Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سانوريءَ جي سنگ ڪٽڻ ۾ سڄي سنسار جي سونھن سمايل آھي

منصور ميراڻيءَ سڄي سنسار جي سونھن جي سون کي پگهاري اُن سنگ ڪُٽيندڙ سانوريءَ جي سراپي ۾ اوتي ڇڏي آھي۔ پورھيت ۽ ھارياڻي جيڪا اسان جي پنھنجي ڌرتيء جي سانوري عورت آھي ان کي ٻچڙڻ جي پيٽ گذر لاءِ پورھيو ڪندي ڏيکاريو ويو آھي۔ 

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ڊاڪٽر خادم منگي

“بلھے شاھ اساں مرڻا ناھيں، گور پيا کوئی ہور.” ھن شاعريءَ ۾ ڄڻ تہ مادي جي بقا جو قائدو بيان ٿيل آھي۔ فزڪس ۾ مون پڙھيو آھي تہ مادو فنا نہ ٿيندو آھي، ورَ ورَ ڏئي ڪري ٻيھر موٽي ايندو آھي. والدين پنھنجي اولاد ۾ ورھائجي سِرھائجي ويندا آھن. ڪنھن کي ھوبھو پيءُ جهڙيون اکيون ملنديون آھن، تہ ڪنھن کي نڪ. ڪنھن کي ڳالھائڻ جو انداز ملندو آھي، تہ ڪنھن کي وارن جو اسٽائيل. ڪنھن کي شبيھ ۽ روحاني ملندي آھي، تہ وري ڪنھن کي سڀاءُ ۽ مھارت۔ ايئن ئي ڪجهہ ماءُ منجهان تہ ڪجهہ پيءُ منجهان ملندو ئي رھندو آھي۔ سو ماڻھوءَ جو ھي صدين جو سفر اڃان سوڌو روان دوان آھي. اسانجو سينيئر ساٿي ڪامريڊ منصور ميراڻي بہ ايئن ئي ٿورو ٿورو پنھنجي سمورن ڌيئرن ۽ پٽن ۾ ورھايل آھي۔ سڀني کي جڏھن ڪنھن ھڪ ھنڌ گڏ ٿيندي ڏسندا آھيون تہ ڪامريڊ منصور ميراڻي جي شبيھ مڪمل ٿيندي نظر ايندي آھي۔

ڪامريڊ منصور ميراڻي زندگيءَ جي ٻين معاملن وانگر شاعريءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو selective ھيو۔ لطيف سائينءَ جي رسالي ۾ آيل شاعريءَ بابت بہ ڏاڍو محتاط ھوندو ھيو۔ چوندو ھيو لطيف سائين پنھنجي diction جي لحاظ کان سڀني شاعرن کان منفرد آھي۔ ان ڪري سندس رسالي مان ڌاريو ڪلام آسانيءَ سان ڪڍي سگهجي ٿو۔

ڪامريڊ ٻڌائيندو ھيو تہ لطيف سائينءَ جو ڊڪشن ھي آھي، ھھڙا بيت روءِ زمين تي ٻيو ڪو شاعر لکي ئي نہ سگهندو۔ جيئن

اکيون علي الصباح، دوسُ ديکڻ آئيون.

اڀينديون ارداس ۾، ٻئي نہ ڪنديون ڪاه.

رچينديون ريءَ پاھہ، پرچينديون پرينءَ سين.

اسان وري کيس لطيف سائينءَ جو ھي بيت ٻڌائيندا ھئا سين.

جَر ٿَر تِک تنوار، وڻَ ٽڻ وائي ھيڪڙي،

سڀوئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزاوار.

