دنيا جي هر قوم پنهنجي قومي خودمختياريءَ کي بنيادي اهميت ڏئي ٿي
وفاق يعني فيڊريشن جي ڀيٽ ۾ ڪنفيڊريشن اندر قومن جي قومي خودمختياري محفوظ رھي ٿي. فيڊريشن ۽ ڪنفيڊريشن جي ڳڻ، اوگڻ ۽ انٽرنيشنل ازم واري فڪري تصور جو اڀياس.

حميد منگي
فيڊريشن هڪ اهڙو سياسي، آئيني نظام آهي جنهن ۾ هڪ ملڪ ڪيترن ئي صوبن، قومن، رياستن يا علائقن تي مشتمل هوندو آهي، ان ۾ اختيار ٻن سطحن تي ورهايل هوندا آهن. هڪ مرڪزي حڪومت ۽ ٻيو صوبائي يا رياستي حڪومتون۔ انهن ٻنهي حڪومتن جا اختيار آئين ۾ مقرر ٿيل هوندا آهن۔ عام طور تي مرڪز, صوبن ۽ رياستن جا بنيادي آئيني اختيار، پنهنجي مرضيءَ سان ختم ته نه ٿو ڪري سگهي پر, جڏهن اھڙن ملڪن ۾ آمريتون اچي وينديون آهن ته, اهي مختلف سبب ڄاڻائي ۽ مجبوريون ٻڌائي، آئين معطل ڪري، آرڊيننس نافذ ڪندي، پنهنجي مقصدن جا نوان قاعدا، قانون، ضابطا ٺاهي، مرضيءَ وارا قدم کڻي، انساني حقن سان گڏ صوبائي حق به غصب ڪنديون آهن، جيڪو عمل عوام سان گڏ صوبن سان به ناانصافيءَ جي زمري ۾ ايندو آهي۔ جنهن جي سزا به آئين ۾ لکيل هوندي آهي، پر اڪثر آمر بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي ڏهه پندرنهن سال حڪومتون ڪري آرام سان هليا به ويندا آهن ۽ کانئن ڪو پڇڻ وارو به ناهي هوندو۔
فيڊريشن جا سادا مثال دنيا ۾ کوڙ آهن، جنهن تحت هڪ کان وڌيڪ رياستون، صوبا، قومون، هڪڙي مرڪز هيٺ پنهنجي پنهنجي مرضيءَ سان ڪم ڪندڙ آهن. انهيءَ نظام ۾ هونئن ته بچاءُ، پرڏيهي پاليسي، ڪرنسي ۽ مواصلات وارا کاتا پنهنجو پاڻ ئي فيڊريشن ۾ اچي ويندا آهن پر ڪٿي ڪٿي صوبن جي سستي، نااهلي، رضامندي يا مرڪز ڏاڍائي ڪندي ڪي ٻيا اهم معاملا به پاڻ وٽ سنڀالي وٺندو آهي ۽ باقي ڪجهه ادارا جن ۾ عوامي خدمتن وارا کاتا يعني تعليم، صحت، زراعت، مقامي انتظام، ٻين صوبائي معاملن جا اختيار صوبائي حڪومتن وٽ ئي رهڻ ڏنا ويندا آهن. اهڙيءَ طرح هڪ ئي ملڪ ۾ صوبن جي قومي وحدت به برقرار رهي ٿي ۽ علائقائي خوداختياري به قائم رهي ٿي، پر شرط اهو هوندو آهي ته، گڏيل آئين تي ايمانداريء سان عمل ٿيندو رهي۔
هڪ سٺي فيڊريشن جون ڪجهه خاصيتون هي به هجن ٿيون تہ ان ملڪ جا سمورا صوبا يا قومون گڏجي آئين جوڙيندا ۽ ضرورت جي وقت انهن ۾ ترميمون به ڪندا آهن۔ جنهن سان وفاق توڙي صوبن جي اختيارن ۾ وقت به وقت تبديلي به ٿيندي آهي، جنهن جا نقطا به آئين ۾ طئہ ڪيا ويندا آهن، پوءِ ئي اختيارن ۾ ڦير گھير يعني آئين ۾ ترميمون ٿينديون يا ڪيون وينديون آهن۔ جيڪڏهن ڪنهن فيڊريشن ۾ وفاق توڙي صوبن وچ ۾ اختيارن بابت اختلاف پيدا ٿي پوندا آهن ته، ملڪ جون اعلي عدالتون يا آئيني ادارا جنهن ۾ سينيٽ ۽ اسيمبليون اچي وڃن ٿيون، اهي مسئلن جا حل ڪڍندا آهن. هن پٽاڙ جو مقصد هي آهي ته، فيڊريشن ۾ ٻٽو حڪومتي ڍانچو رائج ٿيندو آهي يعني هڪ ئي ملڪ ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجن پنهنجن دائرن ۾ رهي ڪم ڪنديون آهن.
