Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياميڊيا

پُرخطر دڳ جا راهِي: سچ جو سفر صحيفن کان ڊجيٽل اسڪرين تائين

صحافت رڳو خبرون پهچائڻ جو ذريعو ناهي، بلڪہ هيءَ جابر حاڪمن آڏو سچ چوڻ ۽ مظلومن جو آواز بنجڻ جو هڪ مقدس مشن آهي. صحيفن کان شروع ٿيندڙ هي تحريري سفر اڄوڪي ڊجيٽل دور تائين جاري آهي. تشدد، هراس ۽ پرخطر رستن جي باوجود هڪ سچو صحافي قلم جي حرمت بچائيندي معاشري جي ترقي ۽ سچائيءَ جي پاسداريءَ لاءِ اڏول بيٺل آهي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ذوالفقار ناصر ساريو

سُکن واري سڌ متان ڪا مون سين ڪري ،

اندر جنين  اڌ  ڏونگر سي  ڏورينديون  •   

سچ ۽ صحيفي جو سفر  هن ڌرتي تي زندگي جي سفر جيان روز اول کان آهي  . صحيفن جي پنن منجهان ئي اسان جي پياري پيغمبر صہ پيغام ڏنو ھو تہ،” سڀ کان وڏو جهاد، جابر حاڪم کي سچ چوڻ آهي.”  نہ صرف سچ چوڻ پر وڌيڪ فرمايائين تہ،” ظلم کي هٿن سان ختم ڪريو، جيڪڏهن هٿن ۾ طاقت نہ ٿا رکو تہ زبان سان ظلم جي مخالفت ڪريو.”  … ۽  پوء زبان، قلم جو روپ ڌاري تاريخ جو سفر ڪرڻ لڳي. صحف، مصحف، صحافي ۽  صحافت، جهڙا  لفظ  سَرِ زمين عرب مان اُسري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ساڳي صحافتي ڪهول سان ويٺا ڪچهريون ڪن . صحف  يعني هڪ ننڍڙي ڪتابڙي کان بانبڙا پائي، “صحيفتہ اليوم”،  يعني اڄوڪي/ روزاني اخبار جي صورت ۾ ماڻهن جي هٿن ۾  صبح ۽ شام رقص ڪرڻ لڳي. ڳوٺ ڳلين کان وٺي دنيا جي وڏين وڏين عمارتن جي ٽيبلن جي ضرورت ٿي پئي .

صحافت انهي سفر ۾  پاڻ کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي تہ  هو بہ ٻين پيشن  Profesions  جيان هڪ پيشو آهي ۽ هڪ پيشي سان گڏ هڪ مشن آهي، هڪ مقصد آهي ۽ انهيءَ پيشي سان واڳيل، “صحافي”  سڏجن ٿا،  ايئن جيئن  ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل  ۽  سائنسدان سڏائن ٿا. صحافي سڏائڻ بہ هڪ فخر جوڳو قدم آهي پر انهيءَ فخر جو ڳاٽ تڏهن اوچو ٿيندو جڏهن  هڪ صحافي پنهنجي قلم سان زندگي جي ڪارِزار ۾ ڪاهي اچي، معاشري جي ترقي ۾ حصو وٺي. هر سچي ماڻهو جي  هن گوليَ واري  ڌَرتي تي رستا روڪ ٿئي ٿي ۽ صحافي بہ انهن دڳن جو راهي آهي تہ پوءِ، ھُو ڪٿي آزاد رهي سگھي ٿو.

هاڻي هتان کان صحافي جو اصل رستو ۽ ڪردار شروع ٿئي ٿو. هُو سڌي راھ جو راهي بڻجي “جيئن ڏٺو آهي مون ”  جيان لکندو پنهنجي پيشي جو مان مٿانهون بہ ڪري ٿو تہ وري ٻئي طرف ساھ وساڻيل ماڻهن جو اتساھ  ۽ ڀرجهلو بہ ٿي بيهي ٿو  .

هڪ اديب لاء صحافي هجڻ ضروري ناهي، ليڪن هڪ صحافيءَ لاءِ اديب هجڻ ضروري آهي. لفظن جي حرمت ۽ عظمت هڪ اديب  جو قلم وڌيڪ ڄاڻيندڙ هوندو آهي ۽ اها حرمت ۽ عظمت هڪ صحافيءَ کي صحافت واري جهان ۾ مٿي وٺي ويندي آهي. لفظن جو ڇهاءُ، ترار کان تکو هوندو آهي تڏهن تہ ڏاڍن گابن  کي اهي لکيل لفظ ڏکائي وجھندا آهن ۽ پوءِ سندن ڪاوڙ جو اظهار  هٿياربندن ۽ هٿيارن جو روپ ۾،  هٿين خالي صحافين کي جسماني طور الوپ ڪندا رهيا آهن . عالمي رپورٽن چواڻي  پاڪستان  ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ صحافت ۽  صحافين جي رستا روڪ ڪئي ٿي وڃي.  انهيءَ کان پوء ترتيبوار  پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ پڻ تشدد،  هراس ۽  موت جو دڳ کين ڏيکاريو ٿو وڃي  .

