ايمبولينس مان منشيات جي برآمدگي: سماجي خدمت يا لِڪل ڪارو ڪاروبار؟
انساني زندگيون بچائيندڙ ايمبولينس مان ڪروڙين روپين جي منشيات جي برآمدگي صرف هڪ ڏوهه جي خبر ناهي، پر سماجي اخلاقيات ۽ قانوني نظام لاءِ هڪ وڏي للڪار آهي. شڪارپور جي هڪ بااثر ۽ معروف ڪاروباري خاندان جي فرد جي گرفتاريءَ واري واقعي ثابت ڪيو آهي ته منشيات جي سمگلنگ جو محرڪ رڳو غربت يا بيروزگاري ناهي، پر لالچ ۽ غيرقانوني منافعو پڻ آهي. ڏسجي تہ ان ڪيس جي جاچ ڪھڙي نموني ۽ ڪيتري شفاف ٿئي ٿي تہ جيئن حقيقتون پڌريون ٿين.

نسيم بخاري
سنڌ ۾ ڏوهن جي دنيا سان ايمبولينس جو نالو ڳنڍجڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. نسلي ۽ لساني فسادن جي دور جون اهي ڳالهيون اڄ به ماڻهن کي ياد آهن، جڏهن وڏن شهرن ۾ ايمبولينس جهڙين انساني خدمت لاءِ مخصوص گاڏين جي غلط استعمال جون ڳالهيون سامهون اينديون هيون. پر سکر جي نيو بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ هڪ ايمبولينس مان وڏي مقدار ۾ آئس ۽ چرس هٿ اچڻ ۽ شڪارپور سان تعلق رکندڙ هڪ واپاري خاندان جي فرد جي گرفتاري واري خبر هڪ مختلف نوعيت جو سوال کڻي سامهون آئي آهي.
شڪارپور جي مشهور آچار جي واپاري حاجي مولا بخش ميمڻ جي پٽ حاجي لياقت علي ميمڻ بابت اطلاع آهن ته کيس پنهنجي ذاتي ايمبولينس ذريعي منشيات منتقل ڪرڻ جي الزام ۾ سکر ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ايمبولينس مان ڪروڙن جي منشيات هٿ اچڻ ۽ ڪيس داخل ٿين جي تصديق ڪئي وئي آهي. هن معاملي جي اصل حقيقت جاچ، سرڪاري رڪارڊ ۽ عدالت جي فيصلي سان ئي طئہ ٿيندي. پر هن خبر کي وڌيڪ حساس بڻائيندڙ ڳالهه اها آهي ته جنهن خاندان جو نالو هن واقعي سان جوڙيو پيو وڃي، اهو شڪارپور جي پراڻي ۽ سڃاتل ڪاروباري خاندانن ۾ شمار ٿئي ٿو.
لکي در کي شڪارپور جي دل چيو وڃي ٿو جتي ھن خاندان جو مشهور ”سوني سويٽ“ جو وڏو دڪان آھي جنھن سان گڏ سندن صنعتي علائقن ۾ وڏو ڪارخانو پڻ ڪاروباري سرگرمين جي وسعت کي ظاهر ڪري ٿو.
حاجي مولا بخش ميمڻ ماضيءَ ۾ چيمبر آف ڪامرس جي سرگرمين ۾ به انتهائي متحرڪ ڪردار ادا ڪندو آيو آهي. هي خاندان صرف هڪ عام ڪاروباري خاندان طور نه، پر شڪارپور جي واپاري ۽ سماجي حلقن ۾ پنهنجي سڃاڻپ رکندڙ نالي طور به ڄاتو وڃي ٿو.