هن وقت به دنيا ۾، ڪيترائي ننڍا وڏا ملڪ آهن، جتي فيڊرل نظام صدين کان هلندڙ آهي، انهن ۾ سواءِ ننڍڙن مسئلن جي ڪي به وڏا مسئلا ناهن ٿيندا، ڪي مسئلا پيدا ٿي به پوندا آهن ته، انهن جا حل ڪجهه عرصي اندر ئي ڪڍيا ويندا آهن۔ جن جاين تي مامرن جو نبيرو ناهي ٿيندو، اتي قومون، رياستون يا صوبا جدا ٿي پنهنجون الڳ حڪومتون قائم ڪري وٺندا آهن۔ جنهن جا ڪجهه مثال روس جي ڪجهه رياستن جا آهن جن ۾ آذربائيجان، تاجڪستان، يوڪرين سميت ٻين رياستن الڳ پنهنجا ملڪ ٺاهي ورتا آهن، جيڪي لڳ ڀڳ چئن ڏهاڪن کان ڪاميابيءَ سان هلي رهيا آهن۔ ان سلسلي جو ٻيو مثال برطانيه جو به ڏئي سگهجي ٿو، جتي ڪجهه سال اڳ آئرلينڊ جو هڪ حصو انگلينڊ کان جدا ٿي الڳ حڪومت قائم ڪري چڪو آهي۔ ڪجهه ڏهاڪا اڳ شايد يوگوسلاويا کان بوسينيا ۽ هرزگوينيا به الڳ ٿيا هئا، جيڪي هاڻي پاڻ ۾ هڪ معاهدي يا اتحاد تحت گڏجي حڪومت ڪري رهيا آهن۔ بهرحال دنيا جي فيڊرشنن ۾ اهڙا واقعا اڪثر ڏسڻ ٻڌڻ لاء ملندا رهيا آهن۔
ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو، اهي به سوال اٿاريندا آهن ته، فيڊريشن ڇو ٺاهي ويندي آهي صوبا، قومون يا رياستون الڳ پنهنجي ليکي حڪومتون قائم ڇو نه ڪنديون آهن؟ ته ان بابت ڪجهه سوالن تي بحث ڪري جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا۔ جيتوڻيڪ هر هڪ صوبي يا قوم وٽ الڳ حڪومت ٺاهڻ جو حق سياسي طور تي ممڪن هوندو آهي، پر ان سان ڪجهه ٻيا مسئلا به پيدا ٿي سگهن ٿا۔ مثال طور بچاءَ وارو کاتو، جنهن تي ٻين شعبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ يا تمام گهڻو خرچ ٿيندو آهي، جيڪو گڏيل فوج يا دفاعي نظام ۾ وڌيڪ طاقتور ۽ موثر به ٿي سگهي ٿو. ٻئي نمبر تي فيڊريشن ۾ قومن، صوبن، علائقن کي معيشت جي حوالي سان سهوليت يعني هڪ گڏيل منڊي آسانيءَ سان ملي ويندي آهي، جنهن سان فيڊريشن ۾ شامل مختلف قومن ۽ صوبن کي آرام سان واپار جا فائدا ملي پوندا آهن ۽ پڻ صوبن ۽ قومن کي ٻين ملڪن کي مطمئن ڪري، شيون وٺڻ يا وڪرو ڪرڻ جي جهنجهٽ کان به نجات ملي ٿي ۽ ٻين ملڪن سان رابطا ڪرڻ، فيڊريشن جي مٿي جو سور هوندو آهي. ٽئين نمبر تي صوبن کي وڏا وڏا خرچ ڪري سفارتي تعلقات به قائم ڪرڻا ناهن پوندا۔
فيڊريشن قائم ڪرڻ جو، ٻين سببن سان گڏ هڪ سبب هي به رهيو آهي ته، ڪن قومن، صوبن ۽ رياستن ۾ پاڻي، خوراڪ جي مختلف شين، قدرتي وسيلن جي کوٽ يا ٻي ڪنهن به شئي جي ڪا گهٽتائي هوندي آهي ته، ڪنهن به فيڊريشن سان ڳنڍيل هجڻ سبب اتي انهن شين جي ڪميءَ جو احساس گهٽ ٿيندو آهي، ڇو ته اهي سڀ شيون فيڊريشن جي ذريعي صوبا يا قومون آسانيءَ سان مٽا سٽا ڪري سگهنديون آهن. جڏهن ته فيڊريشن جي ٻين وڏن فائدن ۾ ريلوي، بجلي، گئس، انٽر نيٽ ۽ مواصلاتي نظام گڏيل رکڻ ۾ به آسانيون ٿي پونديون آهن. انهن کان سواءِ فيڊريشن سبب بين الاقوامي طاقت ۾ واڌارو ٿيندو آهي، ڪو به گهڻ قومي ملڪ عالمي سطح تي ٻين ننڍن ننڍن يا الڳ الڳ ملڪن کان وڌيڪ اثر رکندڙ ليکيو ويندو آهي۔ هتي متحده عرب امارات جو هڪ مثال به وٺي سگهجي ٿو، جڏهن اهي الڳ الڳ ننڍڙيون رياستون هيون، انهن جي اهميت نه هجڻ برابر هئي پر جڏهن کان ڇهن، ستن ننڍڙين رياستن گڏيل عرب امارات قائم ڪري ورتي ته اتي نقشو ئي بدلجي ويو. اتان جا ماڻهو ته ترقيون ڪري ئي رهيا آهن پر دنيا جي ٻين ملڪن جا ماڻهو به اتي اچي، ڪم ڪار، ڌنڌا، ڪاروبار ۽ روزگار ڪري پنهنجن ملڪن ڏانهن ناڻو موڪلين ٿا۔
انهيءَ سلسلي ۾ هتي هڪ ٻي ضروري ڳالهه به لکندا هلون، ڪٿي ڪٿي مختلف رياستن قومن، صوبن ۽ علائقن جون تاريخي، معاشي، مذهبي، سياسي يا واپاري ضرورتون ۽ ٻوليون توڙي ثقافتي هڪجهڙائي به کين گڏجڻ تي هرکائيندي ۽ اڪسائيندي آهي۔ فيڊريشن جي تصور کي هن طرح سان به سمجهي سگهجي ٿو ته “فيڊريشن ۾ وحدت به قائم رهي ٿي ۽ اختيارن جي ايمانداراڻي ورهاست سان صوبن ۽ قومن جي علائقائي خودمختياري به برقرار رهي ٿي، مختلف علائقن جي ماڻهن ۾ لڳ لاڳاپا مضبوط ٿين ٿا، اٿڻيون ويهڻيون هڪ جهڙيون ٿين ٿيون، مائٽيون، مٽيون، ياريون، دوستيون وڌن ٿيون، فرق گهٽجڻ سان اختلافن ۽ تڪرارن جا نبيرا به ڪي قدر آسان ٿين ٿا، هڪ ٻئي جي ٻولين ۽ ريتون رسمن سمجهڻ ۾ به مدد ملي ٿي.”
جڏهن پاڻ فيڊريشن جو ذڪر ڪندا آهيون ته، ان سان گڏ يونيٽري رياست يعني ون يونٽ جو ذڪر به نڪري پوندو آهي۔ جنهن جو پاڻ وٽ ڪجهه سالن لاءِ جنرل ايوب جي دور ۾ تجربو ٿي چڪو آهي، جن تي پاڪستان جي مختلف صوبن شديد ردعمل ڏيکاري، آخرڪار ان ڪاري قانون کي رد ڪرايو، جنهن ۾ ٻين قومن سان گڏ سنڌ جي سياستدانن، اديبن ۽ سماج سڌارڪن به وڏو حصو ورتو هو۔ پاڻ ان ون يونٽ نظام توڙي فيڊريشن ۾ فرق کي ڳولهينداسين ته منظر هيٺئين ريت نظر ايندو۔ فيڊريشن ۾ اختيار وفاق ۽ صوبن ۾ ورهايل هوندا آهن، صوبن کي آئيني اختيار حاصل ناهن هوندا، پر صوبائي خودمختياري ضرور هوندي آهي۔ جڏهن ته يونيٽري رياست يعني ون يونٽي نظام ۾ بنيادي اختيار، مرڪز وٽ ته هوندا آهن پر، صوبائي انتظامن جا اختيار به مرڪز ڏئي يا واپس وٺي سگهندو آهي۔ ان حوالي سان مرڪزي حڪومت طاقتور، انجي مقابلي ۾ صوبائي حڪومتن وٽ عوام کي ڏيڻ يا وٺڻ لاء ڪو به پاور ناهي رهندو۔