صحافت ۾  واقعي نگاريءَ  جو هجڻ ضروري آهي، وقائع نويسي ڪنهن مئل خبر ۾ بہ ساھ وجهي ٿي ڇڏي  ۽ پوءِ اڳتي هلي اها تاريخ ٿيو وڃي  .

پروفيسر  جگرٽ  ” Today ”  اخبار ۾  پنهنجي راءِ جو اظهار  هنن لفظن ۾  ڪري ٿو  تہ، ”  صحافي پنهنجي وقت جو مورخ آهي،  البت هُو اهڙو مورخ نہ آهي جنهن جون تحريرون ابديت حاصل ڪنديون هجن . هُو پنهنجي تحريرن ۾ ڪمزور خيالن جي ترجماني ڪري ٿو.  هن جي انداز بيان ۾ ڪٿي اميد جي جهلڪ تہ ڪٿي مايوسي  ملندي. حقيقت هيءَ آهي تہ هن جي قلم مان نڪتل ڳالھ تاريخ جو پهريون قانون ٿئي ٿي .” گم ٿيل تاريخ جو  ڳولائو  تاريخ دان  هڪ صحافي جي ڇڏيل پيرن جي نشانن تي پنڌ ڪري هڪ شاهڪار تاريخ جوڙي ٿو.  مسٽر مئنسفيلڊ  بہ انهي ڳالھ سان سَهمت آهي . لکي ٿو تہ  “جڏهن واقعات کي ترتيب ڏيڻ کان پوءِ انهن تي پنهنجي خيالن ۽ راءِ جو اظهار ڪيو وڃي ،  تڏهن صحافت تاريخ جي قالب ۾ اچي ٿي .”

اخبار نويسي جا پيرا کڻنداسين تہ جوليس سيزر  جي روم ۾ وڃي پهچنداسين . رومن ٻولي منجھ  ”ايڪٽا ڊيورانا  ” جي لوگو سان اخبار پڙهندڙن جي هٿ ۾ ھوندي ھئي جنھن جي نالي جو مطلب  ” روزاني واقعات ”  اچي ٿو. هن اخبار جي صفحن تي هڪ حصي  نالي ” ايڪٽا سينيٽ ”  واري حصي ۾ سرڪاري پيغام  ۽ روزاني وهنوار وارا  شادي غمي، جنگ جا احوال ، مذهبي ۽ تفريحي ليک ھوندا ھئا  ۽ ٻئي حصي نالي ”  ايڪٽا پبليڪا ”  ۾ عوامي خدمتن جون ڪهاڻيون لکيل هونديون هيون . اخبار حاڪم وقت ۽ حڪومت جي واڳ  ۽ مُهر  هيٺ  نڪرندي هئي .

محققن جي اھا بہ تحقيق آهي تہ  چين جي اخبار ٽچائو  Tichau   يا  سنگ پائو  Tsing Pao  (هي اخبار ڪاٺ جي بلاڪن ۾ نڪرندي هئي)  قديم ترين اخبارون آهن .   ٽچائو  Tichau   جيڪا پوءِ پيڪنگ گزيٽ جي نالي سان  20 کان 40 صفحن تي  مشتمل ھوندي ھئي . ھن اخبار جو راڄ  618 ع  کان 905 ع تائين قائم رهيو هو  .

  سنڌي  ٻوليءَ جي اوج  ۽ اوسر  وارن ڏينهنڙن ۾ سنڌ  جي  صحافتي تاريخ  جي ڄاڻ  رکندڙن موجب  پهرين سنڌي اخبار   1858ع  ۾ ڇپجڻ شروع ٿي.  فوائد الاخبار  ( خبرن جا فائدا  ) سنڌي – فارسي  نالي واري هي سنڌي اخبار 15 مئي 1858ع  تي پنهنجو جنم  ڪراچي ۾ ورتو. سرڪار جي اڱڻ ۾ کيڏندڙ  هن اخبار کان پوءِ ” سنڌ سڌار ” 1866ع ۾  جنم ورتو. سنڌ سڌار کان 30 سال اڳ 1836 ع  ۾ پهرين  اڙدو  اخبار  نالي ” اردو اخبار ”  ( اردو – فارسي )  جي ڦلواڙي سان مولوي محمد باقر  جي آبياري ۾ صحافت سان سلهاڙيل آهي  پر 1822ع  ۾  ، اڙدو اخبار “جام جهان نما ” ڪلڪتي  واري بہ صحافتي تاريخ جو دڳ جهلي بيٺل آهي  .

