حڪمرانن جون عياشيون ۽ عوام جو استحصال: غربت جو خاتمو يا غريبن جو خاتمو؟
پاڪستان ۾ اها بدقسمتي رهي آهي ته جتي عوام جو وڏو طبقو هڪ ويلي جي مانيءَ لاءِ محتاج آهي، اتي حڪمرانن ۽ سرڪاري وفدن جي غيرملڪي دورن تي روزانو ڪروڙين رپيا پاڻيءَ وانگر وهائڻ معمول بڻجي چڪو آهي. حڪومتي ايوانن مان ايندڙ اهڙيون خبرون نه صرف ملڪي خزاني ۽ عام ماڻهوءَ جي روزمره جي حالتن جي وچ ۾ موجود وڏي فرق کي ظاهر ڪن ٿيون، پر اهو سوال پڻ اٿارين ٿيون ته ڇا اهي وسيلا غربت جي خاتمي ۽ روزگار پيدا ڪرڻ تي خرچ نٿا ٿي سگهن؟ ملڪي تاريخ ۾ حڪمرانن جي غيرملڪي دورن، جاگيردار ۽ سرمائيدار نظام جي تسلط ۽ عام ماڻهوءَ جي نالي تي ٿيندڙ ڦُرلُٽ جو هڪ تلخ جائزو.

حميد منگي
ھڪ اردو ٽي وي چينل جي هڪ خبر مطابق، پنجاب جي وزيراعلي مريم نواز گذريل هفتي پنهنجي ڌيءَ جي گريجيوئيٽ ڊگريء جي تقريب ۾ شرڪت لاء جيڪو لنڊن جو ٽن ڏينهن جو دورو ڪيو هو، جنهن تي وڏي پيماني تي تنقيد به ٿي رهي هئي، انھيءَ جي نتيجي ۾ مريم نواز دوري جي واپسيء تي ان کي پنهنجو نجي دورو قرار ڏئي، سرڪاري خزاني ۾ 2 ڪروڙ 71 لک جمع ڪرائي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ ان جي معني ڪڍبي ته، حڪمرانن جي بين الاقوامي دوري جي هڪ ڏينهن جو لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ خرچ اچي ٿو، جيڪو عمل پاڪستاني عوام جي ان طبقي سان زيادتي آهي، جيڪو طبقو سڄي ڏينهن ۾ مشڪل سان هڪ ويلي جي ماني مس کائي سگهي ٿو۔ جيڪڏهن اهي ڪروڙين روپيا، غريب خاندانن ۾ ورهايا وڃن يا عوام جي روزگار تي خرچ ڪيا وڃن ها ته، جيڪر گهٽ ۾ 1000 خاندان ته غربت جي لڪير مان ضرور نڪري وڃن ها۔
هتي هڪ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته، هڪ صوبي جي وزيراعلي جيڪا هڪ رٽائرڊ ڪيپٽن جي زال آهي ۽ وڏي وزير جو عهدو به پهريون ڀيرو حاصل ڪيو اٿس، ان وٽ ايترا پئسا ڪٿان آيا، جو اها پنهنجي دوري جا ايترا ڳرا خرچ برداشت ڪري. ھُوءَ کلم کلا هڪ سرڪاري تقريب ۾ لڳ ڀڳ ٽن ڪروڙن جون پرچيون ڏيکاري رهي هئي۔ جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ ملڪ جو وزير اعظم صاحب ته گذريل چئن پنجن سالن ۾ اقتدار ۾ هوندي، سئو دورا کڻي نه به سهي پر، گهٽ ۾ گهٽ 100 ڏينهن جا دورا ته ضرور ڪري چڪو هوندو۔ جنهن سان وفدن جي صورت ۾ وزيرن، مشيرن، اسيمبلي ميمبرن سان گڏ وڏا سرڪاري عملدار پڻ ساڻ هوندا آهن۔ جن جي هڪ ڏينهن جي دوري جو ڪاٿو ڪڍبو ته اھو بہ ڪروڙن ۾ هوندو۔ وزيراعظم صاحب پنهنجي حڪومتي دور ۾ رڳو بين الاقوامي دورن جي مد ۾ ٻن ٽن ارب روپين کان وڌيڪ پئسن جي چتي هڻي چڪو آهي۔ جيڪڏهن انهن پئسن جي به ورهاست ٿئي ها ته لڳ ڀڳ هڪ اڌ لک ماڻهن کي روزگار جون سهوليتون ملي پون ها پر الائي ڇو اسان جا حڪمران بيروزگاري ۽ غربت خلاف ضروري قدمن کڻڻ جي ابتڙ، غيرملڪي دورن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندا رهيا آهن۔ جڏهن ته انهن دورن مان ڪا ملڪي ڀلائي به ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي۔
