شڪارپور جي نوجوان شاويز شاهه جو سانحو: سماجي غفلت جو الميو!
شڪارپور جي نوجوان شاويز شاهه جي المناڪ خودڪشي رڳو هڪ فرد جو اڪيلو حادثو ناهي، پر اسان جي سماجي روين، والدين ۽ ٻارن جي وچ ۾ وڌندڙ ذهني فاصلن، ۽ نئين نسل کي درپيش نفسياتي بحرانن تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي.

ليکڪ: نسيم بخاري
ٻہ ڏينھن اڳ شڪارپور جي خوبصورت نوجوان شاويز شاهه ولد اعجاز شاهه پاران جيمخانا ڪلب ۾ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪرڻ واري واقعي هر اک کي آلو ڪري ڇڏيو آهي. هي ڏک، الميو، پريشاني ۽ ماتمي ڪيفيت رڳو هڪ خاندان تائين محدود ناهي، پر سندس دوستن، احبابن، واقفڪارن، پاڙيسرين، شهرين، ساڻس گڏ پڙهندڙ ۽ کيس پڙهائيندڙ سڀئي ماڻهو درد جي ڪيفيت ۾ وڪوڙجي ويا آهن.
سندس خودڪشيءَ جو سبب غربت نه هو، بيروزگاري نه هئي، وڌندڙ مهانگائي به نه هئي، ۽ نه ئي ڪا اهڙي محرومي هئي، جيڪا پوري نه ٿيڻ سبب هو دل شڪستو ٿي زندگيءَ تان هٿ کڻي ويٺو هجي. هو هڪ خوشحال خاندان سان تعلق رکندڙ، شادي شده نوجوان هو. شادي به هن پنهنجي پسند ۽ محبت سان ڪئي هئي.
پوءِ سوال اهو آهي ته آخر ڇا ٿيو؟
اهو چئي سگهجي ٿو ته دولت جي فراواني، سهولتن جي گهڻائي ۽ والدين جي طرفان مناسب نگرانيءَ جي کوٽ کيس شايد غلط صحبت ڏانهن وٺي وئي ھجي ، يا هو سٺي ۽ خراب ۾ فرق ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺو. انسان جڏهن پهريون ڀيرو ڪوڙ ڳالهائي ٿو ته پوءِ ڪوڙ جو سلسلو وڌندو وڃي ٿو. ساڳيءَ طرح جڏهن ڪو ماڻهو پهريون ڀيرو غلط رستو اختيار ڪري ٿو ته پوءِ غلط رستن تي سفر ڪندو اڳتي وڌندو رهي ٿو.
غلط صحبت هجي، نشي جو معاملو هجي، غيرضروري نمائش ۽ ڏيکاءَ جو شوق هجي يا پنهنجي پاڻ کي حد کان وڌيڪ برتر سمجهڻ جو رجحان هجي، اهي سڀ شيون آهستي آهستي انسان کي اهڙي جاءِ تي پهچائي ڇڏن ٿيون، جتان واپسيءَ جو رستو کيس نظر ئي نٿو اچي.
جرم جائز هجي يا ناجائز، پر جڏهن مقدمو داخل ٿي وڃي، پوليس ٿاڻي تي وٺي وڃي، ماڻهو جيل پهچي وڃي ۽ معاملو عدالتن تائين ڊگهو ٿي وڃي، تڏهن شرمندگي، ندامت ۽ افسوس انسان جي پويان پاڇي وانگر ڊڪي ڊوڙي ٿو.
شايد اها ئي صورتحال شاويز شاهه کي به اندر ئي اندر اڪيلو ۽ تنهائيءَ جو شڪار بڻائيندي وئي.

زندگيءَ جي ان موڙ تي، جڏهن کيس مضبوط ڪلهن، مضبوط سهاري ۽ حوصلي ڀرين ڳالهين جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هئي، تڏهن شايد هو پنهنجي ئي وجود کان نفرت ڪرڻ لڳو هو. سندس اندر جو ضمير زنده هو، سندس اندر جو انسان جاڳيل هو. هن پاڻ کي سڌارڻ جي ڪوشش به ڪئي هوندي ۽ پاڻ سان اهو وچن به ڪيو هوندو ته هاڻي هو نئين زندگيءَ جي شروعات ڪندو.
پر شايد سندس احساسن، ڳالهين ۽ جذبن کي اها قبوليت نصيب نه ٿي سگهي، جيڪا کيس زندگيءَ جي خوبصورتيءَ ڏانهن واپس وٺي اچي ها.