فيڊريشن تي پنهنجي سمجهه آهر بحث ڪرڻ کانپوء پاڻ اچون ٿا، ”ڪنفيڊريشن نظام“ جي وضاحت بابت۔ ڪنفيڊريشن نظام هڪ اهڙو سياسي اتحاد يا معاهدو هوندو آهي، جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ خودمختيار رياستون، صوبا، قومون يا ملڪ ڪنهن هڪ يا وڌيڪ گڏيل مقصدن لاءِ پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪن ٿا، پر اهي پنهنجون بنيادي آزاديون ۽ خودمختياريون پاڻ وٽ ئي رکن ٿا۔ ڪنفيڊريشن ۽ فيڊريشن ۾ هڪڙو سادو فرق هي به آهي ته، فيڊريشن ۾ رياستون ۽ صوبا گڏيل وفاقي رياست جو حصو بڻجن ٿا، ان جي ڀيٽ ۾ ڪنفيڊريشن ۾ اهي ساڳيا صوبا يا خودمختيار رياستون پاڻ ۾ رڳو اتحاد يا معاهدا ڪندا آهن ۽ آئين هر رياست جو پنهنجو پنهنجو ۽ الڳ الڳ هوندو آهي. ڪنفيڊريشن جون ٻيون اهم خاصيتون بيان ڪبيون ته، صورتحال هيٺين ريت نظر ايندي۔ فيڊريشن جي مقابلي ۾ ڪنفيڊريشن ۾ صوبا، قومون، رياستون وڌيڪ خودمختيار رهن ٿيون، ضرورتن آهر ڪڏهن به بنا وڳوڙن يا احتجاجن جي معاهدا توڙي اتحاد ختم ڪري آزاد زندگيون گذارن ٿا ۽ ضرورت پوڻ تي ٻين پاڙيسري ملڪن، صوبن، رياستن سان ڪنفيڊريشن قائم ڪري سگهن ٿا۔ مطلب ته اهي قومون ۽ صوبا فيڊريشن جي سختين کان آرام سان آجا ٿي سگهن ٿا۔ انهيءَ بحث جو تت ڪڍبو ته، نتيجو هيءُ نڪرندو ته، ”فيڊريشن“ جي ڀيٽ ۾ ”ڪنفيڊريشن“ کي انتهائي لچڪدار، آسان ۽ سولو نظام چئي سگهجي ٿو۔
ڪنفيڊريشن ۾ شامل هر ملڪ، رياست توڙي صوبو پنهنجي الڳ حڪومت، آئين، قائدا، قانون، ضابطا، سماجي، سياسي سڃاڻپ، ثقافت ۽ ٻولي رکي ٿو. ڪنفيڊريشن ۾ گڏيل حڪومت يا گڏيل ادارو ته هوندو آهي، پر ان جا اختيار عام طور محدود هوندا آهن، جيڪي ميمبر رياستن، قومن، صوبن، ملڪن جي رضامنديءَ تي گهڻو دارومدار رکندا آهن. اهو ادارو ميمبر رياستن جي مرضيءَ کان ٻاهر پنهنجا اختيار استعمال ناهي ڪري سگهندو. اتفاق سان مختلف رياستن ۽ صوبن تي مشتمل گڏيل اداري ڪو واڌو يا غلط قدم کڻي ورتو ته ڪنفيڊريشن تحت صوبا، قومون يا ملڪ انهيءَ اداري کان پڇاڻي جو به حق رکندا آهن، جيڪڏهن اداري کين مطمئن ڪيو ته ٺيڪ، نه ته انهن جا رستا هڪٻئي کان الڳ ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن۔
ڪنفيڊريشن تحت، صوبا، قومون، ملڪ توڙي ننڍيون وڏيون سڀئي رياستون دفاع، واپار، ڪرنسي، پرڏيهي پاليسي، معاشي سهڪار يا پنهنجي مرضيءَ سان وڌيڪ مقصدن لاءِ اتحاد ۽ معاهدا ڪري سگهن ٿيون، ڇو ته ڪنفيڊريشن نظام تحت انهن جي رضامندي بنيادي حيثيت رکندي آهي۔ ڪنفيڊريشن ۾ شامل رياستون، قومون ۽ صوبا توڙي ملڪ وڌيڪ خودمختيار هجڻ ڪري، ڪنهن به مامري تي اتحاد يا معاهدي کي ختم ڪرڻ يا ان مان نڪرڻ جي دعوا به ڪري سگهن ٿا، ڇو ته معاهدي يا اتحاد ڪرڻ واري وقت لکت ۾ اهڙي گنجائش خاص طور تي رکي ويندي آهي.
