Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ڏياري: رامائڻ کان اڳ، تهذيب جي اوسر جو ڏڻ

عام طور ڏياريءَ کي لڇمي ديويءَ جي پوڄا ۽ راجا رام چندر جي ايوڌيا واپسيءَ جي علامت طور ڏٺو وڃي ٿو. پر ڇا ڏياريءَ جي ڪهاڻي رڳو ايتري ئي آهي؟ ڇا اسان ڪڏهن هن ڏڻ جي پاڙن کي انساني تهذيب جي اوائلي سفر، زراعت جي جنم، دريائن جي ڪنارن تي آباد ٿيندڙ وسندين ۽ فطرت سان انسان جي ازلي رشتي ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ شايد ڏياريءَ جي تاريخ اسان جي عام تصور کان گهڻو وڌيڪ قديم ۽ وسيع آهي. 

ڪلاونتي راجا

اڄ سڄي دنيا ڏياريءَ جي ڏڻ جون خوشيون ملهائي رهي آهي. گهر گهر ۾ ڏيئا ٻرن ٿا، آسمان آتشبازيءَ جي رنگن سان جرڪي ٿو، مٺايون ورهايون وڃن ٿيون ۽ هر پاسي خوشيءَ جا ڏيئا روشن ٿين ٿا. عام طور ڏياريءَ کي لڇمي ديويءَ جي پوڄا ۽ راجا رام چندر جي ايوڌيا واپسيءَ جي علامت طور ڏٺو وڃي ٿو. پر ڇا ڏياريءَ جي ڪهاڻي رڳو ايتري ئي آهي؟ ڇا اسان ڪڏهن هن ڏڻ جي پاڙن کي انساني تهذيب جي اوائلي سفر، زراعت جي جنم، دريائن جي ڪنارن تي آباد ٿيندڙ وسندين ۽ فطرت سان انسان جي ازلي رشتي ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ شايد ڏياريءَ جي تاريخ اسان جي عام تصور کان گهڻو وڌيڪ قديم ۽ وسيع آهي.

جبلن جي جنم کان انساني تهذيب تائين

اڄ کان لڳ ڀڳ ويهه ڪروڙ سال اڳ، هندستاني زميني خطو ”گونڊوانا“ نالي قديم ڏاکڻي وڏي کنڊ جو حصو هو، جنهن ۾ آفريڪا، انٽارڪٽيڪا، آسٽريليا ۽ مڊگاسڪر به شامل هئا. وقت گذرڻ سان هندستاني زميني پليٽ گونڊوانا کان ڌار ٿي، قديم ٽٿيس سمنڊ مان اتر طرف وڌندي، لڳ ڀڳ پنجاهه کان سٺ ملين سال اڳ يوريشيائي پليٽ سان ٽڪرائجي وئي. انهيءَ زبردست ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ هماليه، قراقرم ۽ هندوڪش سميت جبلن جو عظيم سلسلو وجود ۾ آيو. هندستاني پليٽ اڄ به هر سال ڪجهه سينٽي ميٽر اتر طرف سرڪي رهي آهي، جنهن سبب اهي جبل اڃا تائين زميني حرڪتن جي اثر هيٺ آهن ۽ ھنن جون اوچايون وڌن پيون.

انهن جبلن، برفاني گليشيئرن ۽ برساتي نظامن مان برصغير جا عظيم درياهه وجود ۾ آيا ۽ وهندا رهيا. سنڌو، جهلم، چناب، راوي، بياس، ستلج، گنگا، جمنا ۽ برهمپترا خاص طور تي شامل آھن. انهن درياهن جي پاڻيءَ، زرخيز مٽيءَ ۽ موسمي وهڪرن هن خطي کي انساني آبادين ۽ زراعت لاءِ موزون بڻايو. اڄ کان لڳ ڀڳ ٻارهن هزار سال اڳ، نوپٿڪ انقلاب جي دور ۾، انسان شڪار ۽ خوراڪ جي ڳولا ۾ خانه بدوش زندگي گذارڻ بدران زمين آباد ڪرڻ، پوک ڪرڻ ۽ مستقل وسنديون قائم ڪرڻ لڳو. سنڌو، گنگا، جمنا، سرسوتي ۽ برهمپترا جي دريائي ماٿرين ۾ زراعت ۽ قديم تهذيبن جي اوسر لاءِ سازگار حالتون پيدا ٿيون.