شايد کيس ڪنهن اهو نه ٻڌايو ته زندگي پنهنجي پيارن لاءِ ڪيتري قيمتي هوندي آهي.
پنهنجي زال لاءِ هڪ نوجوان مڙس جي موجودگيءَ جي ڪهڙي معني ھوندي آهي، والدين لاءِ پٽ جي زندگيءَ جي ڪهڙي اهميت آهي، ڀائرن، ڀينرن، دوستن ۽ خاندان لاءِ هڪ انسان جو وجود ڪيترو قيمتي آهي—شايد درد جي ان شدت ۾ اهي سڀ حقيقتون سندس نظرن کان اوجهل ٿي ويون.
شايد سندس ڪو اهڙو سچو ۽ مخلص دوست به باقي نه رهيو هو، جنهن جي ڪلهي تي هو پنهنجو مٿو رکي روئي سگهي ھا.
شايد درد جي شدت کيس اداسيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڏسڻ ئي نه ڏنو.
۽ شايد خانداني يا معاشرتي روين کيس پنهنجي وجود کي ڌرتيءَ تي بار محسوس ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
سبب جيڪي به هجن، حقيقتون جيڪي به هجن، پر هڪ سچ اسان جي سامهون نروار ٿي بيٺو آهي ته شاويز شاهه سميت اسان جي معاشري ۾ جن نوجوانن پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو وسايو آهي، يا مستقبل ۾ وسائي سگهن ٿا، انهن جي پويان هڪ وڏي ۽ اهم حقيقت اها به آهي ته والدين ۽ ٻارن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ وڇوٽي، خاموشي ۽ ذهني فاصلو ڪيترن ئي غلطين، گناهن ۽ گمراهيءَ جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي.
اخلاق جي تربيت ڪرڻ جي سڀ کان وڏي ذميواري والدين جي آهي. اهي خاندان جا وڏا هوندا آهن، تنهنڪري انهن جو فرض آهي ته پنهنجو دل به وڏو رکن. جيستائين هو پنهنجي ننڍن ڏانهن دوستانه نظر سان نه ڏسندا، دلبرانه شفقت جا هٿ نه وڌائيندا ۽ انهن کي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو نه ڏيندا، تيستائين ٻارن کي پنهنجي گهر ۾ به اپنائپ ۽ سهاري جو مڪمل احساس ڪيئن ٿيندو؟
ڪڏهن ڪڏهن وڏي المناڪ صورتحال کان اڳ ننڍڙي افسوسناڪ واقعي کي نظرانداز ڪرڻ ئي وڏي دانائي ثابت ٿيندي آهي.
مون هڪ واقعو پڙهيو هو ته هندستان ۾ هڪ شاگرد ميٽرڪ جي امتحان ۾ سمورن پرچن ۾ فيل ٿي ويو. پيءُ کيس دڙڪا ڏيڻ بدران سندس اعزاز ۾ هڪ وڏي تقريب رکي، جنهن ۾ سندس سڀني دوستن کي دعوت ڏني وئي.
پيءُ پنهنجي پٽ کي سيني سان لڳايو ۽ چيو: مون کي ان ڳالهه تي نه شرمندگي آهي، نه ندامت ۽ نه افسوس، ته منهنجو پٽ سمورن پرچن ۾ فيل ٿيو آهي. پرچن ۾ فيل ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. ايندڙ سال محنت ڪندو ته سمورن پرچن ۾ پهرين پوزيشن به کڻي سگهي ٿو. منهنجي اصل پريشاني اها آهي ته منهنجو پٽ زندگيءَ جي ڪنهن به امتحان ۾ فيل نه ٿئي، ڪنهن آزمائش ۾ مايوس نه ٿئي ۽ ڪنهن پريشانيءَ ۾ پنهنجو حوصلو نه هاري.
سوچيو، سمورن پرچن ۾ فيل ٿيل ان پٽ جڏهن پيءُ جا اهي لفظ ٻڌا هوندا ته سندس ضمير، سندس دل ۽ سندس ذهن کيس ڇا چيو هوندو؟
شايد ان هڪ پيءُ پنهنجي پٽ کي صرف حوصلا نه ڏنا، پر کيس زندگيءَ سان ٻيهر ڳنڍي ڇڏيو.
هڪ دور هو، جڏهن شڪارپور جي ڪيترن ئي گهرن ۾ لائبريريون هونديون هيون. وڏا ڪتاب پڙهندا هئا، ٻار ڪتابن کي ڏسندا هئا، ۽ اهڙي ماحول ۾ ٻارن کي ڪتابن سان دلچسپي ۽ دل لڳي پيدا ٿي ويندي هئي.
