پيٽرول سبسيڊي: عوام جي حقيقي مسئلن جي اُبتڙ حڪومتي پاليسي
پيٽروليم شين جي مسلسل مهانگائيءَ سبب وفاقي حڪومت پاران گهٽ آمدني واري طبقي لاءَ فيول سبسڊي اسڪيم جو اعلان ته ڪيو ويو آهي، پر اها سهولت عوام تائين پهچندي يا رڳو سرڪاري ڪاغذن ۽ پبلسٽيءَ تائين محدود رهندي؟ غيررجسٽرڊ گاڏين، دستاويزن جي کوٽ، انٽرنيٽ کان محرومي ۽ پيٽرول پمپن تي سهولت ڊيسڪن جي عدم شفافيت جهڙا چئلينج ان پاليسيءَ جي ڪاميابيءَ تي وڏا سواليه نشان آهن.

نسيم بخاري
وچ اوڀر جي صورتحال سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي نتيجي ۾ گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت جيڪا اسڪيم شروع ڪئي آھي، اُھا حقيقت ۾ عوام کي فائدو ڏيندي يا نہ، انھيءَ جو جائزو وڍڻ ضروري آھي. اسڪيم تحت موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ 800 سي سي تائين گاڏين جي مالڪن کي فيول سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي.
حڪومت پاران اسڪيم کي آسان، سادي ۽ عوام دوست قرار ڏيڻ پنهنجي جاءِ تي، پر اصل سوال اهو آهي ته جيڪا سهولت سرڪاري ڪاغذن ۾ آسان نظر اچي ٿي، اها عام ماڻهوءَ لاءِ به ايتري ئي آسان آهي يا نه، جنهن جي زندگي سرڪاري نظام جي ڪيترين ئي بنيادي گهرجن کان اڃا تائين پري آهي؟
اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا، ان جي وڏي آبادي اهڙي طبقي سان تعلق رکي ٿي، جنهن وٽ ننڍي ڪار، موٽرسائيڪل ، رڪشا يا چنگچي ھجي، پر ان گاڏيءَ جا مڪمل قانوني ڪاغذ موجود ناهن هوندا. ڪيترائي ماڻهو ڪار، چنگچي، رڪشا ۽ موٽرسائيڪل آسان قسطن تي وٺن ٿا. گاڏي سندن استعمال ۾ هوندي آهي، قسطون اهي ادا ڪندا آهن، پيٽرول اهي وجهندا آهن، مرمت جو خرچ به اهي برداشت ڪندا آهن، پر گاڏيءَ جي ملڪيت جا مڪمل دستاويز سندن هٿ ۾ ناهن هوندا. گاڏيءَ جا ڪاغذ ته ڇا، گاڏيءَ جو ليٽر به نٿو ملي، کين صرف رسيد ڏني ويندي آهي.
هاڻي سوال اهو آهي ته اهڙي ماڻهوءَ لاءِ سبسيڊيءَ جي رجسٽريشن جو ڪهڙو رستو هوندو؟ جيڪڏهن گاڏيءَ جو رجسٽرڊ مالڪ ڪو ٻيو شخص آهي، ته سبسڊي ڪيئن ملندي؟ سرڪاري رڪارڊ ۾ جيڪو مالڪ لکيل آهي، ان کي يا ان شخص کي جيڪو واقعي گاڏي هلائي پنهنجي گهر جو چرخو هلائي رهيو آهي؟ اهڙن سوالن جو جواب پاليسيءَ جي شروعات ۾ ئي واضح ٿيڻ گهرجي.
اسان وٽ هڪ ٻيو وڏو مسئلو دستاويزن ۽ سُڃاڻپ جو آهي. هن جديد دور ۾ به ڪيترائي ماڻهو پنهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ ضروري نٿا سمجهن. خاص ڪري پٺتي پيل علائقن، ڏورانهن ڳوٺن ۽ محروم برادرين ۾ اهڙا ماڻهو اڃا تائين موجود آهن، جيڪي سرڪاري دستاويزي نظام جو حصو مڪمل طور ناهن بڻجي سگهيا. جيڪڏهن اهڙي ماڻهوءَ وٽ موٽرسائيڪل يا رڪشا موجود آهي، پر شناختي دستاويز مڪمل ناهي، ته ڇا هو هن سبسيڊي مان فائدو وٺي سگهندو؟
ڳوٺاڻن علائقن جي صورتحال وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي آهي. اتي ڪيترين ئي عورتن کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي. ڊاڪٽر وٽ وڃڻ به ڏکيو هوندو آهي، پولنگ اسٽيشن تائين وڃڻ ته پري جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ڪنهن عورت جي نالي تي گاڏي هجي، يا خاندان جو مرد فرد ڪنهن اهڙي عورت جي طرفان رجسٽريشن ڪرائڻ چاهي، ته ان لاءِ ڪهڙو انتظام هوندو؟ ڇا حڪومت ان سماجي حقيقت کي به پنهنجي اسڪيم ۾ شامل ڪيو آهي.