فيڊريشن ۽ ڪنفيڊريشن ۾ هي به فرق اهم آهي ته، وفاق ۾ مختلف علائقا هڪ مضبوط آئيني رياست جو حصو بڻجن ٿا ڇوته وفاقي حڪومت کي سڌا آئيني اختيار حاصل هوندا آهن پر، ڪنفيڊريشن تحت خودمختيار صوبا ۽ رياستون ڪنهن محدود مقصد لاءِ اتحاد يا معاهدا ڪنديون آهن، مطلب جيئن فيڊريشن ۾ آئين جي ضرورت هوندي آهي ڪنفيڊريشن ۾ آئين بدران رڳو معاهدي يا اتحاد جي ضرورت پوندي آهي، يعني ڪنفيڊريشن نظام اندر رياستون، قومون ۽ صوبا پنهنجي پنهنجي مرضيء سان آئين ٺاهيندا آهن، جنهن ڪري بنيادي خودمختياري انهن رياستن ۽ قومن وٽ ئي رهي ٿي. مختصر لفظن ۾ فيڊريشن اهڙو آئيني بندوبست هوندو آهي، جنهن ۾ هڪ ملڪ جي سياسي طاقت وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ورهايل هوندي آهي، ان جي ڀيٽ ۾ ڪنفيڊريشن ۾ ملڪن، قومن، صوبن يا رياستن جي سياسي طاقت انهن وٽ ئي رهي ٿي۔
انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه تاريخي مثال موجود آهن، 18ع صديءَ ۾ ڪجهه مخصوص سالن تائين آمريڪا ڪنفيڊريشن نظام جي صورت ۾ هليو. ان نظام ۾ مرڪزي حڪومت ڪمزور هئي. جڏهن سڀني رياستن جي گڏيل صلاح سان نئون آئين ٺهيو ته، آمريڪا ڪنفيڊريشن مان ڦري وفاقي نظام بڻجي ويو. اهڙيءَ ريت سوئٽزرلينڊ جي تاريخ ۾ به ڪنفيڊريشن جو مرحلو رهيو. بلڪي هاڻي تائين به سوئٽزرلينڊ جو سرڪاري نالو Swiss Confederation ئي آهي، پر سياسي لحاظ کان اهو ملڪ به هاڻي وفاقي رياست ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. مطلب آمريڪا ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ ڪنفيڊريشن دوران گڏيل مرڪزي ادارا نسبتن ڪمزور هئا، ڇو ته ان ۾ اختيار آئين بدران معاهدي مان ملندا هئا۔ جڏهن کان آمريڪا ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ باضابطا طور تي فيڊريشنون قائم ٿيون آهن، ته اتي مرڪزي حڪومتون نسبتن مضبوط ٿي ويون آهن، شهري به وفاق جا سڌا شهري هوندا آهن ۽ فيڊريشن کان علحدگي به عام طور تي سادي ڳالهه ناهي هوندي۔
تاريخي طور تي آمريڪا ۽ سوئٽزرلينڊ کانپوءِ ڪنفيڊريشن بابت ڪجهه ٻيا مثال به ملن ٿا۔ جيڪڏهن سوال کي موجوده دور کان ٿورو پوئتي وٺون ته، دنيا ۾ ڪيترائي ڪنفيڊريشن ۽ ان جهڙا اتحاد يا تجربا ٿيا آهن، جنهن ۾ ”جرمن ڪنفيڊريشن“ ۽ ”ارجنٽينيا ڪنفيڊريشن“ جا تاريخي مثال به موجود آهن پر، انهن جي وڌيڪ تفصيلن، عرصن يا سندن ناڪامين ۽ ڪاميابين جي وڌيڪ ڄاڻ نه ٿي ملي۔ بهرحال اها ڳالهه طئہ آهي ته هن وقت دنيا ۾ ڪٿي به ڪنفيڊريشن موجود ناهي ۽ پڻ پراڻي ڪنفيڊريشن جهڙي مڪمل ۽ واضح قانوني ڪنفيڊريشن ته تمام ناياب ٿي چڪي آهي. البته ان نظام سان ملندڙ جلندڙ نظامن جا ڪجهه اشارا ضرور آهن، جن ۾ ڪنفيڊريشن جا ڪجهه آثار ضرور ملن ٿا. انهيءَ حوالي سان يورپي يونين کي ڪيترائي سياسي ڏاها، ڪنفيڊريشن ۽ فيڊريشن جي وچ واري جديد شڪل سمجهن ٿا.
يورپي يونين نه ته وفاقي رياست آهي، نه ئي وري پاڻ تي ڪنفيڊريشن جي ڪا ڇاپ ڏيڻ چاهي ٿي، جڏهن ته ان تنظيم جا هڙئي ميمبر ملڪ پنهنجي خودمختياري به برقرار رکن ٿا ۽ ڪي اختيار گڏيل ادارن کي به ڏين ٿا جنهن تحت هر ملڪ جي پنهنجي الڳ حڪومت ۽ آئين به آهن پر، ان جا ڪجهه فيصلا گڏيل يورپي يونين جي پليٽ فارم ذريعي به ٿين ٿا. جڏهن ته ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل قانون به لاڳو ٿين ٿا. جن ۾ معاشي منڊيءَ سميت گڏيل ڪرنسي ”يورو“ به هلندڙ آهي، پوءِ به يورپي يونين کي خالص ڪنفيڊريشن چوڻ درست نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته انجا ادارا ڪجهه مامرن منجهه ميمبر ملڪن تي سڌو اثر رکندڙ قانون به ٺاهين ٿا. تنهنڪري کيس فيڊريشن ۽ ڪنفيڊريشن جي وچ وارو منفرد نظام چوڻ ئي وڌيڪ درست رهندو.
