Editor's pickMain Slideماحول

جابلو ڇِپون ۽ مٽيءَ جا وهڪرا: انساني سرگرميون خطري کي وڌيڪ سنگين بڻائن ٿيون

انسان قدرتي آفتن کي روڪي تہ نٿو سگھي پر سائنسي نگراني، بهترين انجنيئرنگ، ۽ ذميواررٿابنديءَ سان  هڪ اوچتي قدرتي آفت کي ضابطي ۾ آڻي نقصان کي گھٽائي سگھي ٿو.  

ڊاڪٽر حسن حميده

ڪيل (Kiel)، جرمني: جابلو ڇِپن ڪِرڻ ۽ گپ، ملبي ۽ مٽيءَ جي وهڪرن جو سڀ کان وڌيڪ خطرو عام طور تي بلند جابلو علائقن ۾ اُڀين لانھين ۽ سخت برساتن وارن ھنڌن تي هوندو آهي، جن ۾ اينڊيز (Andes) جا ڪجهه حصا، هماليا، ۽ پئسفڪ رِنگ آف فائر جي آسپاس وارا علائقا شامل آهن.

زلزلا بہ  جابلو لانھين کي کن پل ۾ غير مستحڪم ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته تيز برسات يا برف جي تيزيءَ سان ڳرڻ سبب هيٺ ڪرندڙ مواد کي تحرڪ ملي ٿو ۽ ڇپون ۽ مٽيءَ جا وهڪرا وجود ۾ اچن ٿا.

الپس (Alps) وارا جبل به ڇپن جي ڪِرڻ، پٿرن جي وسڻ ۽ مٽيءَ جي سرڪڻ کان متاثر ٿين ٿا. پر رڳو اوچائي ۽ لانھينءَ جو زاويو ئي خطري کي طئہ نه ڪندا آهن. پٿر جو قسم، مٽيءَ جي بناوٽ، ٻوٽا، زمين جي هيٺان پاڻيءَ جي صورتحال، ۽ انساني سرگرميون سڀ لانھين جي استحڪام تي اثر انداز ٿين ٿا. ڪنهن جبل جو غير معمولي اوچو هجڻ ضروري ناهي ته  خطرناڪ هجي؛ اصل اهميت ان نازڪ توازن جي آهي جيڪو لانھينءَ کي هڪ هٿ ۾ جهلي رکڻ وارين ۽ ان کي هيٺ ڇڪيندڙ طاقتن جي وچ ۾ هوندو آهي.

جڏهن جبلن جون لانھيون موتمار نديون بڻجي وڃن ٿيون: تاريخ بار بار ڇپن جي ڪرڻ ۽ مٽيءَ جي وهڪرن جي تباهي ڪندڙ طاقت جو ثبوت ڏنو آهي. وارگاس، وينزويلا (1999ع) ۾ غير معمولي تيز برسات جي ڪري هزارين ڇپون ڪريون ۽ مٽيءَ جا وهڪرا وهيا، جنهن جي نتيجي ۾ 15,000 کان 30,000 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.

ڪولمبيا (1985ع) ۾، نيوادو ڊيل روئز (Nevado del Ruiz) آتش فشان جي ڦاٽڻ سبب برف تيزيءَ سان ڳري وئي، جيڪا آتش فشاني رک سان ملي خطرناڪ  مٽيءَ ۽ جابلو مواد جو وهڪرو بڻجي ويا، جنهن آرميرو شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ 23,000 کان وڌيڪ ماڻهن جي جان ورتي.

زلزلا به وڏي پيماني تي مٽيءَ جي سرڪڻ جو سبب بڻجن ٿا، جهڙوڪ چين ۾ 1920ع جو هائي يوان (Haiyuan) زلزلو، جنهن لڳ ڀڳ 675 وڏيون ڇپون ڪيرايون ۽ اٽڪل1,000,000 ماڻهن جي فوتگين جو سبب بڻيو. اهي آفتون ڏيکارين ٿيون ته خطرناڪ ڇپون اڪثر زلزلن، آتش فشان ڦاٽڻ، يا سخت موسم سبب شروع ٿيندڙ سلسليوار ردعمل جو حصو هونديون آهن.

انساني سرگرميون خطري کي وڌيڪ سنگين بڻائن ٿيون. رڳو قدرت ئي ذميوار ناهي؛ انساني سرگرميون اڪثر لانھين جي ناپائداريءَ کي وڌائين ٿيون:

ٻيلن جي ڪٽائي: ٻوٽن ۽ وڻن کي ختم ڪري ٿي جن جون پاڙون مٽيءَ کي جڪڙي رکنديون آهن.