هن حڪومتي اسڪيم کي رڳو شهري، پڙهيل لکيل ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ماڻهوءَ جي نظر سان ڏسڻ ڪافي ناهي. پاڪستان سرڪار جو حقيقي امتحان اهو آهي ته اها اسڪيم ان مزدور تائين ڪيئن پهچندي، جيڪو صبح سوير رڪشا ڪڍي روڊ تي اچي ٿو، ان موٽرسائيڪل سوار تائين ڪيئن پهچندي، جيڪو روزاني اجرت مان گهر هلائي ٿو، يا ان ڳوٺاڻي تائين ڪيئن پهچندي، جنهن وٽ انٽرنيٽ، سمارٽ فون يا آن لائن فارم ڀرڻ جي ڄاڻ ئي موجود ناهي.
وزيراعظم پاران پيٽرول پمپ مالڪن ۽ انتظاميا کي سهولت ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. بظاهر اهو قدم سٺو ۽ عوامي سهولت لاءِ ضروري محسوس ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن سهولت ڊيسڪ قائم ڪيا وڃن ته انهن تي ماڻهو ڪير مقرر ڪندو؟ انهن کي پگهار ڪير ڏيندو؟ انهن جي تربيت ڪير ڪندو؟ انهن جي نگراني ڪير ڪندو؟ جيڪڏهن ڪنهن شهري جي رجسٽريشن ۾ مسئلو اچي وڃي ته سهولت ڊيسڪ وارو ان جو حل ڪهڙي اداري کان ڪرائيندو؟
ڇا پيٽرول پمپ مالڪ پنهنجي خرچ تي مستقل عملي کي ان ڪم لاءِ مقرر ڪندا؟ جيڪڏهن حڪومت طرفان رضاڪار مقرر ڪيا ويندا ته انهن جي ذميواري ۽ نگراني جو نظام ڇا هوندو؟ جيڪڏهن انتظاميا جا ماڻهو هوندا ته ڇا انهن وٽ اڳ ئي موجود سرڪاري ذميوارين کان علاوه هن ڪم لاءِ اضافي وقت ۽ وسيلا موجود هوندا؟
اهي معمولي سوال ناهن. اصل ۾ ڪنهن به عوامي پاليسيءَ جي ڪاميابي انهن ئي انتظامي سوالن جي جوابن ۾ لڪل هوندي آهي.
جيڪڏهن سهولت ڊيسڪ جي نگراني، ذميواري ۽ جوابدهيءَ جو واضح نظام نه بڻايو ويو ته ڪجهه هنڌن تي اهي ڊيسڪ صرف فوٽو سيشن جو حصو بڻجي سگهن ٿا. افتتاح ٿيو، تصويرون ڪڍيون ويون، اخبارن ۾ خبرون لڳيون، سرڪاري بيان جاري ٿيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڊيسڪ ختم ٿي ويا. اسان وٽ اهڙن تجربن جي کوٽ ناهي، جتي پاليسيءَ جو اعلان وڏو هوندو آهي، پر ان تي عمل تمام محدود ھوندو آهي.
حڪومت صرف سهولت ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي يا انهن جي ڪارڪردگيءَ جو باقاعده آڊٽ به ٿيندو؟ ڪيترا ماڻهو اتي آيا؟ ڪيترا رجسٽر ٿيا؟ ڪيترا رد ٿيا؟ رد ٿيڻ جا سبب ڪهڙا هئا؟ ڪيترا ماڻهو ٻيهر شڪايت کڻي آيا؟ انهن جون شڪايتون ڪيتري عرصي ۾ حل ٿيون؟ جيڪڏهن اهي انگ اکر عوام آڏو اچن ته خبر پوندي ته اسڪيم ڪاغذن تي ڪيتري آسان آهي ۽ حقيقت ۾ ڪيتري ڏکي .
