Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ٻہ ڏھاڪا اڳ ڪراچيءَ ۾ ڪئپري سئنيما جو پارڪنگ پلاٽ هڙپ ڪرڻ جي ڪهاڻي

سوشل ميڊيا تي ڏٺل ڪئپري سئنيما جي ھڪ تصوير مون کي ٻه ڏھاڪا پوئتي جي ان دور ۾ وٺي وئي، جڏھن سياسي اقتدار، بلڊر مافيا ۽ پوليس ملي ڪري ھڪ وڏو ناٽڪ رچايو ھو. بظاهر اھو سئنيما اندر ھلندڙ فحاشيءَ تي ڇاپو هو، پر ان جي پٺيان اصل راند سئنيما سان لڳ پارڪنگ جي قيمتي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ هئي. ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم، سنڌ جي ھوم منسٽر ۽ بلڊر مافيا جي ناٽڪ جي ڪھاڻي، جيڪا اڄ تائين ميڊيا ۾ نہ اچي سگھي ھئي.

نصير اعجاز

​ڪجھ ڏينھن اڳ سوشل ميڊيا تي ڪنھن دوست ڪراچيءَ جي تاريخي ڪئپري سئنيما جي تصوير رکي ته ٻه ڏھاڪا اڳ جو ھڪ واقعو ياد اچي ويو.

​اھو سال 2005 جو پڇاڙڪو يا 2006 جو شروعاتي مھينو ھو. محترما مھتاب اڪبر راشدي ان وقت سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري اطلاعات ھئي، ايم ڪيو ايم جو رئوف صديقي سنڌ جو ھوم منسٽر ھو ۽ مان پاڪستان پريس انٽرنيشنل (پي پي آءِ) نيوز ايجنسيءَ جي ايڊيٽر طور ذميواريون نڀائي رھيو ھيس.

​ھڪ ڏينھن مھتاب اڪبر راشديءَ جي فون آئي ته وٽس چڪر ھڻان. سندس آفيس پھتس ته ٻه ٽي ٻيا به صحافي دوست موجود ھئا. مھتاب راشديءَ ٻڌايو ته ھوم منسٽر رئوف صديقيءَ گذارش ڪئي آهي ته ڪجھ سينئر صحافين کي وٽس موڪليان، ان ڪري ئي ھن اسان کي ذاتي طور اچڻ جي گذارش ڪئي آهي. ھن چيو ته رئوف صديقيءَ جي فون ايندي ته پوءِ وٽس وڃجو.

​ڪلاڪ سوا گذرڻ کانپوءِ مھتاب راشديءَ کي فون آئي ته اڄ جو پروگرام ڪينسل، ڇو ته جنھن مقصد لاءِ ڪيڏانھن وڃڻو ھو، اھو اڄ ٿي ڪو نه سگھندو. اسان به موڪلائي ھليا وياسين. پر ٻئي ڏينھن وري مھتاب راشديءَ جي فون آئي ته رئوف صديقيءَ اڄ اچڻ لاءِ گذارش ڪئي آهي، تنھنڪري مھرباني ڪري توھان سڌا سندس آفيس ھليا وڃو.

​رئوف صديقيءَ جي آفيس ويجھو ئي بيرڪن ۾ ھئي سو وڃڻ ۾ دير ڪانه لڳي. مان سياسي طور ايم ڪيو ايم جي وزيرن کي ڪا اھميت ڪونه ڏيندو ھيس، پر صرف مھتاب راشديءَ جي ذاتي گذارش سبب ويس. ان ڏينھن رئوف صديقيءَ وٽ مون کان سواءِ ٻيو ڪو به صحافي ڪونه آيو ھو. ھن چيو ته بس ٿوري دير ۾ ھڪ فون ايندي ۽ فون اچڻ شرط روانا ٿينداسين. منھنجو تجسس وڌي رھيو ھو ته آخر ڪھڙي ماجرا آھي.

