آرڪيالاجي: قديم مادي شاھدين مان انسان جي ماضيءَ جي ڳولا
انسان کي پيدا ٿيڻ، ارتقا ڪندي رهڻ ۽ موجوده صورت اختيار ڪرڻ ۾ هزارين سال لڳا آهن. ان دوران هو رهائش ڪندو رهيو. هو ڪنهن نه ڪنهن قسم جو گهر، ڪنهن نه ڪنهن قسم جا اوزار، ڪنهن نه ڪنهن قسم جا ٿانوَ، عمارتون، قبرون، مجسما، زيور، هٿيار، لکيل تختيون، جانورن جون هڏيون ۽ باقيات، ٻوٽن جون باقيات وغيره پٺيان ڇڏيندو ويو آهي . انهن ئي قديم شين کي کوٽي ڪڍڻ ۽ انهن شاهدين مان مليل معلومات موجب انساني ماضيءَ کي سمجهڻ جي علم کي آرڪيالاجي يا پراچين يڳن جو علم چئبو آهي.

شاهه محمد مري
ترجمو .. حبيب ساجد
آرڪيالاجي اهو علم آهي جيڪو انسان جي ماضيءَ کي موجود مادي شاهدين ۽ ثبوتن وسيلي سمجهي ٿو ۽ سمجهائي ٿو. ان علم ۾ ڪنهن ذاتي تخيل ۽ تصور وغيره جي بلڪل به گنجائش ناهي هوندي. آثارِ قديمه واري جاءِ تي زمين جي کوٽائيءَ وسيلي جيڪا شئي ملندي ويندي آهي، ان جي ئي بنياد تي ماضيءَ بابت ڳالهه ڪئي ويندي آهي .
اها ڳالهه ته چٽي آهي ته ڪائنات جي تاريخ ۾ انسان، ظاهر ٿيندڙ آخري عظيم نوع آهي. جيالاجيءَ جي رڪارڊ ۾ ان جا پنڊ پھڻ سڀ کان مٿين تهن ۾ موجود هوندا آهن. اهڙيءَ طرح انسان ان عمل جي بلند ترين پيداوار آهي.
انسان کي پيدا ٿيڻ، ارتقا ڪندي رهڻ ۽ موجوده صورت اختيار ڪرڻ ۾ هزارين سال لڳا آهن. ان دوران هو رهائش ڪندو رهيو. هو ڪنهن نه ڪنهن قسم جو گهر، ڪنهن نه ڪنهن قسم جا اوزار، ڪنهن نه ڪنهن قسم جا ٿانوَ، عمارتون، قبرون، مجسما، زيور، هٿيار، لکيل تختيون، جانورن جون هڏيون ۽ باقيات، ٻوٽن جون باقيات وغيره پٺيان ڇڏيندو ويو آهي . انهن ئي قديم شين کي کوٽي ڪڍڻ ۽ انهن شاهدين مان مليل معلومات موجب انساني ماضيءَ کي سمجهڻ جي علم کي آرڪيالاجي يا پراچين يڳن جو علم چئبو آهي.
هيءَ آرڪيالاجي رڳو کوٽائي ڪري شين جي نمائش جو نالو ناهي. هيءَ سائنس جي ٻين شاخن کي پاڻ سان ملائڻ واري هڪ اهم ترين سائنس آهي.
سائنس جي ڪنهن به شاخ ڏانهن وڃو، توهان کي يوناني ٻوليءَ سان ڀاڪر پائڻو پوندو. ان ٻوليءَ ۾ قديم کي arkhaios ۽ علم کي logos چئبو آهي. اهڙيءَ طرح هن سائنس جو نالو آرڪيالاجي پيو يعني قديم يا پراچين شين جو علم، تنهن ڪري، آرڪيالاجي انهن قديم شين جي علم مان انساني سماجن جي طرزِ زندگي، معيشت، ٽيڪنالاجي، ماحول، مذهبي تصورن، سماجي رشتن، فنن ۽ ثقافتي تبديلين کي مادي شاهدين جي مدد سان سمجهڻ ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
هر سائنس وانگر آرڪيالاجي به شروع کان، پر ڏاڍي مبهم انداز ۾، انسان سان گڏ رهي ڪري ۽ ترقي ڪندي ڪندي 19هين صديءَ ۾ وڏي پيماني تي کوٽائين جي صورت ۾ اڀري سامهون آئي ۽ اهو ڪم يورپ جي ماهرن شروع ڪيو. دريافتن کي دستاويزي صورت ڏيڻ جون ڪوششون ٿيون، آثارن جي درجا بندي ڪرڻ جون پڻ ڪوششون ورتيون ويون.
