Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

عبداش پنھور: سياست کان صحافت تائين ڏُکن ڏاکڙن جو سفر

ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي  ميمبر طور سرگرم رھندڙ عبداش پنھور ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ بہ ڀرپور حصو ورتو ۽ جيل ڪاٽيو. روزگار لاءِ ڪراچيءَ آيو جتي بہ حياتي مسڪينيءَ واري گذاريائين.  

خاصخيلي لطيف راولاڻي

صحافي، ليکڪ ۽ تجزيه نگار عبدالرحمن عرف عبداش پنھور به پنھنجي حياتي پوري ڪري راه رباني ڏانھن روانو ٿي ويو. عبداش ننڍپڻ کان ئي سياسي لاڙو رکندڙ انسان ھو. ھُن سياست جي شروعات ساٿي ٻارڙا سنگت کان ڪئي. شاگرديءَ واري دور ۾ جڏھن ڪاليج ۾ پھتو ته اتي به کاٻي ڌر جي  شاگردن جي تنظيم ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ سرگرميءَ سان  حصو ورتائين. ڪاليج کان پوء ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو ميمبر ٿيو. سنڌ ۾ جڏھن باه ٻري ۽ جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ جي شروعات ٿي ته ھڪ طرف پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ته ٻئي طرف سنڌ جي قومي تحريڪ جي ڪارڪنن به انھيءَ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. عبداش پنھور به ساٿين سميت ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سرگرم رھيو ۽ قيد بند جون سختيون به برداشت ڪيائين ۔

عبداش نواب شاه ضلعي جي دوڙ شھر جو رھواسي ھو جيڪو سياسي ڪارڪنن جو مرڪز به رھيو آھي. سندس پاڙيسري سياسي اڳواڻ علي حسن چانڊيو پڻ ساڳئي قبرستان ۾ دفن آھي جتي عبداش کي مٽي ماءُ جي حوالي ڪيو ويو.  

ڪراچيءَ ڏانھن سفر۔۔۔

 روزگار خاطر جڏھن ڪراچيءَ جو رخ ڪيائين  تہ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ سنڌي اخبار ھلچل ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ نھايت ايمانداريءَ سان صحافت جي شروعات ڪيائين جيڪو سفر آخري وقت تائين جاري رھيس.

ھُن ڪڏھن به صحافت کي پيشو نه بنايو. جيترا سال به صحافت سان لاڳاپيل رھيو سدائين حق سچ جي ڳالھ لکندو ھو. ان اصول پسندي ۽ سچائي جي ڪري  ھُو معاشي طورتي مستحڪم  ٿي نه سگھيو. ڪراچيءَ ۾ سدائين مسواڙ جي گھرن ۾ زندگي بسر ڪيائين ۔

عبداش ڏاڍي سادي طبعيت جو انسان ھو. سنڌ جي مشھور ۽ ناليوارن سياستدانن کان تفصيلي انٽرويو به ڪيائين. ڪڏھن به لفافي جي سياست نه ڪيائين۔ لفافو ڪلچر صحافت ۾ ڏاڍو مقبول آھي پر عبداش انھيءَ ڪڌي رواج کان تمام پري رھيو. جيترو اجورو ملندو ھئس ان تي پنھنجو گذارو ڪندو ھو۔ سگريٽ ۽ چانھن بنا لکندو ئي نه ھو۔ چوندو ھو ته اسان صحافين کي ذھن کي سالم رکڻ لاءِ چانھن ۽ سگريٽ جي سخت ضرورت پوندي آھي. ان جي بنا اسين لکي نه سگھندا آھيون ۔

عبداش بيماري سان به سخت مقابلو ڪيو. بستري تي ليٽيل ھو پر اتان ويٺي تجزيا ڪندو ھو. ڪرنٽ اشوز تي  تبصرا لکي ڏيندو ھو. بيماريءَ ۾ پاڻ کي ڳوٺ دوڙ نوابشاه کڻائي ويو پر سندس ڪجھ ويجھن صحافي دوستن سندس سارسنڀال لڌي ۽ کيس ڳوٺ کان کڻائي صحافين جي تنظيم جي مدد سان ڊائو اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪرايو ۽ سندس علاج  شروع ڪرايو. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ عبداش تندرست ٿي ويو پر ڊاڪٽرن وڌيڪ ٽيسٽن لاءِ وقت گھريو جنھن ڪري کيس ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن جي ھوٽل ۾ ڪمرو وٺي اتي رھايو ويو پر زندگيءَ گھڻو وقت ساٿ ڪونہ ڏنس.

____________

Latif Rawlani-TheAsiaN

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

3 رايا

  1. عبداش جي باري ۾ راولاڻي جي تحرير مختصر آھي ان کي وڌائڻ جي ضرورت آھي. خاص طور تي دوڙ جي دوستن خاص طور تي ڪامريڊ علي حسن چانڊيو جو ذڪر ضروري ھيو، صحافت جي حوالي سان سنڌ اخبار، غلام رسول سهتي ، صالح بلو ، سياست جي حوالي سان ڄام ساقي جو ذڪر به ضروري ھيو انھن سڀني کان عبداش متاثرھيو ، انھن جا اثر قبولي ھن پنھنجي زندگي جي راھ طي ڪجي.

  2. عبداش جي باري ۾ راولاڻي جي تحرير مختصر آھي ان کي وڌائڻ جي ضرورت آھي. خاص طور تي دوڙ جي دوستن خاص طور تي ڪامريڊ علي حسن چانڊيو جو ذڪر ضروري ھيو، صحافت جي حوالي سان سنڌ اخبار، غلام رسول سهتي ، صالح بلو ، سياست جي حوالي سان ڄام ساقي جو ذڪر به ضروري ھيو انھن سڀني کان عبداش متاثرھيو ، انھن جا اثر قبولي ھن پنھنجي زندگي جي راھ طي ڪءي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button