فصل لهڻ انسان لاءِ رڳو خوراڪ حاصل ڪرڻ نه هو، پر خوشحالي، بقا ۽ ايندڙ موسم جي اميد جو پيغام پڻ هو. ماڻهو فصل جي لاباري کان پوءِ قدرت جي مهربانيءَ جا ٿورا مڃيندا هئا ۽ سياري جي اچڻ کان اڳ خوشيون ملهائيندا هئا. اهڙيءَ ريت فصل، فطرت ۽ انساني زندگيءَ جي لاڳاپي مان موسمي جشنن جون روايتون جنم وٺنديون رهيون. ايئن ڏياري جي شروعات ٿئي ٿي.

فصل جي خوشحاليءَ کان لڇمي ديويءَ جي پوڄا تائين

جيئن جيئن زراعت انساني سماج جي خوشحاليءَ جو بنياد بڻي، تيئن دولت، رزق ۽ فراوانيءَ کي مذهبي عقيدن سان ڳنڍيو ويو. هندو ڌرمي روايتن ۾ لڇمي ديوي دولت، خوش نصيبي ۽ خوشحاليءَ جي علامت بڻجي اڀري. لڇميءَ جو ذڪر قديم ويدڪ ادب، خاص طور شري سوڪت ۾ ملي ٿو، جيڪو رگ ويد جي روايت سان لاڳاپيل آهي، جيتوڻيڪ ان کي رگ ويد ۾ پوءِ شامل ٿيل حصو سمجهيو وڃي ٿو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته لڇميءَ جي پوڄا جون روايتون رام جي روايتي دور کان به آڳاٽيون آهن.

لڇمي، درگا، سرسوتي ۽ ٻين ديوين جا تصور اسان کي قديم سماج ۾ عورت جي حيثيت بابت به سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. عورتون معاشي، سماجي ۽ سياسي معاملن ۾ به اهم ڪردار ادا ڪنديون هيون ۽ اھو عورت جي حڪمراني جو قديم سماج ھو جنھن تحت آفريقا، ايشيا، يورپ ۽ آمريڪا جي تاريخ ۾ عورتن حڪمراني ۽ قيادت ماڻي. سنڌو تهذيب مان هٿ آيل عورتن جا مجسما، مهرون ۽ ٻيون شيون به قديم سماج ۾ عورتن جي حيثيت جون واضع نشانيون آھن، ۽ ھاڻ ڏياري فصلي لاباري سان گڏ لڇمي پوجا جو به ڏڻ ٿي ويو ڇوته ھاڻي مذھب پنھنجي ھڪ شڪل اختيار ڪري چڪو آھي.

رامائڻ جي ڪهاڻي ۽ ڏياريءَ جو راجائي رنگ

هندو ڌرمي ڪائنات جي تصور موجب، هيءَ ڪهاڻي “ترتا يڳ” سان تعلق رکي ٿي، جيڪو چئن يوگن مان ٻيو يوگ آهي. ان جو تعلق ايوڌيا جي “رَگھُو ونشي” خاندان سان آهي، جنهن جي روايت ۾ وعدي پاڙڻ ۽ خانداني فرض نڀائڻ کي وڏي اهميت حاصل هئي ۽ جنھن کي رشي والميڪ ۽ تلسي داس رامائڻ جھڙن ڪتابن ۾ محفوظ ڪيو آھي.

ايوڌيا جي راجا دشرت جون ٽي راڻيون هيون. سندس ننڍي ۽ پياري راڻي ڪيڪئي، اڳ ۾ مليل ٻن وعدن جي آڌار تي پنهنجي پٽ ڀرت لاءِ تخت ۽ وڏي ويڳي پٽ رام چندر لاءِ چوڏهن سالن جي جلاوطنيءَ جو مطالبو ڪيو. وعدي جو پابند هجڻ ڪري راجا دشرت مجبور ٿي اهو فيصلو قبول ڪيو. رام به پيءُ جي حڪم آڏو ڪنڌ جهڪائيندي پنهنجي زال سيتا ۽ ننڍي ڀاءُ لڇمڻ سان گڏ “ڏنڊڪارڻيه” جي گهاٽن ٻيلن ڏانهن روانو ٿيو، جيڪو اڄوڪي ڇتيس ڳڙهه، اوڊيشا، مهاراشٽرا، تلنگانا ۽ آنڌرا پرديش تائين پکڙيل هو. يعني قصو فيملي سياست جو ھو.