ٿيندو اهو آهي ته آثارِ قديمه وارن ماڳن تي مٽي ۽ انساني سرگرمين جا تهه مختلف دورن ۾ ٺهندا رهندا آهن . برادريون ساڳيءَ جاءِ تي ڪيترن ئي ايندڙ نسلن تائين رهڻ تي مجبور هيون. اڳين جي کنڊرن تي نيون اڏاوتون ڪيون ويون . اهڙيءَ طرح سمورو گڏ ٿيل ملبو هڪ ٽڪريءَ جيان اڀري بيهجي وڃي ٿو، هڪ دڙي جا هيٺيان تهه وڌيڪ قديم ۽ مٿيان تهه نسبتاً نوان ۽ جديد هوندا آهن.
هِتي هُتي، پٿر جي اوزارن، انساني باقيات ۽ قديم جانورن جي پنڊ پھڻن جي دريافتن ان تصور کي طاقت ڏني آهي ته انساني تاريخ چند هزار سالن تائين محدود ناهي، بلڪ ان جون پاڙون لکين سال پراڻيون آهن. هيءُ ماضيءَ جو اهو حصو آهي جنهن لاءِ لکيل تاريخ جا ذريعا دستياب ناهن هوندا. ان دور کي سمجهڻ ۾ هي علم يعني آرڪيالاجي بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي.
آرڪيالاجي دريافت ٿيل شئي جي سڃاڻپ ڪري ٿي ته ان جو خالق ڪير آهي، ان جي استعمال جو مقصد ڇا هو، اها ڪهڙي ٽيڪنالاجيءَ سان ٺاهي وئي هئي، ان جو تعلق سماج جي ڪهڙي طبقي سان هو، خام مال ڪٿان جو هو، ان ماڳ جي ماحول ۾ وقت سان گڏ ڪهڙيون تبديليون آيون، ماڻهن جي خوراڪ ڇا هئي، مختلف سماجن ۾ واپار جي صورتحال ڇا هئي. اهڙيءَ طرح اسان کي معلوم ٿيو پوي ته شڪار کان وٺي پوکيءَ تائين جو سفر ڪيئن ٿيو، ننڍين آبادين مان شهرَ ڪيئن وجود ۾ آيا، ماحول ۽ موسمي تبديلين انساني آبادڪاريءَ کي ڪيئن متاثر ڪيو.
اهڙيءَ طرح آرڪيالاجي انساني سماج جي لڳ ڀڳ هر پهلوءَ جي مطالعي سان جڙي وڃي ٿي.
جڏهن به اسان ڪنهن شيءِ جي قدامت بابت ڳالهه ڪريون ٿا ته سوال اٿي ٿو ته ڪيئن معلوم ٿيو ته هيءَ شيءِ 9 يا 5 هزار سال پراڻي آهي. ان لاءِ جيڪو طريقو استعمال ٿيندو آهي ان کي ريڊيوڪاربن ڊيٽنگ چئبو آهي. ڀلي اها شئي ڪاٺ هجي، هڏي هجي، ٻج هجي، ڪپڙو ۽ ريشو هجي، انساني يا حيواني باقيات هجن، هن ٽيڪنڪ سان ان جي عمر معلوم ڪري سگهجي ٿي. ايتري درست، جو حيرانگي ٿيندي آهي .
