سنڌي ادب: درد دل ٻئي دُوبدو، خار گُل ٻئي دُوبدو (غزل)
شاعر: عزيز ڪِنگراڻي
عزيز ڪنگراڻي ناميارو ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، شاعر، محققق،مورخ ۽ ٻوليءَ ماهر آهي. سندس انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ 22 ڪتاب شايع ٿيل ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ اردو ۾ ڪيترائي ڊراما ۽ مقالا پڻ لکيل آهن.

درد دل ٻئي دُوبدو، خار گُل ٻئي دُوبدو (غزل)
درد دل ٻئي دُوبدو.
خار گُل ٻئي دُوبدو.
هار ھڪ جي آ اَوَس،
آڳ جَل ٻئي دُوبدو.
حالتون ۽ حوصلو،
پل اَپل ٻئي دُوبدو.
من جي بستي ٻئي طرف،
ڏُک جِي گھَل ٻئي دُوبدو.
عشق شعلو دل ڪنول،
ڄَرُ ڪنول ٻئي دُوبدو.
جا اَمَر سا زندگي،
۽ اَجل ٻئي دُوبدو.
نِينهن جي وِڄ ۽ عزيز،
هر مهل ٻئي دُوبدو.
_______
آزاد نظم
سماجي ۽ رت جي،
رشتن کي چئو،
حياتي جي ڍنڍ جي،
ڪناري تي ٻيڙِي جو پُور،
ٻئي ڪناري آ وڃڻو،
بيهڻو نه آ،
همتن جو سرھ،
رَوِش جي بگهڙ کان،
ڊحڻو نه آ،
وقت جو وهڪرو،
رُڪڻو نه آ،
رُوح روئڻو نه آ،
هِردو هڄڻو نه آ،
ڪوبه ناهي ڀَئو!
رشتن کي چئو!
هر ڏکي ۽ سُکي ۾،
رَوَشُن جي زهر جو،
پيالو ڀريل پئڻ کان پوءِ،
به جيءُ ٿو سگهان،
مون ڪيو آ گهڻو،
جو ڪري ٿي سگهيس،
هاڻ ته دعا ئي دِلي،
ڪري ٿو سگهان،
شال جُڳ جئو!
سماجي ۽ رت جي،
رشتن کي چئو!!
___________

عزيز ڪنگراڻي