يورپي يونين سان ملندڙ جلندڙ اهڙو ئي هڪ نظام آفريقا جي ٽن رياستن برڪينا فاسو، مالي ۽ نائجر وچ ۾ به قائم ٿيل آهي. انهن ٽنهي رياستن به ڪجهه سال اڳ گڏيل اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ طرف قدم کنيا. ان کي به ڪجهه ذريعا ڪنفيڊريشن طور بيان ڪن ٿا پر هتي به، پوريءَ طرح ڪنفيڊريشن رياست ناهي. انکي هڪ نئون سياسي، دفاعي ۽ معاشي اتحاد چئي سگهجي ٿو. ساڳي ئي نموني آفريقي ملڪن جي ٺهيل يونين ۾ به ڪنفيڊريشن جهڙا ڪجهه خيال ضرور آهن، پر ان کي به مڪمل ڪنفيڊريشن نه ٿو چئي سگهجي۔ آفريقي يونين ۾ اٽڪل چار ڊزن يعني 50 جي لڳ ڀڳ ميمبر ملڪ هوندا، جن جي تعداد ۽ نالن جي تصديق نٿي ڪري سگهجي البته هلڪي ڦلڪي ڄاڻ مطابق، ان معاهدي جو بنيادي مقصد، آفريقي ملڪن جي اتحاد، تعاون، گڏيل ترقيءَ کي وڌائڻ جو ضرور آهي۔ ان يونين کي به پوريء طرح سان ڪنفيڊريشن نه ٿو چئي سگهجي۔ بيشڪ ان جون سڀئي رياستون آزاد ۽ خودمختيار آهن پر بنيادي طور تي اها هڪ براعظمي تنظيم آهي، جيڪا گڏيل پاليسين ۽ هڪ ٻئي جي مدد لاءِ ٺاهي وئي آهي. باقي آفريقي اتحاد ۾ وڌيڪ مضبوط سياسي اتحاد جهڙا خيال موجود رهيا آهن، جيڪي اڳتي هلي نظرياتي طور ڪنفيڊريشن ڏانهن به لڙي سگهن ٿا ۽ فيڊريشن ڏانهن به وڃي سگهن ٿا، ڇو ته ان اتحاد ۾ ڪجهه نقطا فيڊريشن جا ۽ ڪجهه شقون ڪنفيڊريشن جون شامل آهن۔
جيڪڏهن انهيء سوال کي موجوده دور کان ٿورو پوئتي وٺون ته، هن وقت تائين دنيا ۾ ڪيترائي ڪنفيڊريشن يا ڪنفيڊريشن جهڙا تجربا ٿيا ضرور آهن، پر اهي هڪٻئي کان مختلف هجڻ سان گڏ پراڻي ڪنفيڊريشن جيان بلڪل به ناهن۔ تاريخي فهرستن ۾ اهڙا مختلف مثال ظاهر ٿين ٿا ته، دنيا جون ڪي سياسي ڌريون سمجهنديون هجن ته، ڪنفيڊريشن نظام موجوده وقت کان اڳ پيدا ٿيو آهي، جن جي ڪجهه شقن کي يورپي ۽ آفريقي يونين ۾ شامل ڪري نتيجا جاچجن. بهرحال ويجهڙ جي تاريخ ۽ هاڻي تائين جي تحقيق مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته، اڄ به دنيا ۾ ڪا اهڙي تسليم ٿيل ڪنفيڊريشن موجود ناهي، پر ان مان هروڀرو اهي انومان به نه ڪڍجن ته، ڪنفيڊريشن واري نظرئي کي دنيا رد ڪري چڪي آهي، بلڪي جڏهن يورپي ۽ آفريقي يونين ۾ ان جي ڪجهه شقن جي نتيجن کي جاچجي ٿو، ان مان اهو يقين پختو ٿئي ٿو ته ايندڙ دئور ۾ ان نظرئي جي انسان ذات کي ضرورت پئجي سگهي ٿي۔
ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ دور ۾ اهو نظام انٽرنيشنل ازم واري تصور سان، موٽ کائي يا عالمي امن کي قائم ڪرڻ ۾ انهيء نظرئي جون ڪجهه وڌيڪ شقون ڪم اچن، بهرحال فيڊريشن جي ڀيٽ ۾ ڪنفيڊريشن دنيا لاءِ اڳتي هلي اهم ٿي سگهي ٿي۔ ڇوته هڪ ته فيڊريشن ۾ ڪنفيڊريشن جهڙي لچڪ، آساني ۽ سولائپ ڪونهي ۽ ٻيو ته اصل ۾ فيڊريشن نظام کي پاور گهربل هوندو آهي، جڏهن کيس طاقت حاصل ٿيندي آهي ته هو ان جو غلط استعمال به ڪندو آهي، جنهن سان جهيڙن ۽ تڪرارن جا دروازا کلندا آهن، پر ڪنفيڊريشن نظام ڪنهن کي به طاقت ناهي ڏيندو، بلڪي طاقت جي برابر ورهاست ڪندو آهي۔ انهيءَ موقعي تي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته، ڇا مستقبل ۾ دنيا جون خودمختيار رياستون ختم ڪرڻ کانسواءِ، انسانيت جي ڀلائيءَ ۾ عالمي ڪنفيڊريشن ٺاهي سگهجي ٿي؟