ھمه منصور ھزار، ڪھڙا چاڙھيو چاڙھئين؟

منصور ميراڻي

اسين کيس اھو بيت ٻڌائي چوندا ھئاسين تہ ڪامريڊ اوھان واحد منصور آھيو جيڪي اڃا تائين چڙھيا ناھيو. ھا باقي پڙھيا ۽ ڪڙھيا ضرور آھيو. ان وقت ٽھڪن جا ٽانگر ٽڙي پوندا ھئا۔ ڀوڳ چرچي کي واھ جو مزو وٺندو ھيو۔ کِلي چوندو ھيو تہ منصور حلاج ھڪ دفعو چڙھي امر ٿي ويو، اسين روز پيا چڙھون پر ڪنھن کي نظر ئي ڪونہ ٿا اچون. اسانجو نعرو کڻي انالحق ناھي پر ”دنيا جا مزدورو ھڪ ٿي وڃو“ اسانجي رڳ رڳ ۾ سمايل آھي. ايئن ئي ڳالھين جي ھن ڳھير جا مزيدار جملا پنھنجي ھڳاءَ سان پنھنجي موجود ھجڻ جو احساس ڏياريندا ھئا. ڪچھريءَ جو مورُ ھيو۔ وٽس موضوعن جي کوٽ ئي ڪانہ ھئي۔ مارڪسزم، شاعري، صحافت، راڳ ۽ تصوف سندس پسنديده موضوع ھئا۔ ڪڏھن بہ ڪنھن ماڻھوءَ جي گلا سندس واتان مون نہ ٻڌي۔ مختلف موضوعن تي ڏاھپ جا مَٽ ڀريل ھيس، جتان اسان جھڙن پياڪن کي وٽين ۾ اوتي وَٽ ڪرائيندو ھيو۔ ان ڪري اسين بہ سندس دڪان تي ڳاھٽ ڪيو بيٺا ھوندا ھئاسين۔

وَٽَ وَٽَ وٽيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻيو۔

قدر ڪيف ڪلال جو، پياڪن پيو،

اچن دُرسُ دڪان تي، ڪنڌَ قبول ڪيو

سرھا سِرَ ڏيو، چکن سرڪ “سيد” چوي.

منصور اول ۽ منصور ثاني جي نالن تي اڳ ۾ ئي قبضو ٿيل آھي۔ ستين فارم تي بہ لکجي ويا آھن۔ ھي اسان جو ساٿي منصور ثالث آھي۔  اناالحق وارو منصور حلاج، منصور اول آھي ۽ اسين سنڌي، سچل سرمست کي منصور ثاني چوندا آھيون۔ جنھن چيو آھي “مذھبن ملڪ ۾ ماڻھو منجهايا” اڄ ڪلھہ ملڪ ۾ اھڙيون ڳالھيون ڪرڻ معنا سر تان آسرو پلڻ۔

غلام قادر منصور ميراڻيءَ يعني منصور ثالث سان ھڪڙي ڪچھري ڪري سوين ڪتابن جيترو علم حاصل ڪري ايندا ھئا سين۔ پاڻ جهنگُ جهر جهاڳيو ھئائين، گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو ھئائين ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻھوءَ سان مليل ھيو۔ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کان وٺي ڄام ساقيءَ تائين، ڪامريڊ مولوي نذير جتوئي جلاليءَ کان وٺي ڪامريڊ مير محمد ٽالپر تائين مُني صديءَ جي واقعن، لقائن ۽ ماڻھن جو اکين ڏٺو شاھد ھيو۔ اسين جيڪي واقعا سمجهڻ لاء ڪتاب پڙھندا ھئا سين، ڪامريڊ کي اھي سمورا برزبان ياد ھوندا ھئا۔ ھو انھيءَ ساڳئي لڙھيءَ ۾ پويل ھڪ سچو موتي ھيو جيڪا ننڍي کنڊ جي آجپي ۽ انصاف لاءِ جڙي ھئي.

سال 1935 ۾ ھڪ چڻنگ لنڊن ۾ اوچتو ڀڙڪو کاڌو، اھا ڀنڀٽ بڻي، سجاد ظھير، ملڪ راج آنند، ڊاڪٽر جيوتي گهوش ۽ ٻين ان جي مينيفيسٽو تي صحيون ڪيون.

سجاد ظھير اھا روشنائي ننڍي کنڊ ۾ کڻي آيو. منشي پريم چند جي صدارت ۾ ٿيل لکنئو ڪانفرنس ۾ سنڌ مان وڃي شريڪ ٿيندڙ سٻاجهڙو ساٿي قادر بخش نظاماڻي، اھا روشنائي کڻي آيو ھيو. ٻيو دفعو لاھور مان نورالدين سرڪي کڻي آيو ھيو۔ محمد امين کوسو بہ ان ئي سٿ جو ساٿي ھيو۔