جڏهن اهي ٻار پڙهڻ لڳندا هئا ۽ مطالعي جا اثر سندن شخصيتن تي ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا هئا ته اهي پنهنجي عمر کان ڪٿي وڌيڪ ذهني بلوغت جون بلنديون ڇهڻ لڳندا هئا.
ننڍي عمر ۾ پنهنجي ذهانت، هوشياري ۽ صلاحيتن سبب اهي نه رڳو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اڳين صفن ۾ نظر ايندا هئا، پر معاشرتي سرگرمين ۾ به اڳڀرا هوندا هئا.
جيئن جسم لاءِ خوراڪ ضروري آهي، تيئن ذهن جي نشونما لاءِ به ذهني خوراڪ ضروري آهي.
اسان روز ڪپڙا بدلائيندا آهيون، کاڌو کائيندا آهيون، پاڻي پيئندا آهيون، وهنجندا آهيون، وار سنواريندا آهيون، پر ڇا اسان پنهنجي ذهن کي به روزاني خوراڪ فراهم ڪندا آهيون؟
ذهني خوراڪ انسان کي ذهني غربت مان ڪڍي ذهني اميريءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي. اها خوراڪ سٺي صحبت مان به ملي سگهي ٿي ۽ سٺي مطالعي مان به.
افسوس اهو آهي ته اڄ اسان جي نوجوانن ۾ انهن ٻنهي شين جي وڏي کوٽ نظر اچي ٿي.
پر هتي هڪ ٻي وڏي کوٽ به آهي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ۽ اها آهي راندين ۽ جسماني سرگرمين جو فقدان.
جڏهن راند نه هوندي، ورزش نه هوندي، جسماني سرگرمي نه هوندي ته انسان ذهني ۽ روحاني طور ڪيئن ڦلندو ۽ ڦولندو؟ صحتمند جسم ئي صحتمند ذهن لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو.
هڪ دور هو، جڏهن روزاني ورزش زندگيءَ جو لازمي حصو سمجهي ويندي هئي. جاپان ۾ اڄ به ريڊيو ذريعي شهرين کي تقريباً ساڍن ٽن منٽن جون مختلف جسماني ورزشون ڪرائڻ جي روايت موجود آهي، جنهن ۾ جسم جي مختلف عضون کي حرڪت ۾ آندو وڃي ٿو.
اسان وٽ به اسڪولن ۾ فزيڪل ٽريننگ جو باقاعده پيرڊ ٿيندو هو. ٻار راندين جي ميدان ۾ ويندا هئا، ڊوڙندا هئا، ورزش ڪندا هئا، جسماني تربيت حاصل ڪندا هئا. پر هاڻي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ فزيڪل ٽريننگ جو اهو پيرڊ به ڄڻ خواب بڻجي ويو آهي.
راندين جا ميدان گهٽجي ويا، جسماني سرگرميون محدود ٿي ويون ۽ موبائل فون نوجوانن جي هٿ ۾ اهڙي جاءِ والاري ورتي، جتي اڳ ڪتاب، بال، بيٽ ۽ راندين جو سامان هوندو هو.
ٻئي طرف منشيات، جوا، آڪڙا، پرچي ۽ ٻين ڪيترين سماجي براين اهڙيون پاڙون پڪڙي ورتيون آهن، جو ڪيترين ئي هنڌن تي نقصانڪار شين تائين رسائي حيرت انگيز حد تائين آسان ٿي وئي آهي.
جنهن آسانيءَ سان ڪو ماڻهو دڪان تان ٽافي يا چيئنگم وٺي سگهي ٿو، ڪيترين ئي حالتن ۾ نشي ۽ صحت لاءِ نقصانڪار شين تائين پهچ به ايتري ئي آسان نظر اچي ٿي.

دوائن جي دڪانن بابت به شڪايتون سامهون اينديون رهن ٿيون ته ڪجهه هنڌن تي اهڙيون شيون به آسانيءَ سان ملي وڃن ٿيون، جن جي وڪري ۽ استعمال تي سخت نگراني هجڻ گهرجي. جيڪڏهن صحت جي حفاظت لاءِ قائم ڪيل ادارن جي چوڌاري به اهڙي بي ضابطگي پيدا ٿي وڃي ته پوءِ نوجوان نسل کي محفوظ رکڻ وارو سوال وڌيڪ سنگين ٿي وڃي ٿو.