هي سوال انٽرنيشنل ڪنفيڊريشن واري فڪر کي تاريخي مثالن سان ڳنڍڻ لاءِ تمام مضبوط بنياد ڏئي سگهي ٿو ۽ پڻ اهو مثال عالمي امن ۽ انٽرنيشنل ازم واري تصور ۾ ”ڪنفيڊريشن“ خاص دلچسپيءَ وارو خيال به ٿي سگهي ٿو. مثال طور، دنيا جا آزاد ملڪ پنهنجي قومي خودمختياريءَ کي برقرار رکندي عالمي امن، بهتر ماحول جوڙڻ، انساني حقن، جنگين جي روڪ ۽ عالمي معاشي سهڪار لاءِ مضبوط عالمي اتحاد قائم ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو. اهڙي تصور کي مرحليوار هن ترتيب سان به سمجهي سگهجي ٿو۔ آزاد ملڪ+عالمي ڪنفيڊريشن+وڌيڪ گڏيل عالمي يا علائقائي ادارا پر آخري مرحلو لازمي نتيجو ناهي, اهو ان ڳالهه تي منحصر هوندو ته، ملڪ، صوبا ۽ قومون ڪيتري حد تائين پنهنجا اختيار گڏيل عالمي ادارن کي ڏيڻ لاءِ تيار ٿين ٿا.
هاڻي اچون ٿا انٽرنيشنلزم جي فڪري تصور ۾، جنهن ۾ هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو، ڇا دنيا جا آزاد ملڪ گڏجي، هڪ اهڙو عالمي سياسي نظام ٺاهي سگهن ٿا، جنهن ۾ هر قوم ۽ ملڪ پنهنجي قومي سڃاڻپ برقرار رکي، پر امن، انساني حقن ۽ عالمي مسئلن بابت ڪجهه اختيار گڏيل عالمي ادارن کي ڏين؟ اصل ۾ هي تصور ڪنفيڊريشن کان شروع ٿي سگهي ٿو، ڇو ته فيڊريشن جي ڀيٽ ۾ ڪنفيڊريشن ترقي يافته نظريو آهي، منهنجو ناقص علم ٻڌائي ٿو ته جڏهن روس دنيا جي نقشي تي پهرين ڪميونسٽ ملڪ طور اڀريو ته ان تحت جيڪا فيڊريشن ٺهي، ان ۾ گهڻي ڀاڱي ڪنفيڊريشن واريون شقون موجود هيون، جو افغانستان جي هار کانپوءِ دنيا ۾ پهريون ڀيرو رياستون پرامن طريقي سان هڪٻئي کان الڳ ٿيون هيون۔ ان جي ڀيٽ ۾ انگلينڊ کان ڌار ٿيڻ لاء آئر لينڊ جي ماڻهن کي احتجاج ڪرڻا پيا هئا۔
پاڻ هڪ ڀيرو وري عالمي اتحاد جي موضوع ڏانهن موٽ کائون ٿا، جنهن جو مقصد قومن ۽ ثقافتن کي ختم ڪرڻ نه، جنگين ۽ دشمنين کي گهٽائي، انسان جي گڏيل مفادن لاءِ تعاون پيدا ڪرڻ هجي ٿو. اهو ئي نقطو انٽرنيشنلزم کي روايتي نسل پرستي ۽ عالمي مرڪزيت ٻنهي کان الڳ ڪري ٿو. منهنجي خيال ۾ ايندڙ اهم بحث هي به ٿي سگهي ٿو، عالمي پارليامينٽ يعني اقوام متحده جهڙي نه پر ان کان ٿوري سخت پارليامينٽ، عالمي عدالت، امن فوج، انٽرپول ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون جيڪي ادارا عالمي سطح تي اڳ ئي موجود آهن اهي ملڪن جي خودمختياري سان ڪهڙي نموني گڏ هلي سگهي ٿيون؟ انهيء سلسلي ۾ ڪنفيڊريشن کي ٿورو وڌيڪ گهري نظر سان ڏسون، ڇوته هي تصور رڳو سياسي اصطلاح ناهي، انجو تعلق خودمختياري، امن، اتحاد، معاشي سهڪار سميت بين الاقوامي سياست سان به آهي.