هڪ ٻي سمجهڻ واري ڳالهه اها به آهي ته ڪا به سائنس اڪيلي سِر اڳتي ناهي وڌندي، جيستائين ٻين سائنسن کان مدد نه وٺي. آرڪيالاجيءَ بابت ته اها پڪي ڳالهه آهي ته هيءَ هڪ بين-الشعباجاتي (interdisciplinary) علم بڻجي چڪي آهي. هاڻي آرڪيالاجي وارا جيالاجي، بائيولاجي، ڪيمسٽري، جينيٽڪس، اينٿروپالاجي، باٽني، زوالاجي، ماحول ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي ماهرن سان گڏجي ڪم ڪن ٿا. قديم ٻوٽا ۽ فصل، باٽنيءَ جي ماهرن جي مدد کان سواءِ مڪمل طور نٿا ڄاڻي سگهجن. قديم جانورن جي باقيات مان خوراڪ، شڪار، مال پالڻ ۽ معيشت بابت معلومات کي ڀرپور نموني سمجهڻ لاءِ زوالاجيءَ کي پاڻ سان ملائڻو پوي ٿو. بايو-آرڪيالاجيءَ سان انساني باقيات مان قديم آبادين جي صحت، خوراڪ، بيمارين، جسماني سرگرمين ۽ زندگيءَ جي حالتن بابت علم حاصل ٿئي ٿو. آرڪيوجينيٽڪس ڊي.اين.اي جي دنيا ۾ علم کي دريافت ڪري ٿي. وغيره وغيره.
ڪنھن زماني ۾ خزاني جي ڳولا ۾ ماڻهو آرڪيالاجيڪل ماڳن جي کوٽائي ڪندا هئا. سون ۽ چانديءَ جي مجسمن يا سڪن جي ڳولا ۾ هڪ فرد يا چند فردن جو ٽولو خوار ۽ خراب ٿيندو رهندو هو. پر اڄ انسان لاءِ سون جي سڄي خزاني جي ڀيٽ ۾ هڪ ٽٽل ٿانوَ، مٽيءَ ۾ موجود اناج جي هڪ داڻي، جانور جي هڪ هڏي، يا هڪ معمولي پٿر جي اوزار جي اهميت وڌيڪ آهي.
اسان جو صوبو بلوچستان آرڪيالاجيڪل ماڳن سان ڀريو پيو آهي. ڪمال آهي ته انهن آرڪيالاجيڪل ماڳن کي نه ڇيڙڻ ۽ جيئن جو تيئن رکڻ جي حفاظت سائنس جي سڀ کان وڏي دشمن ”عقيدي“ ڪئي. ماڻهن مشهور ڪري ڇڏيو ته انهن ماڳن تي جنَ رهن ٿا. هاڻي ڪنهن جي همت جو اتي وڃي ۽ ڪا گڙٻڙ ڪري. جن ته ان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندا. ڪنهن جن جي ننڍڙي پٽ يا ڌيءَ تي پير پئجي ويو ته مادرانه ۽ پدرانه محبت سان ڀريل جن ان شخص جو گهراڻو برباد ڪري ڇڏيندا. تنهن ڪري خوف (جيڪو انسان جو سڀ کان وڏو دشمن آهي) جا ماريل ماڻهو ڪڏهن به ان طرف ويندا ئي نه.
19هين صديءَ ۾ چارلس ڊارون هڪ انقلاب آندو. هن ارتقا جو نظريو پيش ڪيو. تڏهن کان انسان کي هڪ ڊگهي حياتياتي ۽ ثقافتي ارتقائي عمل جي پس منظر ۾ ڏسڻ جو لاڙو مضبوط ٿيو آهي . ارتقا، ارتقا ۽ بس رڳو ارتقا…
_________

شاھ محمد مري سنگت اڪئڊمي جو سرواڻ آهي ۽ ڪوئٽا ۾ رھي ٿو. اردو ۽ بلوچيءَ ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن




شاھ محمد مري پاڪستان ۾ ترقي پسند اديبن لاءِ ھڪ روشن مينار آهي، سندس فڪر کان اسان به متاثر آهيون.