ان سان گڏ هٿيارن جي کليل نمائش به اسان جي سماجي روين جو خطرناڪ رخ بڻجي رهي آهي. هٿيارن سان تصويرون، وڊيو ڪلپس ۽ انهن کي طاقت، شان يا وقار جي علامت طور پيش ڪرڻ کي ڪيترن ئي ماڻهن وٽ هاڻي ڪا وڏي برائي ئي نٿو سمجهيو وڃي.
اڄ جي دور ۾ جنهن طرح گاڏي ۽ موبائل فون نوجوان لاءِ ضروري سمجهيا وڃن ٿا، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪجهه حلقن ۾ پستول به ڄڻ نوجوان جي شخصيت جو لازمي حصو بڻجڻ لڳو آهي.
هن هٿيارن واري ثقافت کي به اسان کي صاف لفظن ۾ رد ڪرڻو پوندو. هٿيار جيڪو انسان پنهنجي دفاع لاءِ رکي ٿو، اهو ئي ڪڏهن ڪڏهن سندس لاءِ يا سندس ڪنهن پياري لاءِ سڀ کان وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو.
ان ڪري هتي به وڏن جي نظر ۽ والدين جي ذميواري انتهائي اهم ٿي وڃي ٿي. ٻارن کي صرف خطرناڪ هٿيارن کان پري رکڻ ڪافي ناهي، پر اهو پڻ يقيني بڻائڻ ضروري آهي ته انهن کي ڪنهن به صورت ۾ اهڙن هٿيارن تائين آسانيءَ سان رسائي حاصل نه هجي.
اسان وٽ تفريح جا مناسب هنڌ ناهن، معلوماتي پروگرام ناهن، علمي ۽ تخليقي مقابلا ناهن. راندين جي دنيا هجي، ادب جي دنيا هجي، علم جي دنيا هجي يا سياحت جو معاملو—هر طرف هڪ اداس ۽ مايوس ڪندڙ منظر نظر اچي ٿو.
نوجوان کي جيڪڏهن راندين جا ميدان نه ملندا، ورزش جا موقعا نه ملندا، مطالعي ۽ تخليقي سرگرمين جا دروازا بند هوندا، پر ساڳئي وقت نشو، جوا، هٿيار ۽ ڏيکاءَ جي ثقافت کين آسانيءَ سان دستياب هوندي، ته پوءِ اسان کي سوچڻو پوندو ته اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي آخر ڪهڙي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون؟
شڪارپور بابت چيو وڃي ٿو ته هتي سئو کان وڌيڪ ماڻهو ارب پتي آهن. سوال اهو آهي ته انهن مان ڪيترا ماڻهو هتي پنهنجا ڪاروبار شروع ڪن ٿا؟ ڪيترا ڪارخانا قائم ڪن ٿا؟ ڪيترا اهڙا ادارا ٺاهين ٿا، جتي نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت ملي سگهي، روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن يا هو پنهنجي صلاحيتن جو لوها مڃرائي سگهن؟
شڪارپور ۾ هڪ زماني ۾ سوين باغ هوندا هئا. موسيقيءَ جون محفلون ٿينديون هيون، ناٽڪ منڊليون ٿينديون هيون، مشاعرا ٿيندا هئا، صوفياڻيون محفلون سجنديون هيون.
دريادلي، انسان دوستي، اخلاق ۽ زندگيءَ جي سٺين قدرن جون هدايتون ۽ تلقينون ٿينديون هيون. ۽ جيڪي ماڻهو اهڙيون نصيحتون ڪندا هئا، اهي پهريان پاڻ عمل جي دنيا ۾ انهن قدرن کي ثابت ڪندا هئا. پوءِ ماڻهو انهن کي ڏسي، پنهنجو آئيڊيل بڻائي، انهن جي نقش قدم تي هلڻ کي فخر سمجهندا هئا.
اڄ اهي ماڻهو ڪيڏانهن ويا، جن جي سنگت ۾ ويهي روح کي راحت محسوس ٿيندي هئي؟
ائين ناهي ته اهڙا ماڻهو اڄ موجود ئي ناهن. اڄ به اهڙا ماڻهو موجود آهن ۽ اهڙو ماحول ٻيهر پيدا ڪري سگهجي ٿو. اصل مسئلو اهو آهي ته اهڙن ماڻهن تائين رسائي پاڻ هڪ آزمائش بڻجي وئي آهي.