کوٽائي ۽ اڏاوتون: رستن جي تعمير ۽ کاڻيون کوٽڻ لانھين جي جيو ميٽري کي تبديل ڪن ٿا ۽ قدرتي پاڻيءَ جي نيڪال کي متاثر ڪن ٿا.

بنا رٿابنديءَ واري ترقي: عمارتن کي سڌو سنئون ڇپون ڪرڻ واري خطرناڪ علائقن ۾ تعمير ڪرڻ.

لينڊ فل (ڪچري جي ڍيرن) جي غير مستحڪمي: ڪچري جو جمع ٿيڻ مصنوعي لانھيون جوڙي ٿو جيڪي ڪري پوڻ جي خطري هيٺ هونديون آهن.

تازا واقعا انهن شهري خطري کي اجاگر ڪن ٿا. جنوري 2026ع ۾، سيبو سٽي، فلپائن جي بيناليو (Binaliw) لينڊ فل ۾ هڪ وڏي سلائيڊ جي ڪري 36 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته 2024ع ۾ ڪمپالا، يوگنڊا جي ڪيٽيزي (Kiteezi) لينڊ فل ۾ تيز برساتن کانپوءِ ڪچري جو ڍير ڪرڻ سبب 35 ماڻهو فوت ٿيا. جڏهن قدرتي خطرا ناقص رٿابندي واري انفراسٽرڪچر سان ملن ٿا، ته نتيجا انتهائي خوفناڪ بڻجي ويندا آهن.

جيتوڻيڪ ڇپن جي ڪرڻ کي نٿو روڪي سگهجي، پر جديد انجنيئرنگ ۽ رٿابندي ذريعي خطري کي تمام گهٽ ڪري سگهجي ٿو:

اڳواٽ خبرداريءَ وارا نظام (Early-warning systems): سيٽلائيٽ زمين جي معمولي تحرڪ جي نشاندھي ڪن ٿا، جڏهن ته سينسرز مٽيءَ جي سِم ۽ زمين هيٺان پاڻيءَ جي دٻاءُ کي ماپين ٿا.

انجنيئرنگ حل: پاڻيءَ جي نيڪال جا نظام واڌو پاڻيءَ کي ٻاهر ڪڍن ٿا، ۽ مضبوط  تعميرات يا رڪاوٽون نازڪ علائقن کي مضبوط ڪن ٿيون.

ذميوار زميني استعمال جي رٿابندي: ڄاڻايل خطرناڪ علائقن ۾ تعميرات تي پابندي مڙهڻ ۽ لينڊ فلز يا ٻين اهم انفراسٽرڪچر لاءِ مناسب انجنيئرنگ کي يقيني بڻائڻ.

موسمي تبديلي هڪ نئون چئلينج بڻجي ٿي: موسمي تبديلي ڇپن جي خطري کي روڪڻ جو انتظام وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. جن علائقن ۾ تيز يا اوچتيون برساتون وڌيڪ ٿين ٿيون، اتي برسات سبب ڇپون ڪرڻ جا خطرا وڌي ويا آهن.

ان کان علاوه، بلند جابلو علائقن ۾، ڳرندڙ گليشيئرز ۽ پرمافراسٽ پٿرن ۽ مٽيءَ کي ڪمزور ڪن ٿا، جنهن سان موسم، جيولاجي، ۽ انساني ترقيءَ جي پاڻ ۾ ملڻ سان هڪ پيچيده خطرو جنم وٺي ٿو.

زمين جي تحرڪ جاري رهندي  لانھيون تباهه ٿينديون، پٿر ۽ ٽڪريون ٽٽنديون، ۽ جبلن جون لانھيون نيٺ هيٺ ڪرنديون. انسان انهن قدرتي عملن کي روڪي نٿا سگهن، پر اهي انهن جي نگراني ڪري سگهن ٿا، خطري کي وڌائڻ کان بچي سگهن ٿا، ۽ ذميواريءَ سان رٿابندي ڪري سگهن ٿا.

فيصلائتو لمحو اهو ناهي جڏهن زمين سرڪڻ شروع ٿئي ٿي، بلڪه اهو آهي جڏهن سماج خطري کي سڃاڻڻ ۽ لانھين ڪرڻ کان اڳ عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري. سائنسي نگراني، بهترين انجنيئرنگ، ۽ ذميوار رٿابندي هڪ اوچتي  قدرتي آفت کي هڪ ضابطي ۾ آڻڻ جهڙي، بچاءُ واري واقعي ۾ بدلائي سگهي ٿي.

__________

Dr-Hassan-Humeida-310x330

ڊاڪٽر حسن حميدھ، جرمني

ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button