سبسيڊي جي معلومات بابت به هڪ اهم سوال آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته اسڪيم بابت تفصيل ڪنهن اردو ويب سائيٽ تي موجود آهن. پر عام ماڻهو ان ويب سائيٽ تائين ڪيئن پهچندو؟ ڇا هر غريب مزدور وٽ سمارٽ فون موجود آهي؟ ڇا هر رڪشا ڊرائيور کي انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ اچي ٿو؟ ڇا هر ڳوٺاڻي عورت کي آن لائن رجسٽريشن جي ڄاڻ آهي؟ ڇا هر بزرگ ماڻهو ويب سائيٽ کولي ڄاڻ وٺي سگهي ٿو؟
جيڪڏهن جواب نه آهي ته پوءِ حڪومت کي صرف ويب سائيٽ تي معلومات رکڻ بدران ماڻهن تائين معلومات پهچائڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو. مقامي ٻولين ۾ آگاهي مهم هلائڻي پوندي. يونين ڪائونسل، تعلقي، ضلعي انتظاميا، نادرا، ايڪسائز ۽ پيٽرول پمپن جي سطح تي معلوماتي مرڪز قائم ڪرڻا پوندا. عام ماڻهوءَ کي صاف لفظن ۾ ٻڌائڻو پوندو ته ڪير اهل آهي، ڪهڙي طريقي سان رجسٽريشن ٿيندي، ڪهڙا دستاويز گهربل آهن، سبسيڊي ڪيتري آهي، ڪڏهن ملندي ۽ جيڪڏهن درخواست رد ٿئي ته شڪايت ڪٿي داخل ڪرائڻي آهي.
غربت صرف آمدنيءَ جي گهٽتائي جو نالو ناهي. غربت سان گڏ معلومات جي کوٽ، انتظامي پيچيدگي، سماجي دٻاءُ ۽ عزت نفس جا مسئلا به جڙيل هوندا آهن.
اسان جي معاشري ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ذاتي زندگيءَ جون تڪليفون منظرعام تي نٿا آڻن. اهي بک تي سمهي پون ٿا، بيماريءَ جي باوجود ڊاڪٽر وٽ نٿا وڃن، ڇاڪاڻ ته وٽن علاج ۽ دوائن جا پئسا ناهن هوندا. پر هو پنهنجي غربت جو اعلان به نٿا ڪن. پنهنجي ڀرم کي قائم رکڻ لاءِ ماڻهن آڏو پاڻ کي خوشحال، خوددار ۽ مسئلن کان آزاد ظاهر ڪندا رهن ٿا.
اهڙي سماج ۾ اهو تصور ڪرڻ به ضروري آهي ته ڇا هر مستحق ماڻهو پنهنجي غربت جو ثبوت کڻي سرڪاري نظام آڏو اچڻ لاءِ تيار به هوندو؟ ڇا هو پيٽرول پمپ تي ماڻهن جي قطار ۾ بيهي چوندو ته مان غريب آهيان، مون کي سبسڊي گهرجي؟ ممڪن آهي ڪيترائي ماڻهو اهڙي عمل کان پاسو ڪن. ان ڪري حڪومت کي صرف رجسٽريشن جي انگن اکرن کي غربت يا استحقاق جو آخري معيار نه سمجهڻ گهرجي.
ٻئي طرف سبسيڊيءَ جو نظام اهڙو به نه هجڻ گهرجي، جنهن ۾ غيرمستحق ماڻهو جعلي دستاويزن يا غلط معلومات ذريعي فائدو وٺن ۽ اصل حقدار پوئتي رهجي وڃن. ان لاءِ شفاف تصديق، سادي پر مضبوط نظام ۽ شڪايتن جي آزاد طريقيڪار جي ضرورت آھي.
پاڪستان ۾ هڪ وڏو مسئلو اهو رهيو آهي ته اسان گهڻو ڪري مسئلو پيدا ٿيڻ کان پوءِ جاڳندا آهيون. بحران اچي ٿو، قيمتون وڌن ٿيون، عوام احتجاج ڪري ٿو، ميڊيا سوال اٿاري ٿي، ان کان پوءِ حڪومت رليف اسڪيم آڻي ٿي. پوءِ ڪجهه عرصي لاءِ بحث هلي ٿو ۽ جڏهن نئون مسئلو سامهون اچي ٿو ته پراڻي اسڪيم پس منظر ۾ هلي وڃي ٿي.