مولانا دين محمد وفائي جي راءِ مطابق سنڌي صحافت ٽن دورن ۾ ورهايل آهي . 1858ع کان 1910ع تائين،  فوائد الاخبار  جو ابتدائي دور، ٻيو 1911ع  کان 1947ع تائين تحريڪن ۽ ملڪي آزادي جي ويڙهاند وارو دور  ۽ ٽيون دور ملڪ جي آزاديءَ کان وٺي، سينسرشپ ۽ ڪنٽرولڊ صحافت وارا دڳ اُڪري هاڻي آزاد ڊجيٽل جهان سان سلهاڙيل آهي. اخبار جا پنا هاڻي پاتار اندر هلندا پيا وڃن ۽  روشن اسڪرين تي آيل لفظ ئي اسان جي صحافت آهن .

صحافت نالي کڻڻ سان اسان کي ذهن،  پرنٽ ميڊيا کان وٺي سوشل ميڊيا تائين واري دور  ڏانهن  وٺي وڃي ٿو. خبرون، تصويرون، تنقيدون  ڪر کنيون بيٺيون آهن. هيءَ صحافت ڪالھ بہ مغرب کان هلي هئي ۽ اڄ بہ مغرب کان مُنهن ڪڍي،  پنن مان هٿ ڪڍي جديد موبائيلن ۽ ڪمپيوٽرن تي ڪَرُ کڻي بيٺي آهي. گهاڙيٽا بدليا، صحافت نئوان ويس اوڍي عوام آڏو بيٺي آهي  پوء لازمي آھي تہ انهي پروفيشن سان پيار ڪندڙ بہ سندس اهائي واٽ وٺندو  .

صحافت،  اخبار نويسي  يا ڊجيٽل لکڻي ان تحريري پيشي جو نالو آهي، جنهن ۾ مکيہ طرح ٻہ فرض شامل آهن .  پهريون تہ واقعن ۽ وارداتن جي سچائي جي ڄاڻڻ جو حق  ۽  ٻيو سچائي جي ڄاڻ کي ڦهلائڻ سان عام را۽ جي تشڪيل /  جوڙجڪ. ظاهر آهي  يعني حقن جي ڄاڻ، شناسائي، بحالي ۽ ڪوڙ / ڪوڙي جي جي وٺ پڪڙ. هاڻي هڪ پروفيشنل صحافيءَ جو فرض آھي تہ هن پرُ خطر دڳ تي هلڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇاڪاڻ تہ  لطيف سائين رح  کيس پڻ هنن لفظن سان ساريو  ۽ ساراهيو آھي  .

سُکن واري سڌ متان ڪا مون سين ڪري ،  

اندر جنين   اڌ  ڏونگر  سي ڏورينديون  •     

اڄ جو صحافي جتي پنهنجي معاشي مسئلن منجھ ڦاٿل آهي ، اتي صحافت  مٿان لامارا ڏيندڙ ڳجھين جي نشاني تي بہ آهي. پراڻي دور ۾ تہ لکڻيون  ۽ ڳالهيون پنن ۾ ڳري وينديون هيون پر هاڻي سندس اهي لکڻيون  هڪ ڪِلڪ سان جڳ جهان ۾ پکڙجي وڃن ٿيون ۽ سندس اٿاريل آواز ڏاڍن جي ڪوٽن کان وٺي اعلي ايوانن تائين گونجڻ لڳي ٿو. سچو، کرو  ۽ بي ڊپو صحافي ٿيڻ اڄوڪي دور ۾  ڏاڍو ڏکيو آهي. ڇاڪاڻ تہ   قومي،  سماجي،  ثقافتي، معاشي ڦرلٽ جا ڦورو  ۽ انهن جون وڌندڙ وارداتون سندس اڳ جهلي بيٺيون آهن. خالي هٿين ھوندي  ۽  معاشي،  سماجي ۽ ذاتي قتل تائين خوف واري صورتحال  ھوندي،  پوءِ بہ هي  صحافي اڏول ارادن سان اهڙن ڦورن جي رستا روڪ لاءِ قلم کڻي اڳيان بيٺو آهي. اهائي هڪ  کَري ۽ سَچي صحافي جي اَمرتا ۽ مَڃتا آهي  .

______________

Zulfiqar Nasir Sario-The AsiaN

ذوالفقار ناصر ساريو، حيدرآباد

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button