Editor's pickMain Slideڪالم

سوشل ميڊيا جا ڪجهه اصول: ذاتي زندگي، رازداري ۽ ٽيگ ڪرڻ جا آداب

سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي استعمال جي ضرورت آھي. افسوس جي ڳالهه آهي ته رابطي جي انهن جديد سهولتن سان گڏ اسان ڪڏهن ڪڏهن بنيادي سماجي اصول، اخلاق ۽ ٻين جي احساسن جو خيال رکڻ وساري ويهون ٿا.

عبدالله عثمان مورائي

اسان اهڙي دور ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، جتي سوشل ميڊيا اسان جي روزمره جي زندگيءَ جو لازمي حصو بڻجي چڪو آهي. فيس بڪ، واٽس ايپ، انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي پليٽ فارمن رابطن کي تمام آسان ۽ تيز بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي اسان چند سيڪنڊن ۾ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويٺل ماڻهوءَ سان رابطو ڪري سگهون ٿا، پنهنجا خيال ونڊي سگهون ٿا ۽ دوستن توڙي مٽن مائٽن سان رابطي ۾ رهي سگهون ٿا.

پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته رابطي جي انهن جديد سهولتن سان گڏ اسان ڪڏهن ڪڏهن بنيادي سماجي اصول، اخلاق ۽ ٻين جي احساسن جو خيال رکڻ وساري ويهون ٿا. ڪنهن ڪم ڪرڻ جي سهولت موجود هجڻ جو مطلب اهو ناهي ته اجايو ڪم ڪرڻ لازمي يا مناسب به آهي. جيئن حقيقي زندگيءَ ۾ سماجي لاڳاپن جا ڪي اصول ۽ آداب آهن، تيئن سوشل ميڊيا جي استعمال لاءِ به اخلاقي اصولن ۽ احتياط جي ضرورت آهي.

مثال طور، ڪنهن ماڻهوءَ کي واٽس ايپ يا ڪنهن ٻئي سوشل ميڊيا گروپ ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ ان کان اجازت وٺڻ گهرجي. هر ماڻهوءَ جون پنهنجون مصروفيتون، دلچسپيون ۽ ترجيحون هونديون آهن. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن کي ڪنهن خاص گروپ جو حصو ٿيڻ ۾ دلچسپي نه هجي يا هُو روزانو ايندڙ اطلاعن کان پري رهڻ چاهيندو هجي. تنهنڪري بهتر آهي ته پهرين پڇجي ۽ پوءِ شامل ڪجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو دعوت قبول ڪري گروپ ۾ شامل ٿئي ته کيس هڪ ننڍڙو ٿورو ۽ مهرباني مڃڻ جو پيغام موڪلڻ به سٺي اخلاق جي نشاني آهي. ڪنهن جي دعوت قبول ڪرڻ کان پوءِ بلڪل خاموش رهڻ ڪڏهن ڪڏهن عجيب ۽ غير دلچسپيءَ وارو رويو محسوس ٿيندو آهي.

اهڙيءَ طرح ٻين جي ذاتي زندگي ۽ رازداريءَ جو احترام ڪرڻ به تمام ضروري آهي. ڪنهن کي بنا اجازت لائيو اچڻ دوران ڏيکارڻ، وڊيو ٺاهڻ يا تصوير ڪڍڻ مناسب ناهي. هر ماڻهو اهو نٿو چاهي ته سندس چهرو، گهر يا ذاتي زندگي سڄي دنيا جي سامهون اچي. ڪنهن به ماڻهوءَ کي لائيو وڊيو يا ڪنهن عوامي پوسٽ ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ سندس اجازت وٺڻ گهرجي. رازداري هر انسان جو حق آهي، ۽ ان جو احترام ٿيڻ گهرجي.

ساڳيءَ ريت، تصوير يا پوسٽ سان ڪو واسطو نه رکندڙ ماڻهن کي بنا سبب ٽيگ ڪرڻ به مناسب ناهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تصوير ۾ موجود ئي ناهي يا ان پوسٽ سان سندس ڪو تعلق ناهي ته پوءِ کيس ٽيگ ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ ٽيگ ڪرڻ جو ڪو مناسب سبب هجڻ گهرجي، نه ته رڳو پوسٽ کي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ يا ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي ٽيگ ڪرڻ  صحيح ناهي.

