن جي محفل ۾ تنهنجي حاضري هميشه لڳندي رهندي.

۽ ها، هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ: هاڻي تو وٽ وقت ئي وقت آهي، تنهنڪري ڪچهريءَ کان بچڻ جو ڪو بهانو نه هلندو!

رٽائرمينٽ جون لک لک مبارڪون، منهنجا پيارا دوست!

__________

Raja-Ramesh-Sindh-Courier-150x150

رميش راجا، هڪ سول انجنيئر، دورانديش رٿابندي ڪندڙ، PMP سرٽيفائيڊ ۽ ادب سان چاهه رکندڙ شخصيت آهي، جنهن کي آرٽ ۽ تفريح جو جنون آهي. ساڻس هن اي ميل تي رابطو ڪري سگهجي ٿو: engineer.raja@gmail.com“

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button