ٻئي طرف رابندر ناٿ ٽئگور جي شانتي نڪيتن مان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي روشنائي جي ٻئي چڻنگ کڻي آيو. ايم اين راءِ جي اسڪول آف ٿاٽ مان ابراھيم جوئي روشنائي کنئي. انھن ئي ڏينھن ۾ سنڌ منجهان پنھنجي بہ ھڪ لاٽ ڀڙڪو کاڌو، باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي روپ ۾. پوءِ ترقي پسندي، روشن خيالي جي ستارن جو ھڪ جهرمٽ جڙيو. جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالھي، ڪشنچند بيوس، کيئل داس فاني، ڪامريڊ برڪت آزاد، عبدالڪريم گدائي، احسان بدوي، ثميره زرين، ڄام ساقي، حسن ناصر، نذير عباسي، ڪيرت ٻاٻاڻي، فاضل راھو، رسول بخش پليجو،حفيظ شيخ،  شيخ اياز، رشيد ڀٽي، نارائڻ شيام، استاد بخاري، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، موھن ڪلپنا، ھري دلگير، جمال ابڙو، طارق اشرف، مولانا غلام محمد گرامي، علي بابا، منير ماڻڪ، فھميده رياض، مسڪين جھان خان کوسو، اديب رضوي، نجم عباسي، رڪن الدين قاسمي، فتح اللہ عثماني، انور پيرزادو، تاج بلوچ ۽ ٻيا الائي ڪيترا پيشرو ۽ سچيت سرواڻ ۽ باڪمال اڳواڻ مليا.

ڪامريڊ منصور ميراڻي بہ انھيءَ جهرمٽ جو ھڪ روشن تارو ھيو. جنھنجي مثالي زندگي اسان جي رھنمائيءَ لاءِ ڪافي آھي. پاڻ جبل جيڏي زندگي، ڇڙن ھٿن تي، شان ۽ مان سان گذاري، ھميشہ نڪ کي وات کان مٿي رکي اسانکي سمجهائي ويو تہ.

ڳڀو پاڻيءَ ڍُڪ ۾، ٻوڙي جي کائين.

پنھنجي اوچي ڳاٽ کي، مُور نہ جهڪائين.

تہ تنھنجي سائين! ڏات ڏھوڻي ٿي وڃي.

پنھنجي گهر واريءَ کي ڪنن ۾ واليون نہ وجهي سگهيو تہ بہ مڙيوئي خير آھي۔

سکندر خوش نہیں ہے لوٹ کر دولت زمانے کی۔

قلندر دونوں ہاتھوں سے لٹا کر رقص کرتا ہے۔

ڪامريڊ سمجهي ويو تہ اصل دولت علم آھي۔ ان ڪري پنھنجي اولاد کي پڙھايائين، سمجهي پيو تہ اصل نجو پجو، چوويھہ ڪيراٽ ڏنگي سون/ ڪندن اولاد جي تعليم ۽ تربيت ئي آھي. ذاتي ملڪيت بہ اولاد ئي اٿس، جن کي خودداريءَ جا سبق پڙھايا اٿائين، ميرٽ جو قائل ھيو. پنھنجي اولاد جي نوڪريءَ لاءِ بہ ڪنھن در جي سلامي ۽ غلامي نہ ڪيائين. اڄ سندس اولاد منجهان ھرڪو پنھنجي حال سارو مختلف شعبن ۾ پنھنجون خدمتون اوچي ڳاٽ سان سرانجام ڏئي رھيو آھي.

سڄي ڄمار سنڌ ھاري ڪاميٽي جي پھرين صف جو سپاھي رھيو. باقر شاھ ۽ علي مطاھر جعفري جھڙن ڪميونسٽ ساٿين جي ڇپر ڇانو نصيب ٿيس. ۽ موٽ ۾ وري کاٻي ڌر جي ساٿين لاءِ پدرانا شخصيت رھيو، اصل بڙ جي گهاٽي ڇانو. خيرپور ۾ مير منور ٽالپر، اسد عابدي، شوڪت خاصخيلي ۽ صادق گهمري سان ڪجهہ سرس ئي طبيعت ملندي ھيس۔ سکر ۾ اسان سڀني سان برابر پيار ڪندو ھيو پر نالو فيض سومري جو ياد ھوندو ھيس ۽ مونکي ڊاڪٽر منگي ڳڙھي ياسين وارو ڪري سڏيندو ھيو۔ ۽ ڊاڪٽر غلام رسول کي ڊاڪٽر گهمرو۔ جنھنکي ھڪ دفعو فون تي دٻ بہ ڏني ھئائين تہ اڙي گهمرا تون ۽ صادق گهمرو، ھي وري ڪھڙي گهمرن جي ايم ڪيو ايم ٿا ٺاھيو؟ آل سنڌ گهمرا ايسوسيئيشن جو بنياد ڇو رکيو اٿو؟ ختم ڪيو۔ منھنجو خيال آھي ھھڙي نسل پرست جماعت کان بعد ۾ ڊاڪٽر غلام رسول گهمرو ۽ صادق گهمرو لاتعلق ٿي ويا ھوندا۔ ڪامريڊ جي دٻ ۾ وڏي طاقت ھوندي ھئي۔ صادق ۽ غلام رسول معافي وٺي جان ڇڏائي ھوندي۔ ھا باقي ماضي جي ساٿين منجهان رڪن الدين قاسمي، فتح الله عثماني، شمس الدين شاھ، حسن حميدي، رشيد ڀٽي ۽ اعزاز نظير جون ڳالھيون ٻڌائيندو ھيو۔ مائي بيگم فقيرياڻي جي راڳ کي پسند ڪندو ھيو ۽ ٻڌائيندو ھيو تہ درگاھن تي ڳائيندڙ ھي پھرين عورت گائڪا ھئي۔ لطيف سائين جي ميلي تي ويندي ھئي تہ ميلو گل ڪري ايندي ھئي۔

عابده پروين جي راڳ لاءِ وٽس ڪا چڱي راءِ نہ ھوندي ھئي۔ الڻ الستي چوندو ھيو تہ “ھر ڪنھن جو پنھنجو پنھنجو خيال آ”

صحافت ۾ کيس جيڪو مقام ميسر ٿيو سو ٿورڙن ئي ماڻھن کي وڏي رياضت کانپوءِ مس وڃي نصيب ٿيندو آھي. ريڊيو پاڪستان خيرپور سان شوڪت خاصخيليءَ جي ڪري واڳيل رھيو نہ تہ گهڻو تڻو سندس صحافتي ڪئريئر ڊان اخبار ۾ ئي گذريو۔ صحافت لفظ صحيفي مان ورتل آھي ۽ ڪامريڊ ھن لفظ جو ڀرم رکي ڏيکاريو۔ اڄ جڏھن سندس شخصيت جو پوتاميل ڪيون ٿا تہ سندس دامن تي ڪوبہ داغ ناھي۔

“تر دامني پہ شیخ ہماری نہ جائیو،

دامن نچوڑ دیں تو فرشتے وضو کریں“

ڪنھن بہ آمر کان ڪو بہ ايوارڊ نہ ورتائين۔ الائي ڪيترن ماڻھن کي اھي طوق ڳچيءَ ۾ پائيندي ڏٺو اٿم۔

سفر زندگيءَ جو ڪٺن ھو گدائي.

بحر طور گذريو، گذاري ڇڏيو سين.

سنڌ ۾ ٿورا ماڻھو رھيا آھن جيڪي جالبي طرز سان سياسي جلسن ۾ ترنم سان انقلابي شاعري ڳائي وڄائي ٻڌائيندا ھئا، منصور ميراڻي انھن مان ھڪ ھيو. اھڙي شاعري پڙھڻ جي پاداش ۾ ڪامريڊ منصور جي، ايوبي آمريت جي ايامڪاريءَ ۾ ڊي پي آر تحت نظربندي بہ ڪاٽيل اٿس ۽ مئجسٽريٽن جي درن جا ڌڪا بہ کاڌا اٿائين۔

جنڊ جڙي، مال ڇڙي، رات کُٽي ٿي،

اجها باک ڦُٽي ٿي. او ساٿي! باک ڦُٽي ٿي.

ھارِي ھليا ھر کڻي، کيٽ کيڙيندا، ھو ائٽ جوڙيندا.

سوجهري ۾ سانوري ڪا سنگ ڪُٽي ٿي،

اجها باک ڦُٽي ٿي، او ساٿي! باک ڦٽي ٿي.

چنگَ چوريو. پيرَ سوريو سينڍ سڀن کي. ڏيو نينڍ سڀن کي.

ھرڪو ڏسي ھٿ ڪڙي، ڪيئن ٽٽي ٿي

اجها باک ڦٽي ٿي، او ساٿي! باک ڦٽي ٿي.

سانت وئي سارا پکي لات لنون ٿا، ڪا بات چوَن ٿا.

گهور انڌاري مان اجها جان ڇٽي ٿي.

اجها باک ڦٽي ٿي، او ساٿي! باک ڦٽي ٿي.

ھونءَ تہ سندس شاعريءَ جو ڪتاب بہ آيل آھي پر ھي اڪيلو گيت ئي کيس شاعرن جي پھرين صف ۾ بيھارڻ لاءِ ڪافي آھي. اشارن، ڪناين، استعارن ۽ تمثيلن جي صنعتن سان مالا مال، ڳوٺاڻي منظرن ۽ پسمنظرن سان ڀرپور ماکيءَ جي لار جھڙي مٺڙي ٻوليءَ ۾ سرجيل ھي گيت ايترو تہ مقبول ٿيو جو پنھنجي دؤر جي وڏي ميوزيڪل بينڊ وائسز گروپ ھي گيت ڳاتو۔ جتي فيض ۽ اياز جي شاعري ڳائجي پئي اتي منصور ميراڻيءَ جو ھي گيت ميرٽ تي پنھنجي جاءِ والاريون بيٺو آھي۔ ھي گيت ھاڻي تراني جو روپ ڌاري چڪو آھي۔

بيدل مسرور، حنيف لاشاري ۽ شاھد ڀٽو ھن بينڊ جا اھم ساٿي ھئا، ٻہ چار ڇوڪريون بہ ھيون جن جا نالا بيدل مسرور ئي ٻڌائي سگهي ٿو۔ مون ھن بينڊ کي پھريون دفعو ٩٠ جي ڏھاڪي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ نذير عباسيءَ جي ورسيءَ ۾ ٻڌو۔ 

مٿئين گيت ۾ “سنگ سَٽي ٿي” بہ لکي سگهجي پيو ان سان تجنيس حرفيءَ واري سونھن بہ گيت ۾ شامل ٿئي وڃي ھا، پر منصور ميراڻي سنگ ڪُٽي ٿي جھڙو تز قافيو ڏئي تجنيس حرفيءَ کي، تز قافئي تان قربان ڪري ڇڏيو آھي۔ اسين وري اھڙي شاعر تان قربان ويندا آھيون جيڪو تز قافيو رکندو آھي۔

ھڪ ٻي ڳالھ تہ سنڌ ۽ ھند سانورن جو ديس آھي۔ ھتان جا سنڌي اردو ۽ ھندي ٻولين جا شاعر اجايو پنھنجي شاعريءَ ۾ گوري لفظ استعمال ڪندا آھن۔ اھو اسان تي آرين ۽ انگريزن جي ڊگهي غلاميءَ جو اثر بہ تہ ٿي سگهي ٿو۔ ھتان جا ماڻھو پنھنجي اولاد تي اجايو پٺاڻ يا پٺاڻي نالو رکندا آھن۔ پٺاڻ رنگ جو ڀورو ٿيندو آھي ۽ اسين سانورا۔ نالو ٺھندو ئي ڪونھي۔ سرائيڪي شاعري ان معاملي ۾ حقيقت پسنديءَ تي آڌاريل آھي۔ سندن شاعريءَ ۾ “سانول” ور ور ڏئي لکيل آھي۔

“ڪڏڻ ولسو سھڻا سانولا، وطن ساڏي غريباں تے۔”

يا وري

“سانول موڙ مھاران”

ھاڻي سنڌي شاعريءَ ۾ بہ سانول استعمال ڪيو وڃي ٿو۔

“يار آ مدھوش منھنجو منھنجو سانورو۔

ان ڪري ڪل سانورن سان سر لڳي۔”

ھن شعر کي ڪو نقاد نہ مليو ھو نہ تہ درست ڪري ھيئن لکجي ھا۔

”يارڙي مدھوش جي آ سانوري،

ان ڪري ڪل سانورن سان سر لڳي“

بحرحال سنڌي شاعريءَ مان لالڻ، ڀورل سان گڏ سانورو بہ نڪرڻ کپي۔ ان جي جاءِ تي محبوبہ، پياري ۽ سانئڻ اچڻ کپي۔ ھي ايراني شاعريءَ جو شغل آھي جتي شراب پيئاريندڙ/ساقي ڇوڪرو آھي۔ اسين سنڌي تہ موکيءَ جي ديس جا آھيون اسان سڀني وٽ پنھنجي  ڪلالڻ آھي۔

منصور ميراڻيءَ سڄي سنسار جي سونھن جي سون کي پگهاري اُن سنگ ڪُٽيندڙ سانوريءَ جي سراپي ۾ اوتي ڇڏي آھي۔ پورھيت ۽ ھارياڻي جيڪا اسان جي پنھنجي ڌرتيء جي سانوري عورت آھي ان کي ٻچڙڻ جي پيٽ گذر لاءِ پورھيو ڪندي ڏيکاريو ويو آھي۔ ھن لفظن ۾ ساھ وجهي منظر کي چرندڙ پرندڙ فلم ۾ تبديل ڪيو آھي۔ ھيءُ فنڪاريءَ جو اوج آھي۔ ھي سوچ سجاد ظھير جي روشنائيءَ جو ڦھلاءُ آھي. جنھن لکيو آھي تہ زمين تي پوکي راھي ڪندڙ اھا ھارياڻي جيڪا پوک پلاءَ جو ڪم ڪار بہ ڪري ٿي ۽ اتي پنھنجي ٻارڙيءَ کي ٿڃ پيئاري، پالي ۽ تاتي وڏو بہ ڪري ٿي۔ اھڙي عورت ۾ جيڪڏھن توھان شاعرن ۽ اديبن کي سونھن نظر نہ ٿي اچي تہ پوءِ دنيا ۾ ڪٿي بہ سونھن ڪونھي۔ مطلب ادب براءِ زندگيءَ وارن وٽ سونھن جا معيار پنھنجا آھي تہ ادب براءِ ادب وارن وٽ پنھنجا۔ رجعتي سالن کان وٺي ڳاڙھن ڳلڙن تان ترڪن ٿا، ريشمي وارن ۾ الجهن ٿا ۽ اکين جي سمونڊن ۾ غوطا ئي کائن ٿا۔

تاج محل ۾ ڪا بہ سونھن ڪونھي اصل سونھن انھن ھٿن جي تخليق ڪيل آھي۔ انھن پورھيت ھٿن جي مَرُ آھي ھي تاج محل!!! ترقي پسند دنيا کي ھن زاويي کان ڏسندا آھن۔ اھو ئي فرق آھي اسان ترقي پسندن ۽ ٻين پراڻ پسندن، قدامت پرستن، رجعت پرستن ۽ دقيانوسيت جي پيروڪارن ۾، جيڪي اڄ تائين لڪير جا فقير ٿي رڳو ٿا ويٺا ڪنڌ ڌوڻين۔ منصور ميراڻي ترقي پسندن جي قافلي جو حدي خوان ھيو۔

منصور ميراڻي سنڌ جي ھڪ گمنام سپاھيءَ اشوڪ تي دل ڏاريندڙ نظماڻي تاريخ لکي ھئي۔ ھي جنگي داستان آھي، الائي ڪيڏاري جو نظم۔ ھي نظم ھڪ ماءُ جا اوسارا آھن، جنھن جي جگر جو ٽڪرو گم ٿيل آھي، مسنگ پرسن آھي۔ اڄ تائين اشوڪ جو لاش بہ نہ مليو۔ حسن ناصر پھريون مسنگ پرسن ھيو۔ جنھن جو بہ لاش نہ مليو ۽ اشوڪ ٻيو۔

“ڪا ماءُ ديواني روئندي وتي

هر ماڻهوءَ کان هڪ ڳالھ پڇي

ڪنهن منهنجو ڏٺو اشوڪ ڪٿي

جو منهنجي روح جو راڻو آ

هر ذهن آھي زندان اندر

هر قدم قدم تي ٿاڻو آ”

ڪجهہ وڊيوز ۾ مون کيس ھڪ ٻيو نظم پراعتماد نموني سان پڙھندي ڏٺو آھي۔

“جيئن چوندو ھئين تيئن ٿيندو ھو، سي ڏينھن وڏيرا کائي وئين”

يا وري۔

“جڏھن بہ جا ڳيا ھاري۔

ڏاڍن جي ير ذات نہ رھندي۔

رات نہ رھندي ڪاري۔

جڏھن بہ جاڳيا ھاري”

 جڏھن سندن تنظيم سگهاري ھوندي ھئي تڏھن ڪامريڊن وٽ ڇا تہ زبردست طاقت ھوندي ھئي.ڇا تہ بيان جي سگهہ ھوندي ھئي۔

سمورا ڪامريڊ ھڪ ڪٽنب وانگر ھوندا آھن۔ اسان سڀني جي گهرن ۾ ڪو منصور، ڪا بختاور، ڪو لطيف، ڪو حسن ناصر، ڪو اياز، ڪو نذير، ڪو بيدل، ڪو سرمد ضرور ھوندو ان ڪري سڀني جا گهر اسانکي پنھنجا گهر لڳندا آھن۔

ڪامريڊ منصور جي گهر جڏھن بہ وڃڻ ٿيو تہ سڀ کان پھريان راڳ سان ڀليڪار ٿيندي ھئي، ھارمونيم سندن مٿن کان ئي پئي ھوندي ھئي۔ پھريان جوڙي ڪلامن جي ٿيندي ھئي يا وري ڪڏھن موڊ ۾ ھوندو ھيو تہ ھيڪاندو پنجتني پنج ڪلام ٻڌائيندو ھيو تيستائين مڇي ماني بہ تيار ٿي آڏو اچي ويندي ھئي۔ ميراڻيء جي گهر جي پڪل مڇي ڪيتري لذيذ ھوندي ھئي اھو صرف ان کي ئي پتو آھي جنھن اھا کاڌي ھوندي۔ اسان سڀني کي ڪنھن نہ ڪنھن مھاڻي/ميربحر/ملاح/لاڙڪ/گهمري يا ناريجي سان دوستي ضرور رکڻ کپي۔ مڇي بہ کارائيندا آھن ۽ مڙس ماڻھو ٿي مھل بہ ملھائيندا آھن۔ ھي ڳالھ مان پنھنجي تجربي جي بنياد تي ٿو ڪيان۔

 ڪامريڊ جي گهر ۾ سندس سڀ ڀاتي مھمانن جي خدمت ۾ جنبجي ويندا ھئا پاڻ ويٺو ڳائيندو ھيو۔ چوندو ھيو راڳ ڪامريڊن جو وڏو مورچو آھي. ھتان اسين نہ فقط پنھنجين نظرياتي سرحدن جو دفاع ڪري سگهون ٿا پر پنھنجي فڪر کي اڳتي وڌائي بہ سگهون ٿا۔ راڳ ۾ ماڻھن کي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت آھي۔ چوندو ھيو سنڌي قوم کي دھل جي ڏوڪي تي يا ديڳ جي کڙڪي تي ئي گڏ ڪري سگهجي ٿو۔

ڪامريڊ منصور ميراڻي جو پنڌ تمام گهڻو ڪيل ھيو۔ ڄام ساقيء سان جهر جهنگ گهميو، ڪچو پڪو ڏٺو۔ پاڻ ٻڌائيندو ھيو تہ جنھن بہ دوست جو ڪو رشتيدار گذاري ويندو ھيو تہ ڄام اتي ضرور پھچندو ھيو۔ مردن سان دعا گهري تعزيت ڪري، نياڻين سياڻين سان الڳ ملندو ھيو۔ سندن مٿي تي ھٿ رکندو ھيو ۽ امڙين کي پيرين پئي ملندو ھيو۔ ڇا تہ عظيم ڪردار جا مالڪ ھئا ھي سرخا۔ اسان کي صرف اھا خبر ھئي تہ ڄام نوجوانن کي ڪنڌ تي چمي ڏيندو آھي۔

“ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينھن جي۔

جھڙا آيا جڳ ۾، تھڙا ويا موٽي۔

“تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري”

ڪامريڊ منصوي ميراڻيء مونسان پھرئين ملاقات ۾ ٻہ دفعا ڀاڪر پاتو ھئو۔ جيئن تعارف ۽ خوش خير عافيت ڪرڻ مھل سنڌي ماڻھو پڇندو آھي سائين توھان پاڻ ڪير ۽ اصل ڪٿان جا؟ اسين اڪثر سنڌين وٽ بہ ھاڻي ٻہ ائڊريسون ٿي ويون آھن۔ ھڪ عارضي پتو ۽ ٻيو مستقل پتو۔ اصل جن جو گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتل آھي ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻھوءَ سان مليل آھن سي مستقل پتي کي اھميت ڏيندا آھن۔ مونکان جڏھن ڪامريڊ اصل ڪٿان جو پڇيو تہ مون چيو ڳڙھي ياسين جو۔ تہ مون ڏٺو پلنگ تان اصل اٿي آيو۔ اچي مونکي ڀاڪر وڌائين، چيائين بابلا! تون منھنجي يار جي پار جو آھين ۽ پوءِ ٻڌايائين تہ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ واري ھاري تحريڪ جي ھڪ ڪارڪن عمر ٻوھڙي کي ڳوٺ جي وڏيري ڪارنھن جو ڪوڙو الزام ڏئي مارايو ھيو۔ اھا خبر جڏھن منھنجي ان ڳڙھي ياسين جي ڪلھوڙي يار کي پئي تہ پلاند ۾ ان وڏيري کي قتل ڪري ڇڏيائين ۽ پاڻ جيل ھليو ويو۔ ان ڪلھوڙي جو نالو بہ ٻڌايائين جيڪو اڄ مونکي ياد نہ ٿو اچي پر ڪامريڊ جي ڀاڪر جي گرميءَ کي اڄ بہ محسوس ڪري ياد ڪيان ٿو۔ حيدر بخش جتوئيءَ بعد ۾ چون ٿا پنھنجن سمورن ڪارڪنن کي قانون ھٿ ۾ کڻي ڪنھن کي بہ قتل ڪرڻ کان منع ڪيو ھيو۔ پر وڏيرن ۾ ڏھڪاءُ وڏو ھيو۔ ڪامريڊن کان ايئن وئون ويندا ھئا جيئن ڪانءُ ڪمان کان۔ ڪامريڊ نذير جتوئي جي حشمت ۽ ڏھڪاءُ پنھنجي جاءِ تي ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي لفظن جا تير وري الڳ ھئا۔ مير محمد ٽالپر پنھنجن مختصر جملن سان حرامخورن کي مڇيءَ وانگر ڇلي، چير ڏئي، اصل لوڻ مرچ ٻرڪيندو ھيو۔ جن سندس ڪتاب ”ڪارا منھن موچارا منھن“ نہ پڙھيو آھي، انھن اڃا تائين سنڌ جو ڪلاسڪ گاريال ادب نہ پڙھيو آھي۔ چاچو حفيظ قريشي، قاسم پٿر ۽ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر سنڌ جي گاريال برگيڊ جا برگيڊيئر ھئا۔

ڪامريڊ منصور ميراڻيءَ وٽ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جا سڀ ڇاپيل پمفليٽ ۽ ننڍڙا ننڍڙا ڪتابڙا ساھ سان سانڍيل ھيا۔ ننڍڙي الماڙيءَ ۾ شيون سنڀالي رکندو ھيو، قلف ڪنجيءَ ۾ بند ھونديون ھيس۔ ڪڏھن ڪڏھن ڪو پمفليٽ يا ڪتابڙو ٻن چئن منٽن لاءِ، تبرڪ طور ديدار ڪرائي وري واپس ٺپي رکندو ھيو۔ منھنجو خيال آھي ماڻھن الائي ڪيتريون لائبرريون لُٽي ورن ۾ ڪتاب لڪايا ھوندا، پر ڪامريڊ جو، ياعمر ڪنھن ھڪڙو پنو بہ نہ ڦٻايو ھوندو۔ اسان تہ پنھنجي شاھدي ڏيندا سين، باقي ھرڪو پنھنجي قبر پاڻ ڇڏائي۔ جاويد ميراڻيءَ کي عرض ڪبو تہ ڪامريڊ جو اڻ ڇپيل مواد ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جا اڻ ڇپيل ڪتاب بہ شايع ڪرائي۔

بحرحال اسان جو ھي ساٿي ھر پاسي کان سماجوادي ھيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين مارڪسسٽ ۽ ليننسٽ سلسلي جو ڪميونسٽ ھيو۔

پنھنجي ھن پيشرو ۽ سچيت انقلابي سرواڻ ساٿيءَ کي سرخ سلام۔

_____________

Khadim Mangi-TheAsiaN

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button