​ٿوري دير ۾ رئوف صديقيءَ کي فون آئي ته تڪڙ ۾ اھو چوندي اٿيو ته: ”ھاڻي ھلون.“

​سندس سرڪاري گاڏين جو قافلو اڳيان فل اسپيڊ سان روانو ٿيو ۽ مان پٺيان پنھنجي رام پياري مھراڻ ڪار ۾. قافلو ايم اي جناح روڊ (بندر روڊ) تي ڪئپري سئنيما وٽ ھلي بيٺو. رئوف صديقي ۽ سندس عملدار سئنيما جي احاطي اندر گھڙيا ته ھن مون کي سڏ ڪيو: ”نصير ڀائي اندر آجائين.“

​ڪئپري سئنيما ۾ جيڪو به فلم ڏسڻ ويو ھوندو تنھن کي ياد ھوندو ته مين گيٽ کان اندر ھال جي ڇيڙي تائين سيمينٽيڊ ٽيريس آھي. ٽيريس جي ٻاھرين ديوار جي ٻئي پاسي ھڪ وڏو پلاٽ پارڪنگ لاءِ مخصوص ھو. اسان جيئن ئي ٽيريس تي وياسين ته اتي پنجويھ کن عورتون ۽ ٻه ٽي مرد پٽ تي ويٺل نظر آيا. اھي سڀ اتي موجود پوليس وارن کي ٻاڏائي چئي رھيا ھئا ته ھُو بيگناھ آھن.

​رئوف صديقي جيئن ئي اتي پھتو ته ايس ايس پي ثناءُالله عباسي به نظر آيو. رئوف صديقي پھرين سئنيما ھال اندر ويو، مان به ساڻس گڏ ويس. ھال بلڪل خالي ھو سواءِ ٻن سيٽن تي ويٺل ھڪ زائفان ۽ ھڪ مرد جي. رئوف صديقيءَ کين ڇڙٻ واري لھجي ۾ چيو: ”تم دونوں یہاں کیوں بیٹھے ہو؟“

ان تي پٺيان سندس ڪنھن ماڻھوءَ جو آواز آيو: ”سر یہ ہمارے مخبر ہیں۔“

​اسان وري ٻاھر نڪري آياسين. ٻاھر پٽ تي ويٺلن مان ھڪ ڇوڪراٽُ مونکي ڏسي ليلائي چوڻ لڳو: ”چاچا، مان دادوءَ مان ڪم سان ڪراچيءَ آيل ھيس. اڄ واپس وڃڻ کان اڳ سوچيم ته بس اڏو ۽ سئنيما ويجھو آھن ته فلم ڏسي وٺان. چاچا مونکي ڇڏاءِ، مان بيگناھ آھيان.“

​جيڪي زائفائون پٽ تي ويٺل ھيون اھي به روئي رھيون ھيون. سندن چوڻ ھو ته ھو سکر کان ڪراچيءَ ۾ پنھنجي مائٽن وٽ آيل ھيون ۽ اڄ سڀني گڏجي فلم ڏسڻ جو پروگرام ٺاھيو ھو. سندن ڳالھين مان خبر پئي ته کين بدپيشي جي الزام ۾ اتي بغير ڪنھن ڏوھ جي ويھاريو ويو ھو. اھي سموريون عورتون سکر جي اقليتي برادريءَ سان تعلق رکندڙ ھيون ۽ پنھنجي روايتي ۽ ثقافتي لباس ۾ ھيون. ذھن ڪنھن به حالت ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونه ھو ته مٿن ھنيل الزام سچ ھوندو.