فرض ڪريو ڪجهه آزاد ملڪ هڪ معاهدو ڪن ته اسان گڏجي جنگ کي روڪڻ، واپار وڌائڻ ۽ گڏيل دفاع لاءِ هڪ ادارو ٺاهيون ٿا. اهي ملڪ پنهنجي آزادي برقرار رکندي عالمي ۽ علائقائي ڪنفيڊريشن ٺاهي سگهن ٿا. هيءَ ڪنفيڊريشن جي سڀ کان اهم خاصيت آهي. گڏيل ادارو صرف انهن معاملن ۾ ڪم ڪندو، جنهن لاءِ ميمبر ملڪن کيس اختيار ڏنو هجي مثال طور تي بچاءَ، واپار، سرحدي سهڪار، گڏيل ماحول، امن ۽ معاشي پاليسيون گڏيل هجن۔ باقي مامرن تي سڀئي ملڪ پنهنجي مرضيءَ سان فيصلا ڪري سگهن.
جيئن ڪنفيڊريشن ۾ گڏيل اداري جي طاقت عام طور تي ميمبر ملڪن جي رضامنديءَ تي دارومدار رکندي آهي. انهيء ڪري عالمي ڪنفيڊريشن ۾ هڪ بنيادي سوال نڪري ٿو اهو هيءُ ته، گڏيل فيصلي لاءِ سڀني ملڪن جي رضامندي ضرور هجي يا اڪثريت ڪافي آهي؟ ته ان ۾ ٿوري جمهوريت جي آميزش ڪري اڪثريتي فيصلي کي اهميت ڏبي ته ڪيئي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا۔ ڇو ته جيڪڏهن هر فيصلي لاءِ سڀني جي رضامندي لازمي هوندي ته نظام تمام سست ٿي سگهي ٿو. اصل ۾ اهو ئي ڪارڻ هو جنهن ڪري آمريڪا ۽ سوئٽزر لينڊ ۾ ڪنفيڊريشن نظام وڌيڪ عرصو هلي نه سگهيو، جڏهن ان مان ڪجهه بهتر نقطا ڪڍي يورپي ۽ آفريقي اتحاد قائم ڪيا ويا ته، انهن جا نتيجا سٺا پيا نڪرن ۽ اهي اتحاد به ڪامياب آهن۔ انهن اتحادن ۾ خودمختياري به برقرار رهي ٿي، ملڪ اتحاد ۾ شامل ٿيڻ باوجود پنهنجي قومي سڃاڻپ وڃائڻ کان بچيل آهن ۽ انهن وچ ۾ جنگيون به نه ٿيون لڳن۔
هاڻوڪي دنيا ۾ تقريبن هر قوم، ملڪ پنهنجي قومي خودمختياريءَ کي بنيادي اهميت ڏئي ٿو. ساڳئي وقت موسمي تبديلي، امن، غربت، عالمي معاشي بحرانن، انساني حقن ۽ اهڙن ٻين مسئلن جا حل به ڪڍڻ چاهي ته، اهو عمل هڪ اڪيلو ملڪ، صوبو يا قوم نه ٿي ڪري سگهي. ان لاء هڪ نئون نظرياتي ماڊل هي به ٿي سگهي ٿو، قومي رياستن، علائقائي اتحادن ۽ عالمي ڪنفيڊريشن ۾ گڏيل عالمي ادارا عالمي امن وارو مضبوط نظام قائم ڪن پر، هڪ اهم ڳالهه عالمي ڪنفيڊريشن جو مطلب دنيا جي سڀني ملڪن کي هڪ قوم يا ثقافت ۾ تبديل ڪرڻ نه هوندو. بلڪه تصور اهو ٿي سگهي ٿو ته، قومون، صوبا ۽ ملڪ پنهنجي سڃاڻپ سان آزاد رهن ۽ ان سان گڏ ئي امن، انساني حقن ۽ انسانيت جي گڏيل مسئلن جي حل لاءِ هڪ گڏيل عالمي نظام قائم ٿئي.
___________

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سرگرم ميمر آھي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.