اڄڪلهه هڪ ٻيو عام مسئلو هر روز صبح جو سلام، شب بخير ۽ اهڙا ٻيا پيغام بنا ڪنهن ذاتي جملي جي اڳتي موڪلڻ آهي. انهن پيغامن پٺيان نيت سٺي ٿي سگهي ٿي، پر مسلسل اهڙا پيغام موڪلڻ سان وصول ڪندڙ تي اڻ سڌيءَ طرح جواب ڏيڻ جو دٻاءُ پوي ٿو. تصور ڪريو ته ڪنهن ماڻهوءَ کي هر صبح 30، 40 يا 50 اهڙا پيغام ملن ٿا. ڇا هر ماڻهوءَ وٽ ايترو وقت آهي جو سڀني جا پيغام کولي پڙهي ۽ جواب ڏئي؟ ماڻهن کي پنهنجون نوڪريون، گهر، ٻار، ذميواريون ۽ ٻيون مصروفيتون هونديون آهن. ڪنهن کي اهڙا پيغام وڻندا هوندا، ته ڪنهن لاءِ اهي مسلسل ذهني ٿڪاوٽ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

هڪ سچو، ذاتي ۽ محبت ڀريو پيغام، جنهن ۾ پنهنجا ٻه لفظ به شامل هجن، سو ڪيترن ئي فارورڊ ڪيل پيغامن کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو. رابطي جو مقصد ماڻهن کي ويجهو آڻڻ آهي، نه ڪي انهن لاءِ روزانو هڪ نئين ذميواري پيدا ڪرڻ.

هڪ ٻيو حساس پهلو کاڌي پيتي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي ڏيکارڻ جو آهي. هر ماڻهوءَ کي پنهنجي خوشين ۽ تجربن کي ونڊڻ جو حق آهي، پر اسان کي پنهنجي اوسي پاسي جي دنيا ۽ ٻين ماڻهن جي حالتن جو به احساس رکڻ گهرجي. دنيا ۾ لکين ماڻهو اهڙا آهن، جن کي ڏينهن ۾ هڪ وقت جو مناسب کاڌو به نصيب نٿو ٿئي. ڪيترائي خاندان بک ۽ غربت کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ روزانو قيمتي کاڌن، شاندار ڊائننگ ٽيبلن ۽ کاڌي پيتي جي نمائش ڪرڻ، خاص طور تي بنا ڪنهن حساسيت جي، ٻين لاءِ تڪليف جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته ماڻهو پنهنجون خوشيون، دعوتون يا کاڌي جون تصويرون ڪڏهن به شيئر نه ڪن. ڳالهه صرف ايتري آهي ته اسان ۾ ٻين جي حالتن کي سمجهڻ ۽ احساس ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ گهرجي. هر خوشيءَ جي نمائش ضروري ناهي ۽ نه ئي زندگيءَ جو هر ذاتي تجربو سوشل ميڊيا تي رکڻ لازمي آهي.

سوشل ميڊيا پاڻ نه سٺو آهي ۽ نه خراب، ان جو دارومدار اسان جي استعمال تي آهي. اهو علم، شعور، دوستي ۽ رابطن کي وڌائڻ جو بهترين ذريعو ٿي سگهي ٿو، پر غير ذميواراڻي استعمال سان اهو ماڻهن لاءِ پريشاني، غير ضروري دٻاءُ ۽ تڪليف جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.

تنهنڪري ڪجهه سادا اصول ذهن ۾ رکڻ گهرجن جيئن، ڪنهن کي گروپ ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ اجازت وٺجي، تصوير يا وڊيو ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ رازداريءَ جو احترام ڪجي، رڳو لاڳاپيل ماڻهن کي ٽيگ ڪجي، غير ضروري ۽ بار بار پيغام موڪلڻ کان پاسو ڪجي ۽ ٻين جي احساسن کي نظر ۾ رکندي ڪا به شيءِ شيئر ڪجي.

سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هر اسڪرين جي ٻئي پاسي هڪ انسان موجود آهي، جنهن جو پنهنجو وقت، پنهنجون ترجيحون، پنهنجا احساس، ذميواريون ۽ ذاتي زندگي آهي.

سوشل ميڊيا جا سٺا آداب ۽ اصول اختيار ڪرڻ لاءِ نه پئسن جي ضرورت آهي، نه ڪنهن وڏي ڊگريءَ جي ۽ نه ئي ڪنهن خاص ٽيڪنيڪل ڄاڻ جي، صرف عام فهم، همدردي ۽ ٻين جي عزت ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اڄ جي هن ڳنڍيل دنيا ۾ سوشل ميڊيا جو ذميواراڻو استعمال رڳو سٺي عادت نه، پر هڪ سماجي ذميواري پڻ آهي.

___________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو    soomro.sweden@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button