​رئوف صديقي ھاڻ سئنيما جي مئنيجر واري آفيس ٻاھران بيٺل ٻن ماڻھن ڏانھن وڌيو. ھن ٻنھي مان ھڪ کي چيو: ”تم لوگ یہاں یہ فحاشی کا دھندہ کرتے ہو، سچ بتاؤ؟“

ان شخص ڪنڌ ھيٺ ڪري چيو: ”ہاں سر! ہم کسی دن یہاں فلم کے بہانے یہ کام کرتے ہیں۔“

ٻيو ماڻھو خاموش بيٺو رهيو ۽ ھڪ بہ لفظ نه ڪڇيائين—اھو سئنيما جو مالڪ ھو.

​مان خاموشيءَ سان سموري صورتحال جو جائزو وٺندو رھيس. مون ھر ماڻھوءَ جي چھري جا تاثرات پئي جاچيا. مون کي پڪ ٿي وئي ته اھو سمورو ناٽڪ رچايو ويو آهي. مئنيجر مون کي وزير سان مليل ٿي لڳو، پر خبر نہ ھئي تہ ڪنھن دٻاءَ يا لالچ تحت. سئنيما جو مالڪ ڪجھ ڳالھائڻ بيسود سمجھي خاموش رھيو.

​ھوڏانھن عورتون لاڳيتو پنھنجي بيگناھي ٻڌائي منٿون ڪنديون رھيون. مون کي اھو سڄو ناٽڪ ٺپ ڪونه وڻيو. نيٺ مون رئوف صديقيءَ کان پڇيو ته ھنن عورتن ۽ معصوم ماڻھن جو ڇا سوچيو اٿو؟ ھن کين ٿاڻي تي وٺي ھلڻ لاءِ پوليس کي حڪم ڏيندي مونکي چيو: ”نصير ڀائي! انھن کي شام جو ڇڏي ڏبو.“

​ان سموري ناٽڪ دوران ايس ايس پي ثناءُالله عباسي به بت بڻجي خاموش رھيو. مون شام جو پنھنجي آفيس مان فون ڪري پڇا ڪئي ته معلوم ٿيو ته سڀني عورتن ۽ مردن کي آزاد ڪيو ويو آهي.

​مون ان واقعي ۾ ورجائي ورجائي ’ناٽڪ‘ لفظ ڪتب آندو آھي. ان جو سبب اھو ھو ته مون ان مھل جيڪو ڪجھ سمجھيو ھو، اھو ٿوري ئي وقت کانپوءِ سچ ثابت ٿيو. اھو سڄو ناٽڪ سئنيما سان لڳ پارڪنگ پلاٽ تي قبضي لاءِ رچايو ويو ھو. جيئن ته سئنيما جو مالڪ اھو قيمتي پلاٽ ڪنھن بلڊر کي ڏيڻ لاءِ تيار نه ھو، تنھنڪري بلڊر ۽ ان وقت جي بااثر سياسي ڌُر ايم ڪيو ايم پنھنجي وزير معرفت اھو ناٽڪ رچايو. سئنيما جي مالڪ کي فحاشي ۽ بدناميءَ جي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڌمڪي ڏئي نيٺ اھو پلاٽ هٿ ڪري ورتو.

​ڪافي عرصي تائين ان پلاٽ کي چوديواري ڏنل رھي. شھر جي ٽريفڪ ۽ ٻين سببن جي ڪري ڪيترن ئي ورھين کان منھنجو انھيءَ پاسي وڃڻ ڪونہ ٿيو آھي.  جيڪڏھن مونکي مليل معلومات صحيح آھي تہ انھيءَ پلاٽ تي گھڻ ماڙ عمارت جي اڏاوت شروع ٿي. چيو وڃي ٿو تہ اڄ اھو پلاٽ غائب آھي ۽ اتي بيٺل يارھن ماڙ عمارت جو نالو ”فلڪ آرڪيڊ“ آھي! ھاڻ خبر پئي ڪئپري سئنيما سان لڳ پرنس سئنيما بہ ڊاھي 23 ماڙ عمارت ٺاھي وئي آھي.

___________   

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

نصير اعجاز صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button