انهيء حوالي سان پاڻ جيڪڏهن 80 سالن جي ملڪي تاريخ ۾ اهڙن سمورن حڪمرانن توڙي سياستدانن جي غيرملڪي دورن جو حساب ڪتاب ڪنداسين ته يقينن انهن جي سمورن دورن تي ايترا پئسا ضرور خرچ ٿيا هوندا، جن سان ملڪ ۾ بيروزگاري يا غربت جو مڪمل خاتمو ٿي پئي سگهيو يا ٽوٽل غيرملڪي قرضن يعني آئي ايم ايف کان پاڻ آجا ٿي پئي سگهياسين. پر، افسوس انهيء ڳالهه جو آهي ته اسان جي ڪنهن به اداري يا حڪمران جو ڌيان ان طرف ناهي۔ اهڙي نشاندهيءَ کانپوءِ اها ڳالهه به صاف طور ظاهر ٿئي پئي ته ملڪي تاريخ ۾ اسان جو ڪو به حڪمران ايماندار ثابت ناهي ٿيو ۽ نه ئي انهن مان ڪنهن هڪڙي حڪمران، پياري پاڪستان تي ڪا ڪهل کائي ملڪي خزاني جي چوڪيداري ڪئي هجي ۽ واڌو خرچن کي گهٽائي، عوام تي پئسو خرچ ڪري کيس عذابن واري زندگيء مان نجات ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هجي۔ ان جي ابتڙ اها ڳالهه ثابت ٿي پئي آهي ته هر حڪمران ملڪ ۾ هڪ اهڙي طبقي کي ٽيڪون سيڪون ڏنيون آهن، جن جي اڪائونٽن ۾ بي پناهه دولت گڏ ٿي پئي آهي، جن غريب ماڻهن جي رت ۾ راند ڪرڻ ۾ به ڪا ڪسر ناهي ڇڏي۔
اهو هڪ الڳ مسئلو آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ جاگيرداري، سرمائيداري نظام ۽ واپاري سسٽم جنهن تيزيء سان وڌي رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته ايندڙ ڏهن پندرنهن سالن ۾ ملڪ اندر بنا هٿيارن جي غريب ماڻهو، بکن ۽ بيمارين وگهي يا بدامنيء ذريعي ماريا ويندا ۽ ملڪ ۾ غريب ۽ مسڪين نالي ڪوبه ماڻهو نظر نه ايندو۔ هي حڪمرانيءَ جو ڪهڙو انوکو طريقو ڪڍيو ويو آهي، جنهن ۾ حڪمران ۽ سياستدان جمهوريت جا نعرا به هڻن ٿا، پر جمهوريت اصل حالت ۾ ڪڏهن نافذ ٿي ناهي سگهي۔ اٽي، لٽي ۽ اجهي جا وعدا به ڪن ٿا پر ماڻهن کي ڪفن به نصيب ناهي ٿيو۔ قرض اتارو ملڪ سنوارو جا وچن به ڪن ٿا ۽ وقت سان گڏ قرضن ۾ وڌارا ڪري جهمريون به هڻن ٿا۔ پنجن سالن ۾ عوام کي هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ پنجاهه لک گهرن جا آسرا به ڏين ٿا ۽ وڃڻ مهل پنهنجي بي وسيءَ جو اظهار به ڪن ٿا۔ جڏهن ته واري وٽيءَ سان حڪمرانيءَ جون واڳون به سنڀالڻ لاء سدائين تيار نظر اچن ٿا۔ ڇا اهڙا سياستدان ۽ حڪمران عوام ۽ ملڪ سان مشڪريون نه پيا ڪن۔ جيڪڏهن اهي واقعي ئي مشڪريون آهن ته هاڻي بند ٿيڻ گهرجن۔
_________

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين جو سرگرم ميمبر آھي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.