ڪو اهڙو فورم، ڪو اهڙو سلسلو ۽ ڪو اهڙو پليٽ فارم ئي موجود ناهي، جتان معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ وارا ماڻهو هڪ ٻئي تائين آسانيءَ سان پهچي سگهن، سندن سوچ هڪ ٻئي سان ملي سگهي ۽ انهن جي فڪر کي عمل جي ڌرتي نصيب ٿي سگهي.
خودڪشي اسلام ۾ حرام آهي، ۽ ڪنهن به معاشري يا مذهب ۾ ان کي مثبت عمل قرار نٿو ڏئي سگهجي.
ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته خودڪشي ڪرڻ وارو شخص قانوني لحاظ کان ذميوار سمجهيو وڃي ٿو. مٿس ڪيس داخل ٿئي يا نه ٿئي، جنازي جي نماز بابت مذهبي بحث هجي يا نه هجي، پر انهن سڀني ڳالهين کان مٿانهون هڪ انساني سوال ضرور جنم وٺي ٿو:
آخر اهي ڪهڙا حالات هوندا آهن، جيڪي هڪ انسان کي زندگيءَ کان ايترو لاچار ۽ بي وس ڪري ڇڏين ٿا، جو هو پنهنجي ئي وجود ۽ پنهنجي ئي زندگيءَ کي ختم ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو؟
ضروري ناهي ته جيڪي سبب مون بيان ڪيا آهن، صرف اهي ئي حقيقت هجن. ممڪن آهي ته ٻيا به ڪيترائي سبب هجن، ۽ يقيناً ٿي سگهن ٿا. ڪنهن فرد جي اندروني ڪيفيت، ذاتي تجربن ۽ ذهني اذيت بابت مڪمل ڄاڻ کان سواءِ حتمي فيصلو ڪرڻ مناسب به ناهي.
پر منهنجو يقين آهي ته جيڪڏهن اسان مٿي بيان ڪيل سببن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪريون، والدين ۽ ٻارن جي وچ ۾ فاصلو گهٽايون، نوجوانن کي سٺي صحبت، مطالعي، راند، ادب، فن ۽ مثبت سرگرمين جا موقعا فراهم ڪريون، ته شايد مستقبل جي ڪيترن ئي شاويز شاهن جون پيار ڀريون زندگيون بچائي سگهجن.
شايد ڪنهن نوجوان کي صرف هڪ دوست جي ضرورت هجي.
شايد ڪنهن کي صرف هڪ اهڙي پيءُ جي ضرورت هجي، جيڪو دڙڪو ڏيڻ بدران سيني سان لڳائي.
شايد ڪنهن کي صرف ايترو ٻڌڻ جي ضرورت هجي: ”تو غلطي ڪئي آهي، پر تون پاڻ غلطي ناهين. تنهنجي زندگي اڃا به قيمتي آهي. واپس اچ، اسان تنهنجي انتظار ۾ آهيون.“
۽ شايد اهڙا چند لفظ ڪنهن گهر جو ماتم ٽاري سگهن ٿا.
شاويز شاهه واپس نه ايندو. سندس وڃڻ جو ڏک سندس خاندان، دوستن ۽ شڪارپور جي ماڻهن جي دلين ۾ رهندو. پر جيڪڏهن سندس سانحو اسان کي ڪجهه سيکاري سگهي، جيڪڏهن سندس وڇوڙو اسان کي پنهنجن ٻارن ڏانهن ٻيهر ڏسڻ تي مجبور ڪري سگهي، جيڪڏهن اسان ڪنهن هڪ نوجوان کي به مايوسيءَ جي اونداهي مان واپس زندگيءَ جي روشنيءَ ڏانهن آڻي سگهون، ته شايد هي درد مڪمل طور بي معني نه رهندو.
زندگيءَ کي بچائڻ لاءِ هميشه وڏا وسيلا ناهن گهرجن؛ ڪڏهن ڪڏهن هڪ کليل دروازو، هڪ ٻڌندڙ ڪن، هڪ ڀاڪر ۽ چند همدرد لفظ ئي ڪافي هوندا آهن. صحت جي عالمي اداري (WHO) جو چوڻ آھي ته خودڪشي روڪي سگهجي ٿي. شديد جذباتي تڪليف ۾ مبتلا ماڻهوءَ سان کليل نموني ڳالهائڻ، سندس ڳالهه بنا ڪنهن فيصلي جي ٻڌڻ، جذباتي ۽ سماجي سهارو فراهم ڪرڻ ۽ ضرورت پوڻ تي ماهر کان مدد وٺڻ خودڪشيءَ جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
___________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