انهيءَ جلاوطنيءَ دوران لنڪا جي طاقتور دراوڙي راجا راوڻ ۽ رام جي وچ ۾ راوڻ ھٿان سيتا جي اغوا تان جنگ لڳي ھئي جيڪا رامچندر هنومان جي مدد ۽ سياسي حڪمت عملي سان راوڻ جي ڀاءُ وڀيشن کان غداري ڪرائي کٽي ھئي. سيتا واپس ورائي ۽ لنڪا جو اقتدار راوڻ جي ڀاءُ وڀيشڻ جي حوالي ڪيو. ان جنگ کي ڏياري کان پندرنھن ڏينھن اڳ دسھڙي طور ملھائبو آھي. ڪي جديد تاريخي اندازا هن جنگ جو زمانو 5635 قبل مسيح به ٻڌائين ٿا، جڳ مشھور مفڪر اوشو موجب راوڻ ۽ رام جي دشمنيءَ جون پاڙون سيتا جي سُويمبر واري تقريب تائين پهچن ٿيون؛ جنھن ۾ راجا جنڪ پنھنجي سھڻي ڌي جي شادي لاءِ شِوَ جي عظيم ڌنش کي ھڪ ھٿ ۾ کڻي ٽوڙڻ جو شرط رکيو ھو، راوڻ جي ناقابل شڪست غيرمعمولي طاقت کي محسوس ڪندي، رام جي خاندان لنڪا سڙڻ جي ڪوڙي خبر ڦھلائي  راوڻ کي ان تقريب ۾ شرڪت کان روڪيو هو ۽ پوءِ بدلي ۾ راوڻ سيتا کي اغوا ڪيو.

بحرحال چوڏهن سالن جي جلاوطني پوري ٿيڻ تي رام چندر اوائلي ملھائجندڙ ڏياري جي ڏينھن جي چونڊ ڪئي جيڪو اصلي راجا رام چندر جي بنواس ڪري ايوڌيا ۾ سادگي سان ملھايو ويندو ھو ۽ پوءِ جڏهن رام، سيتا ۽ لڇمڻ ايوڌيا واپس پهتا ته شهر واسين سندن آجيان لاءِ ڏياري کي وڏي ڌام ڌوم سان ملھايو ۽ پوءِ اھو واقعو ڏياريءَ جي اهم مذهبي روايت بڻايو ويو،

مذهب کان مٿانهون ڏياريءَ جو پيغام

جيڪڏهن ڏياريءَ کي تاريخ ۽ تهذيب جي وسيع پسمنظر ۾ ڏسجي ته ان جي اندر انساني سفر جا ڪيترائي دور هڪ ٻئي سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا: زمين ۽ جبلن جي جوڙجڪ، دريائن جو وجود، زراعت جي شروعات، فصلن جي خوشحالي، لڇمي ديويءَ جي پوڄا، عورتن جي قديم سماجي حيثيت ۽ رامائڻ جي مذهبي روايت. ممڪن آهي ته انهن سڀني روايتن هڪ ئي وقت يا هڪ ئي هنڌ جنم نه ورتو هجي، پر صدين ۽ نسلن جي سفر ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍجنديون رهيون هجن. اهڙيءَ طرح ڏياري هڪ زنده ثقافتي ورثو بڻجي وئي، جنهن ۾ هر دور پنهنجي عقيدي، سوچ ۽ زندگيءَ جو ڪو نه ڪو رنگ شامل ڪيو.

مندرن کان اڳ درياهه هئا، منظم مذهبن کان اڳ فطرت تي ڀاڙيندڙ انساني برادريون هيون، ۽ دولت کي ديويءَ سان منسوب ڪرڻ کان اڳ انسان زمين کيڙي، ٻج پوکي ۽ پنهنجي بقا لاءِ جدوجهد ڪندو هو. منهنجي نظر ۾ ڏياريءَ جي اصل وسعت رڳو رام جي ايوڌيا واپسيءَ، لڇمي ديويءَ جي پوڄا يا رام جي راوڻ تي فتح تائين محدود ناهي. اها انسان جي ان ڊگهي سفر جي علامت پڻ آهي، جيڪو فطرت جي آغوش کان تهذيب جي تعمير تائين، شڪار کان زراعت تائين، بقا جي جدوجهد کان خوشحاليءَ تائين ۽ اڻڄاڻائيءَ کان علم ۽ شعور تائين پهتو آهي. ڏياريءَ جو سڀ کان روشن ڏيئو اهو آهي، جيڪو انسان جي اندر علم، شعور، شڪرگذاري، محبت، همدردي ۽ ڏاهپ جي روشني ٻاري. ڇو ته روشني رڳو گهرن ۽ گهٽين کي روشن ڪرڻ جو نالو ناهي، پر ذهنن مان اونداهي ختم ڪرڻ جو نالو پڻ آهي.

____________

Kalavanti Raja-The AsiaN

ڪلاونتي راجا سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آهي، جيڪا گذريل ٻن ڏهاڪن کان پاڻي، اقليتن، عورتن ۽ ٻين عوامي مسئلن لاءِ جدوجهد ۽ آگاهي جي ڪم سان وابسته آهي. لکڻ ۽ تقرير ذريعي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سندس دلچسپي آهي. رابطو kalavanti.raja@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button