ظلم خلاف آواز اٿارڻ لازمي آھي، ظلم جي بنياد تي اڏيل محل ضرور ڊھندا
ظلم جي بنيادن تي اڏيل محلات بظاهر ڪيترا به مضبوط هجن، انهن جي اندر تباهيءَ جا ٻج اڳ ئي پوکجي چڪا هوندا آهن. ظلم خلاف آواز اٿارڻ جو مطلب نفرت پکيڙڻ ناهي، پر انسانيت جي تحفظ لاءِ سچ ۽ انصاف جو ساٿ ڏيڻ آهي. انتقام بدران قانوني احتساب، دشمنيءَ بدران شعور ۽ تشدد بدران پرامن مزاحمت ئي مهذب سماج جي سڃاڻپ آهن. ظالم جو زوال رڳو هڪ فرد جي پڄاڻي ناهي، پر ايندڙ نسلن لاءِ هڪ تاريخي پيغام آهي. جيڪو اڄ ٻين جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ٿو، دليون رنجائي ٿو، سو سڀاڻي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ پنهنجي ڪردار جو جوابدار بڻجي سگهي ٿو.

حڪيم پريم چاندواڻي
انسان جي تاريخ رڳو بادشاهن جي فتوحات، حڪمرانن جي اقتدار ۽ جنگين جي داستانن جو مجموعو ناهي، پر اها مظلومن جون آهون، ظالمن جي عبرتناڪ پڄاڻي ۽ انساني ڪردار جي پرک جو هڪ کليل ڪتاب پڻ آهي. وقت جو سڀ کان وڏو انصاف اهو آهي ته اهو ڪنهن جي طاقت، دولت، عهدي يا ظاهري شان کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ هر ڪردار جو اصل چهرو تاريخ جي آئيني ۾ محفوظ ڪري ڇڏي ٿو.
دنيا ۾ اهڙا بيشمار ماڻهو پيدا ٿيا، جن پنهنجي اقتدار، دولت ۽ طاقت جي نشي ۾ پاڻ کي ناقابلِ شڪست سمجهيو. کين لڳو ته سندن حڪم ئي قانون آهي، سندن مرضي ئي انصاف آهي ۽ سندن سامهون ڪنهن جي به مجال ناهي ته زبان کولي. پر تاريخ ثابت ڪيو آهي ته طاقت جو غرور سدائين قائم نٿو رهي. ظلم جي بنيادن تي اڏيل محلات بظاهر ڪيترا به مضبوط هجن، انهن جي اندر تباهيءَ جا ٻج اڳ ئي پوکجي چڪا هوندا آهن.
هٽلر، فرعون، نمرود، ڪنس ۽ راوڻ جهڙا ڪردار رڳو قديم قصن جا موضوع ناهن، پر انساني سماج لاءِ دائمي تنبيهه آهن. انهن جي داستانن جو اصل مقصد رڳو سندن تباهي بيان ڪرڻ نه، پر ايندڙ نسلن کي اهو سمجهائڻ آهي ته جڏهن انسان پنهنجي حدن کان تجاوز ڪري ٿو، جڏهن طاقت کي خدمت بدران جبر جو وسيلو بڻائي ٿو ۽ جڏهن ٻين جي زندگين کي پنهنجي خواهشن جي تابع سمجهي ٿو، تڏهن سندس زوال جو سفر شروع ٿي وڃي ٿو.
ظلم جي هڪ خطرناڪ خاصيت اها به آهي ته ظالم کي شروعات ۾ پنهنجي ڪاميابيءَ جو يقين هوندو آهي. هو سمجهندو آهي ته خوف جي ذريعي ماڻهن کي هميشه خاموش رکي سگهجي ٿو، پر هو وساري ويهندو آهي ته خوف جي خاموشي، دلين جي رضامندي ناهي هوندي. دٻايل آواز ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن گونج بڻجي اڀرندا آهن. مظلوم جي اکين مان وهندڙ هر ڳوڙهو سماج جي ضمير تي هڪ سوال بڻجي ويندو آهي.
اسان کي تاريخ مان اهو به سکڻ گهرجي ته ظلم رڳو تخت ۽ تاج تي ويٺل حڪمران ناهن ڪندا. گهرن، ادارن، ڪاروبارن، تعليمي مرڪزن ۽ سماجي حلقن ۾ به اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي پنهنجي ٿوري اختيار کي به وڏو هٿيار بڻائي ٻين جي عزتِ نفس مجروح ڪندا آهن. ڪنهن ڪمزور جو حق ڦٻائڻ، ڪنهن بي پهچ سان ناانصافي ڪرڻ، ڪنهن جي مجبوريءَ مان فائدو وٺڻ ۽ پنهنجي ماتحت کي انسان بدران غلام سمجهڻ به ظلم جون ئي صورتون آهن.
ڪنهن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته عهدا عارضي آهن، دولت فنا ٿيڻ واري آهي، حسن وقت سان گهٽبو آهي ۽ جسماني طاقت به هميشه ساٿ نٿي ڏئي. باقي انسان جو ڪردار، سندس ڪيل عمل ۽ ٻين جي دلين ۾ ڇڏيل يادون ئي سندس اصل سڃاڻپ بڻجن ٿيون. ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترو ڪجهه گڏ ڪيو، ان کان وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته هن پنهنجي وجود سان ڪنهن کي ڪيترو فائدو پهچايو ۽ ڪنهن جي زندگيءَ ۾ ڪيتري تڪليف پيدا ڪئي؟
سماج جي سڌاري لاءِ ضروري آهي ته اسان ظالمن جي انجام جا قصا رڳو ٻڌون نه، پر انهن مان عملي نتيجا به اخذ ڪريون. ٻارن جي تربيت ۾ رحم، برداشت، سچائي، انصاف ۽ جوابدهيءَ جا قدر شامل ڪيون. ادارن ۾ اهڙو نظام قائم ٿئي، جتي قانون طاقتور ۽ ڪمزور ٻنهي لاءِ هڪجهڙو هجي. ڪنهن به شخص کي پنهنجي عهدي يا اثر رسوخ جي بنياد تي قانون کان مٿانهون نه سمجهيو وڃي.
اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ظلم خلاف آواز اٿارڻ جو مطلب نفرت پکيڙڻ ناهي، پر انسانيت جي تحفظ لاءِ سچ ۽ انصاف جو ساٿ ڏيڻ آهي. انتقام بدران قانوني احتساب، دشمنيءَ بدران شعور ۽ تشدد بدران پرامن مزاحمت ئي مهذب سماج جي سڃاڻپ آهن.
اچو ته ٻين جي انجام مان سبق حاصل ڪريون، پنهنجي ڪردار جو احتساب ڪريون ۽ پنهنجي اختيار کي ڪمزور ماڻهن جي تحفظ لاءِ استعمال ڪريون. ڇو ته دنيا ۾ سڀ کان وڏي ڪاميابي ڪنهن کي شڪست ڏيڻ نه، پر ڪنهن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ کان پاڻ کي بچائڻ آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته ظالم جو زوال رڳو هڪ فرد جي پڄاڻي ناهي، پر ايندڙ نسلن لاءِ هڪ تاريخي پيغام آهي. جيڪو اڄ ٻين جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ٿو، دليون رنجائي ٿو، سو سڀاڻي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ پنهنجي ڪردار جو جوابدار بڻجي سگهي ٿو.
___________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي، ۽ ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو.