هاڻي جيڪڏهن پيٽرول جي قيمت 500 رپيا في ليٽر تائين وڃڻ جا خدشا موجود آهن ته سوال اهو ناهي ته صرف اڄ جي مهانگي پيٽرول لاءِ ڪهڙي سبسڊي ڏني وڃي. سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن سڀاڻي پيٽرول کانسواءِ ڪا ٻي ڳڻتي جوڳي صورتحال ٿي وڃي ته ڇا وري ساڳئي طريقي سان هڪ نئين رليف اسڪيم متعارف ڪرائي ويندي؟ ڇا اسان وٽ اهڙي ڊگهي مدي واري معاشي حڪمت عملي آهي، جيڪا عام ماڻهوءَ کي هر نئين بحران کان اڳ تحفظ فراهم ڪري سگهي؟
حڪومتن جو ڪم صرف مسئلن کان پوءِ رليف ڏيڻ ناهي، مسئلن کي وڌڻ کان اڳ سڃاڻڻ ۽ انهن جا اثر گهٽ ڪرڻ يا کين شروع ۾ ئي روڪڻ به حڪمرانيءَ جو حصو آهي.
سٺن حڪمرانن جي سڃاڻپ اها هوندي آهي ته اهي مسئلن کي وڌڻ ئي نٿا ڏين. اڄ پيٽرول جي قيمت جو مسئلو آهي، سڀاڻي بجلي، گئس، خوراڪ، ٽرانسپورٽ يا برسات طوفان زلزلي سميت ڪنهن ٻي بنيادي ضرورت جو مسئلو به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هر ڀيري حڪومت جو پهريون ردعمل رڳو هڪ نئين سبسيڊي اسڪيم ٺاهڻ هوندو ته پوءِ اسان مستقل حل ڏانهن ڪڏهن وينداسين؟
عام ماڻهوءَ کي رليف ضرور ملڻ گهرجي، پر رليف اهڙو هجي جيڪو عزت نفس کي مجروح نه ڪري، رجسٽريشن کي پيچيده نه بڻائي، غريب کي سرڪاري آفيسن جا چڪر نه هڻائي، عورتن ۽ ڳوٺاڻن کي نظرانداز نه ڪري ۽ ڊجيٽل سهولتن کان محروم ماڻهن کي به برابر موقعو ڏئي.
حڪومت جيڪڏهن واقعي هن اسڪيم کي عوام دوست بڻائڻ چاهي ٿي ته ان کي چار معلومات وٺڻ کان اڳ انهن لکين ماڻهن جي زندگيءَ کي سمجهڻو پوندو، جيڪي شايد انهن چئن معلومات مان سڀئي معلومات فراهم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ئي نه هجن.
عوام لاءِ آسان اسڪيم اها ناهي، جيڪا حڪومت کي آسان لڳي؛ عوام لاءِ آسان اسڪيم اها آهي، جنهن مان عام ماڻهو واقعي، بنا سفارش، بنا رشوت، بنا غيرضروري چڪر ۽ بنا پنهنجي غربت جو اعلان ڪرڻ جي فائدو حاصل ڪري سگهي.
حڪومت کي اعلان کان اڳ زميني حقيقتن کي ڏسڻو پوندو، سهولت ڊيسڪ جي تصوير کان اڳ ان جي مستقل موجودگيءَ کي يقيني بڻائڻو پوندو، ويب سائيٽ کان اڳ ان شخص تائين معلومات پهچائڻي پوندي جيڪو ويب سائيٽ کولڻ ئي نٿو ڄاڻي. سبسيڊي ڏيڻ کان اڳ اهو ڏسڻو پوندو ته جنهن شخص کي رليف ڏيڻ جي دعوا ڪئي پئي وڃي، اهو انتظامي نظام جي دروازي تائين پهچي به سگهي ٿو يا نه.
حڪومت جي ڪاميابي ان ڳالهه ۾ ناهي ته ڪيترا اعلان ٿيا، ڪيتريون گڏجاڻيون ٿيون يا ڪيتريون تصويرون جاري ٿيون؛ اصل امتحان اهو آهي ته هڪ عام شهري پنهنجي حق لاءِ در در جا ڌڪا کائڻ کانسواءِ پنهنجو حق حاصل ڪري سگهيو يا نه.
__________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي



