Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

اوندهه مان اڀرندڙ روشني: ڏوهن جي ڳڙهه مان اُميد جو پيغام

ٿاڻو ناپر ڪوٽ ۽ ٿاڻو فيضو، جن جون حدون گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اغوا، ڦرلٽ ۽ قبيلائي تڪرارن جو مرڪز رهيون آهن، اتان اميد جو هڪ اهڙو سوجھرو اڀريو آهي جنهن سڄي خطي جو تعارف بدلائي ڇڏيو آهي. بدامنيءَ جي باھ، تعليمي بيحسيءَ ۽ محدود وسيلن جي باوجود، خانپور جي ٻھراڙيءَ وارن اسڪولن جي ٻن شاگردن شير علي پنهور ۽ الطاف حسين جعفري قومي سطح جي اسڪالرشپ ٽيسٽن ۾ پنهنجي لياقت ثابت ڪري هيءَ سچائي پڌري ڪئي آهي ته قابليت ڪنهن وڏي شهر يا وڏيري جي محتاج ناهي هوندي. هي تحرير صرف ٻن شاگردن جي ڪاميابيءَ جي ڪهاڻي ناهي، پر اسان جي سماج، حڪومت ۽ اربابِ اختيار اڳيان هڪ اهڙو سوال آهي ته ڇا اسان انهن روشن ذهنن کي پنهنجو مستقبل بڻائڻ لاءِ تيار آهيون؟

نسيم بخاري

ٿاڻو ناپر ڪوٽ ۽ ٿاڻو فيضو هڪ ٻئي سان ڳنڍيل، پاڙيسري ٿاڻا آهن. انهن ٻنهي ٿاڻن جون حدون گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڏوهاري ڪاررواين جي حوالي سان سڄي ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ حساس ۽ متاثر علائقن طور سڃاتيون وينديون رهيون آهن. شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور هاءِ وي جو اهم رود  به اتان گذري ٿو، جنهن ڪري هتان ماڻهن جي اغوا، مسافر ڪوچن مان ڦرلٽ، قتل ۽ تشدد، قبيلائي خوني تڪرارن، ڪارو ڪاري،  محبت جي ڪوڙي ڄار ۾ ڦاسائي ڀُنگ لاءِ اغوا ڪرڻ ۽ ٻين سنگين ڏوهن جا واقعا رپورٽ ٿيندا رهيا آهن.

انهن علائقن ۾ ڏوهارين خلاف پوليس آپريشن ۽ رينجرز جون ڪارروايون به وقت بوقت ٿينديون رهيون آهن. امن امان جي بحاليءَ لاءِ پوليس جي سپاهيءَ کان وٺي ڊي ايس پي تائين ڪيترن ئي جوانن پنهنجي جانين جا نذرانا پڻ ڏنا آهن. مطلب ته هي خطو رڳو ڏوهن جي انگن اکرن ۾ حساس ناهي، پر امن قائم رکڻ لاءِ رياستي ادارن جي اهلڪارن به هتي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

پر هر علائقي جي ڪهاڻي رڳو ڏوهن، غربت ۽ بدامنيءَ تائين محدود ناھي.

هن خطي جي هڪ ٻي حقيقت اها به آهي ته هتي صنعتون ناهن، خانگي ادارا تمام گهٽ آهن ۽ ماڻهن وٽ روزگار جا مناسب ۽ باعزت موقعا محدود آهن. زراعت، جيڪا هن علائقي جي معيشت جو اهم سهارو بڻجي سگهي ٿي، اها به قبيلائي دشمني ۽ خوف جي ماحول سبب پنهنجي مڪمل صلاحيت مطابق پيداوار نٿي ڏئي سگهي. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زمينن ڏانهن به ان اطمينان سان نٿا وڃي سگهن، جنهن تسليءَ سان هڪ آبادگار کي پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن  وڃڻ ۽ ڌيان  ڏيڻ گهرجي.

تعليم جي صورتحال به ڪنهن کان لڪل ناهي. ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن جي حالت اهڙي آهي، جتي تعليمي سرگرميون رڳو خانہ پوريءَ تائين محدود نظر اچن ٿيون. ڪي اسڪول اهڙا به آهن، جن جون عمارتون ته موجود آهن، پر اتي تعليم بدران ڍور ٻڌل نظر اچن ٿا. ڪي هنڌ اهڙا آهن، جتي اسڪول جون عمارتون پنهنجي اصل مقصد کان ئي بي خبر محسوس ٿين ٿيون.

انهن علائقن ۾ سرڪاري تعليمي عملدارن ۽ نگراني ڪندڙن لاءِ به اسڪولن تائين پهچڻ ڪا آسان ڳالهه ناهي. جڏهن ڪنهن علائقي ۾ امن جو مسئلو سنگين هجي ته نگرانيءَ جو نظام به متاثر ٿئي ٿو ۽ جيڪي شيون مسلسل مانيٽر ٿيڻ گهرجن، اهي به مناسب نموني مانيٽر نٿيون ٿي سگهن.

اهڙي پسمنظر ۾ جيڪڏهن ڪنهن علائقي مان ٻن با صلاحيت ٻارن جي صورت ۾ نئين اميد جو ڪو سوجھرو  ظاهر ٿئي ٿو، ته ان کي معمولي ڳالھ سمجهڻ وڏي غلطي هوندي.

انهن ٻن ٻارن جي موجودگي اهو ثابت ڪري ٿي ته هتان جي ٻارن ۾ تخليقي قوت موجود آهي، ذهني صلاحيت موجود آهي ۽ اڳتي وڌڻ جي خواهش به موجود آهي. اهي ٻار مستقبل جا آفيسر بڻجي سگهن ٿا، استاد بڻجي سگهن ٿا، انجنيئر، ڊاڪٽر، سائنسدان يا سماج جا تعمير ڪندڙ ڪردار بڻجي سگهن ٿا.

اهي ٻار رڳو پنهنجي خاندانن يا قبيلن لاءِ فخر جو سبب ناهن، پر سڄي علائقي لاءِ مثبت سوچ جو محور بڻجي سگهن ٿا.

سندن ڪاميابي پنهنجي آسپاس رهندڙ ٻين ٻارن کي اهو پيغام ڏئي ٿي ته اوندهه ۾ روشني ڪيئن پيدا ڪري سگهجي ٿي، بدامنيءَ ۾ امن ڪيئن آڻي سگهجي ٿو، نفرت کي محبت ۾ ڪيئن تبديل ڪري سگهجي ٿو ۽ سستيءَ ۽ ڪاهليءَ کي محنت جي راهه تي ڪيئن ھلائي سگهجي ٿو.

ضرورت رڳو ان ڳالهه جي آهي ته انهن ٻارن کي ڏٺو وڃي، سمجهيو وڃي، ساراهيو وڃي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ حوصلو ڏنو وڃي.

جيڪڏهن انهن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي ته ان جا اثر رڳو انهن ٻن ٻارن تائين محدود نه رهندا. انهن جي چوڌاري موجود ٻيا ڪيترائي باصلاحيت ٻار به متاثر ٿيندا. انهن کي محسوس ٿيندو ته محنت جو قدر ٿئي ٿو، صلاحيت کي سڃاڻپ ملي ٿي ۽ خراب حالتن جي باوجود ڪاميابيءَ جا دروازا کلي سگهن ٿا.

استاد به انهن ٻارن کي پنهنجي اسڪولن لاءِ ماڊل طور پيش ڪري سگهن ٿا. اسڪولن ۾ انهن جي ڪاميابين کي ٻين شاگردن جي سامهون مثال بڻائي سگهجي ٿو ته ڏکيون حالتون ڪنهن ٻار جي منزل جو رستو  نٿيون روڪن؛ اصل فيصلو سندس محنت، صلاحيت، همت ۽ صحيح رهنمائي ڪري ٿي.

پر سوال اهو آهي ته هن گهماگهميءَ واري دور ۾ اهڙي سنجيده، صحتمند ۽ مثبت سوچ آخر ڪٿان ايندي، جيڪا اهڙي سرگرمي کي يقيني بڻائي، جيڪا هن خطي ۾ ثابت قدميءَ جو سج اڀاري سگهي؟

ڇا سماج جا باشعور ماڻهو اڳتي ايندا؟

ڇا استاد پنهنجو ڪردار وڌيڪ اثرائتو بڻائيندا؟

ڇا تعليمي ادارا اهڙن ٻارن جي حوصلا افزائيءَ لاءِ ڪو مستقل نظام ٺاهيندا؟

ڇا ضلعي انتظاميا ۽ پوليس، جيڪا هن علائقي جي ڏکين حالتن کان واقف آهي، امن سان گڏ تعليم ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي به پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪندي؟

۽ ڇا اسان اهڙن ٻارن کي رڳو هڪ ڏينهن جي خبر يا تصوير تائين محدود رکنداسين، يا انهن جي ڪاميابيءَ کي هڪ وڏي سماجي مهم جي شروعات بڻائينداسين؟

اهي سوال اسان سڀني جي سامهون آهن.

حقيقت اها آهي ته جنهن علائقي جو تعارف اڄ اغوا، ڦرلٽ، قبيلائي تڪرار، قتل، خوف ۽ بدامنيءَ سان ڪيو وڃي ٿو، ان علائقي جي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ لاءِ سڀ کان مضبوط هٿيار بندوق نه، تعليم، شعور، محنت ۽ مثبت سوچ آهي.

جيڪڏهن انهن ٻارن کي مناسب پذيرائي ملي، جيڪڏهن انهن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏنا وڃن ۽ جيڪڏهن انهن جي ڪاميابيءَ کي ٻين ٻارن لاءِ مثال بڻايو وڃي ته يقيناً ان جا اثر تمام گهرا ٿي سگهن ٿا.

ڇو ته هر وڏي تبديلي ڪنهن نه ڪنهن ننڍڙي اميد کان شروع ٿيندي آهي.

شايد اهي ٻه ٻار به اهڙي ئي اميد آهن.

شايد انهن جي هٿن ۾ رڳو ڪتاب، قلم يا ڪنهن تخليقي ڪم جي صلاحيت ناهي، پر پنهنجي سڄي علائقي جي مستقبل کي بدلائڻ جي هڪ خاموش طاقت به موجود آهي.

اڄ جيڪڏهن انهن کي سڃاڻپ، حوصلو ۽ سهارو ملي وڃي ته سڀاڻي انهن جي اثر هيٺ محنت ۽ صلاحيتن سان مالامال ڪيترائي ٻار اڳتي اچي سگهن ٿا. ۽ اهي ٻار گڏجي اهڙو ماحول پيدا ڪري سگهن ٿا، جيڪو ناپر ڪوٽ ۽ فيضو ٿاڻن جي علائقن بابت موجود منفي تعارف کي تبديل ڪري ڇڏي.

اهو ڏينهن به اچي سگهي ٿو، جڏهن انهن علائقن جي سڃاڻپ اغوا ۽ بدامنيءَ بدران تعليم، قابليت، امن، محنت، انسانيت ۽ ترقي سان ٿيندي.

انهيءَ تبديليءَ لاءِ شايد اسان کي ڪنهن وڏي معجزي جي انتظار جي ضرورت ناهي.

صرف انهن ٻارن جي هٿن ۾ موجود اميداجي ننڍڙي احساس کي وسامڻ  بچائڻو آهي.

شڪارپور جي ٻن ٻارن جون ڪهاڻيون اسان جي سامهون آهن.

شير علي ۽ الطاف حسين

خانپور تعلقي جي ڳوٺ هاشم پنهور جو شير علي پنهور، ولد تاج محمد پنهور، FASڪميونٽي ڪلسٽر سيڪنڊري اسڪول ھاشم پنھور جو شاگرد آهي، جيڪو سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي انتظام هيٺ هلندڙ آهي.

هن ٻار Pre-Cadet College Islamabad جي مڪمل خرچ واري اسڪالرشپ حاصل ڪئي آهي.

هي ڳالهه صرف مبارڪباد ڏيڻ تائين محدود رهڻ نه گهرجي.

ڇو ته شير علي اسان کي ٻڌائي ٿو ته شڪارپور جي ٻهراڙيءَ ۾ به اهڙو ٻار موجود آهي، جيڪو وڏن شهرن جي ٻارن سان مقابلو ڪري سگهي ٿو.

۽ شير علي اڪيلو ناهي.

شڪارپور ضلعي جي هڪ ٻئي ايف اَي ايس ڪميونٽي ڪلسٽر سيڪنڊري اسڪول گل حسن منگيءَ مان ستين درجي جو شاگرد الطاف حسين ولد مير خان جعفري به الحجرا ڪاليج، ڊي جي خان جي اسڪالرشپ ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.

چيو وڃي ٿو هن اسڪالرشپ ۾ هر ضلعي لاءِ رڳو هڪ سيٽ موجود هئي، ۽ شڪارپور جي اها واحد سيٽ الطاف حسين حاصل ڪئي.

هاڻي ٿورو سوچيو!

هڪ ئي ضلعي جي ٻن ڪميونٽي اسڪولن جا ٻه ٻار، ٻه مختلف قومي تعليمي موقعا، ۽ ٻنهي جو بنياد محنت، قابليت ۽ ميرٽ.

پوءِ اسان کي پاڻ کان سوال ڪرڻ گهرجي:

جيڪڏهن شڪارپور جي ٻن اسڪولن مان ٻه ٻار اهڙي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا، ته سنڌ جي هزارين ڳوٺن ۾ اهڙا ڪيترا ٻار هوندا، جيڪي صرف هڪ موقعي جا منتظر آھن  

ملڪ ۾ لکين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. يونيسيف موجب پاڪستان ۾ 5 کان 16 سالن جي عمر جا لڳ ڀڳ 25.1 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن.

جيڪي اسڪولن ۾ داخل آھن   انهن مان به هر ٻار لازمي طور تي معياري سکيا حاصل ڪري رهيو هجي، اهو به ضروري ناهي.

اسڪول ۾ ويهڻ ۽ پڙهيل لکيل ٿيڻ ۾ فرق آهي.

ٻار ڪتاب کولي سگهي ٿو، پر ڇا هو ڪتاب پڙهي سمجهي به سگهي ٿو؟

هو سوال جو جواب لکي سگهي ٿو، پر ڇا هو سوال کي سمجهي به سگهي ٿو؟

هو امتحان پاس ڪري سگهي ٿو، پر ڇا هو تربيت ۽ پڙھائيءَ جا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو؟

اهي ئي اصل سوال آهن.

اسڪول ۾ ويھڻ لاءِ جاء نه هجي ته به خواب ته ٿي سگهي ٿو!

اسان وٽ ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن، جتي فرنيچر جي کوٽ آهي.

ڪٿي واش روم ناهي.

ڪٿي صاف پاڻي ناهي.

ڪٿي بجلي ناهي.

ڪٿي چار ديواري ناهي.

ڪٿي استاد جي کوٽ آهي.

ڪٿي عمارت آهي، پر ٻار گهٽ آهن.

۽ ڪٿي ٻار ته آهن، پر انهن لاءِ مناسب تعليمي ماحول موجود ناهي.

انهن سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

پر ان سان گڏ اسان کي هڪ ٻي ذميواري به قبول ڪرڻي پوندي:

جيڪو ٻار انهن سڀني محرومين باوجود اڳتي وڌڻ چاهي ٿو، ان کي روڪڻ نه گهرجي.

شير علي ۽ الطاف حسين اسان کي اهو ئي سبق ڏئي رهيا آهن.

ٻه ٻار حڪومت لاءِ پاليسي بڻجي سگهن ٿا

منهنجي خيال ۾ شير علي ۽ الطاف حسين جي ڪاميابي کي رڳو اسڪول جي فيس بڪ پوسٽ يا مبارڪباد واري خبر تائين محدود نه رکڻ گهرجي.

سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اهڙين ڪاميابين جو ڊيٽا بيس تيار ڪري.

هر ضلعي ۾ باصلاحيت ٻارن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي.

هر تعلقي ۾ Talent Search Test هجي.

ٻار جي غربت ۽ قابليت ٻنهي کي ڏٺو وڃي.

پوءِ جيڪي ٻار واقعي اڳتي وڌڻ جي صلاحيت رکن ٿا، انهن کي اسڪالرشپ، ڪتاب، يونيفارم، ٽرانسپورٽ، هاسٽل ۽ بهترين تعليمي ادارن تائين رسائي ڏني وڃي.

ڇو ته اھليت رڳو اها ناهي ته امتحان ۾ پهريون نمبر آڻيندڙ کي سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو.

ميرٽ جو اصل مطلب اهو آهي ته پهريون نمبر آڻيندڙ ٻار کي بهترين منزل تائين پهچڻ جو رستو به ڏنو وڃي.

مخير حضرات اڳتي اچن

اسان جي سماج ۾ ڪيترائي صاحبِ حيثيت ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي علائقي جي خدمت ڪرڻ چاهين ٿا.

انهن لاءِ تعليم کان وڌيڪ بهتر سيڙپڪاري شايد ٻي ڪا نه هجي.

هڪ ھڪ ٻار جي تعليم جو خرچ کڻڻ.

هڪ ھڪ ٻار کي سٺو اسڪول فراهم ڪن.

هڪ  ھڪ ٻار کي هاسٽل ڏيارن.

هڪ ھڪ ٻار لاءِ ڪتاب ۽ ليپ ٽاپ فراهم ڪن.

هڪ ھڪ ٻار جي يونيورسٽي فيس ادا ڪن.

اهي رقمون شايد ڪنهن صاحبِ حيثيت ماڻهو لاءِ تمام ننڊڙي ڳالھ  هجن، پر ڪنهن غريب خاندان جي ٻار لاءِ اهي رقمون زندگيءَ ۽ محروميءَ جي وچ ۾ فرق ثابت ٿي  سگهن ٿيون.

اسان کي شفاف طريقي سان “هڪ مخير، هڪ شاگرد” جهڙي تحريڪ شروع ڪرڻ گهرجي.

ميرٽ تي ٻار چونڊيو وڃي.

غربت کي معيار بڻايو وڃي.

تعليمي ڪارڪردگي جي نگراني ڪئي وڃي.

۽ مخير ماڻهو کي به هر سال پنهنجي مدد ھيٺ علم حاصل ڪندڙ ٻار بابت وچور ملڻ کپي

شير علي ۽ الطاف حسين جو تعلق جن اسڪولن سان آهي انهن اسڪولن ۾ ڪهڙي طريقي سان ٻارن کي پڙهايو وڃي ٿو؟

استادن جي چونڊ ۽ نگراني ڪيئن ٿئي ٿي؟

ٻارن جي ٽيسٽنگ ڪيئن ٿئي ٿي؟

والدين سان رابطو ڪهڙي نموني رکيو وڃي ٿو؟

۽ سڀ کان اهم ڳالهه:

اهي ٻار اسڪالرشپ جي مقابلي لاءِ ڪيئن تيار ٿيا؟

جيڪڏهن انهن اسڪولن جو ڪو ماڊل ڪم ڪري رهيو آهي ته ان کي ٻين ٻهراڙيءَ جي اسڪولن تائين ڇو نه وڌايو وڃي؟

اسان کي هر سٺي ڪم کي تعليمي نتيجي جي نظر سان ڏسڻ گهرجي.

ڪيترا ٻار اسڪولن ۾ آهن؟

ڪيترا ٻاهر آهن؟

ڪيترا پڙهي سگهن ٿا؟

ڪيترا نه ٿا پڙهي سگهن؟

ڪيترا اسڪول مڪمل سهولتن وارا آهن؟

ڪيترا استاد واقعي ڪلاس روم ۾ نتيجا پيدا ڪري رهيا آهن؟

۽ ايندڙ پنجن سالن جو ٽارگيٽ ڇا آهي؟

جيڪڏهن حڪومت وٽ اهي انگ اکر موجود آهن ته انهن کي عوام کان لڪائڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟

اصل جنگ  نااهلي خلاف هجڻ گهرجي

اسان کي هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي:

سٺو استاد قوم جو سرمايو آهي.

هڪ محنتي استاد هڪ ٻارن جي زندگي بدلائي سگهي ٿو.

تنهنڪري جنگ  سفارش، ڪرپشن، غيرحاضري ۽ تعليمي بيحسي خلاف هجڻ گهرجي.

ساڳئي وقت انهن هزارين حقيقي استادن جي عزت به ٿيڻ گهرجي، جيڪي محدود سهولتن ۾ ٻارن کي پڙهائي رهيا آهن.

شير علي ۽ الطاف حسين کي ڏسڻ جو نئون طريقو

منهنجي نظر ۾ شير علي پنهور ۽ الطاف حسين جعفري کي اسان کي ٻن شاگردن طور نه، پر ٻن سوالن طور ڏسڻ گهرجي.

شير علي پڇي ٿو:

”جيڪڏهن مون کي موقعو ملي ته ڇا مان اڳتي وڌي سگهان ٿو؟“

الطاف حسين پڇي ٿو:

”جيڪڏهن ميرٽ هجي ته ڇا ڳوٺ جو ٻار به ضلعي کان ٻاهر پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهي ٿو؟“

انهن ٻنهي جو جواب آهي:

ها!

۽ هاڻي حڪومت، سماج ۽ اسان سڀني کي اهو ثابت ڪرڻو آهي ته اهڙا موقعا صرف ٻن ٻارن تائين محدود نه رهن.

خوابن کي تعبير ڏيڻ قومي فرض آهي

اسان تعليم بابت تمام گهڻيون تقريرون ڪري چڪا آهيون.

اسان اسڪولن جون عمارتون ڏسي چڪا آهيون.

اسان بجيٽ جا انگ ٻڌي چڪا آهيون.

هاڻي وقت آهي ته اسان ذھين ٻارن کي مرڪز بڻايون.

تعليم معياري هجي.

۽ باصلاحيت ٻار جو مستقبل غربت جي حوالي نه هجي.

خانپور جي ڳوٺ هاشم پنهور مان شير علي پنهور ۽   گل حسن منگي اسڪول مان الطاف حسين جعفري اسان کي اهو سبق ڏئي رهيا آهن ته قابليت شهرن جي جاگير ناهي.

ڳوٺ جي چيڪي مٽيءَ ۾ به خواب جنم وٺندا آھن.

غريب گهرن ۾ به غيرمعمولي ذهن ٻار پيدا ٿين ٿا.

ٻهراڙيءَ جي اسڪولن ۾ به اهڙا ٻار پڙهن ٿا، جيڪي اسلام آباد ۽ ڊي جي خان تائين پهچي سگهن ٿا.

ضرورت صرف اها آهي ته انهن کي سڃاتو وڃي، سهارو ڏنو وڃي ۽ اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

ڇو ته قوم جي حقيقي ترقي تڏهن شروع ٿيندي آهي، جڏهن اصل هيرن کي به ڳولھڻ شروع ڪبو آھي .

شير علي ۽ الطاف حسين کي مبارڪباد ڏيڻ ڪافي ناهي.

هاڻي اسان کي انهن جهڙا هزارين ٻار ڳولھڻا آهن.

انهن جي هٿ ۾ ڪتاب ڏيڻو آهي.

انهن جي اکين ۾ خواب سجائڻا آهن.

۽ انهن خوابن کي تعبير ڏيڻ لاءِ رستو ٺاهڻو آهي.

ڇو ته هڪ ٻار جو خواب بچائڻ، اصل ۾ هڪ قوم جو مستقبل بچائڻ ھوندو آهي.

___________

Naseem Bukhari-The AsiaN

 نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button