انهيءَ پسمنظر ۾ جڏهن خاندان جي هڪ فرد جو نالو منشيات جي هڪ سنگين ڪيس سان ڳنڍجي ٿو ته فطري طور تي حيرت پيدا ٿئي ٿي. پر هتي هڪ اهم فرق رکڻ ضروري آهي: هڪ خاندان جي ڪاروباري شهرت ڪنهن فرد جي بيگناهيءَ جو ثبوت ناهي، ۽ ڪنهن فرد تي لڳل الزام سڄي خاندان جي ڏوهه جو ثبوت به نٿو بڻجي.
قانون کي فرد جي عمل ۽ موجود ثبوتن جي بنياد تي فيصلو ڪرڻو آهي.
ڪنهن واپاري يا سماجي شخص وٽ ذاتي ايمبولينس هجڻ بذاتِ خود ڪا خراب ڳالهه ناهي. جيڪڏهن اها انساني خدمت، خاندان جي طبي ضرورت يا خيراتي مقصد لاءِ هجي ته اها هڪ مثبت سماجي سهولت ٿي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن جاچ ۾ اهو ثابت ٿئي ته ساڳي ايمبولينس کي منشيات جي منتقليءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو ته پوءِ معاملو انتهائي سنگين ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته ايمبولينس انساني زندگي بچائڻ جي علامت آهي، منشيات منتقل ڪرڻ جي نه.
اهڙي صورتحال ۾ سوال صرف ايترو نه رهندو ته گاڏي ڪنهن جي هئي، پر اهو به معلوم ڪرڻ ضروري ٿيندو ته گاڏيءَ ۾ خفيه خانا ڪنهن ٺاهيا، اهي ڪڏهن ٺاهيا ويا؟
اسان جي سماج ۾ هڪ عام تصور اهو آهي ته غربت، بيروزگاري ۽ معاشي تنگدستي انسان کي ڏوهه ڏانهن ڌڪيندي آهي. اهو ڪيترن ڏوهن جي پسمنظر ۾ اهم عنصر ٿي سگهي ٿو، پر منشيات جو ڪاروبار ان کان گهڻو پيچيده آهي.
جيڪڏهن ڪنهن خوشحال ۽ سماجي طور سڃاتل خاندان سان لاڳاپيل ماڻهوءَ تي منشيات جي سمگلنگ جو الزام سامهون اچي ٿو ته پوءِ اهو به سمجهڻ ضروري آهي ته ڪني ۽ بڇڙي ڌنڌي جو بنياد رڳو غربت نه، پر لالچ آھي ، جنھن جو مددگار غيرقانوني منافعو، اثر رسوخ ۽ منظم نيٽ ورڪ به ٿي سگهن ٿا.
اصل ماتم ان وقت ٿئي ٿو، جڏهن سماج ۾ ناجائز ڪم ايترا عام ٿي وڃن جو انهن کي گناهه سمجهڻ بدران ”ڪاروباري چالاڪي“ سمجهيو وڃي.
شڪارپور جاگرافيائي طور اهڙي هنڌ تي واقع آهي، جتان سنڌ، بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۽ گاڏين جي وڏي آمدرفت رهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ منشيات جي سمگلنگ جا رستا به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ هڪ اهم چئلينج بڻجن ٿا. ماضي ۾ مختلف چيڪ پوسٽن ۽ رستن تي رشوت ۽ غيرقانوني سامان جي آمدرفت بابت شڪايتون ٻڌڻ ۾ اينديون رهيون آهن.
هن ڪيس جي اهميت وڏي مقدار ۾ منشيات ايمبولينس وسيلي منتقل ٿيڻ هڪ وڏي سپلاءِ چين جي هڪ ڪڙي ٿي سگھي ٿي اها ڪنهن کي پهچڻي هئي؟ مالي ادائگيون ڪيئن ٿينديون هيون؟ گاڏيءَ جا اڳوڻا سفر ڪهڙا رهيا؟ فون رابطن، مالي رڪارڊ ۽ سفر جي تفصيل مان ڪهڙي ڪڙي سامهون اچي ٿي؟
اهي سوال ڪنهن کي اڳواٽ ڏوهاري قرار ڏيڻ لاءِ نه، پر حقيقت تائين پهچڻ لاءِ ضروري آهن.

ساڳئي وقت جيڪڏهن گرفتار شخص يا سندس خاندان جو موقف اهو هجي ته ڪارروائي غلط، انتقامي، ذاتي دشمني يا ڪاروباري رقابت جو نتيجو آهي ته ان دعويٰ کي به ثبوتن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ گهرجي. ڇو ته اسان جي معاشري ۾ ڪڏهن ڪڏهن قانوني ڪارروائي ۽ ذاتي مفاد هڪ ٻئي سان ٽڪرائبا به آھن . سڀ کان خطرناڪ رخ اهو آهي ته منشيات جو نشانو اڪثر نوجوان نسل بڻجي ٿي.
هڪ سمگلر لاءِ اها رقم ڪمائڻ جو ذريعو ٿي سگهي ٿي، پر نوجوان لاءِ اها تعليم، خاندان، صحت ۽ مستقبل جي تباهيءَ جو رستو بڻجي ٿي. تنهنڪري منشيات جي خلاف جنگ صرف پوليس جي ذميواري ناهي. والدين، استاد، اسڪول، ڪاليج، سماجي تنظيمون، واپاري برادري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گڏجي ان مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو. ۽ جيڪڏهن ڪنهن بااثر يا خوشحال طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو جو نالو اهڙي ڪيس ۾ اچي ٿو ته قانون جي گرفت وڌيڪ مضبوط ٿيڻ گهرجي، نرم نه.
قانون آڏو ڪنهن جي سماجي حيثيت کان وڌيڪ اهم شيءِ ثبوت هوندا آهن. جيڪڏهن الزام غلط آهي ته مڪمل ۽ شفاف جاچ سان بيگناهي سامهون اچڻ گهرجي. انهن سوالن جا جواب جيڪڏهن ايمانداريءَ سان ڳوليا ويا ته شايد هڪ گرفتاريءَ کان به وڏي حقيقت سامهون اچي.
جيڪڏهن حقيقت کي اثر، سفارش، ذاتي دشمني يا ڪنهن مبينا ڊيل جي پردي ۾ لڪايو ويو ته پوءِ نقصان صرف هڪ خاندان، هڪ واپاري يا هڪ ڪيس جو نه هوندو؛ نقصان ان سماج جو ٿيندو، جتي ايمبولينس زندگي بچائڻ بدران زندگي تباهه ڪندڙ منشيات کڻڻ جي علامت بڻبي آھي.
___________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.




Very sad