نيپال ۾ تباھي آڻيندڙ ھماليائي ٻوڏ ۾ بچي ويل ماءُ ۽ پُٽ جو ميلاپ
اٺن ورھين جو ٻار جبلن ۾ ھڪ وڻ تي چڙھي وڃڻ سبب بچي ويو. ھڪ ٻہ ماڙ گھر بہ بچي ويو جنھن جي آسپاس وارا سمورا گھر ٻوڏ ۾ لُڙھي ويا ھئا.

کٽمنڊو، نيپال مان بشنو گوتم ۽ ڊاڪا مان نمائندي جي گڏيل رپورٽ
کٽمنڊو: نيپال ۾ آيل تباھ ڪندڙ ٻوڏ کانپوءِ ماءُ ۽ پٽ جي ٻيهر ميلاپ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن کي فيس بوڪ واپرائيندڙ وڏي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيا آهن.
جائل گھالي (Jayal Ghale) نالي هڪ ٻار، جيڪو خطرناڪ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ جبل ۾جھنگ ڏانهن ٻجي ويو هو ۽ وڻن تي چڙهي پنهنجي حياتي بچائي هئائين، جمعي جي ڏينهن پنهنجي ماءُ سان ملي ويو. سندس ماءُ کي خدشو هو ته هُو ۽ سندس ڀاءُ اسڪول ۾ ئي فوت ٿي چڪا هوندا.
ان کان هڪ ڏينهن اڳ، 8 سالن جي گھالي کي تباھ ٿيل اترئين ضلعي راسو (Rasua) مان بچايو ويو ھو. هڪ ٻانهن ۽ ڄنگھ ڀڄي پئي ھئي. ان دوران، سندس 28 سالن جي ماءُ، مَٽي مائيا تامانگ (Mati Maya Tamang)، پنهنجن ٻن گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۾ هڪ پناهه گير ڪئمپ کان ٻي ڪئمپ ڏانهن ڊوڙندي رهي هئي. ڪافي ڳولا کانپوءِ، تامانگ خميس جي ڏينهن فون تي هڪ صحافي سان ڳالهايو، تڏهن کيس خبر پئي ته گھالي زنده آهي ۽ کيس کٽمنڊو جي هڪ وڏي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
جمعي جي ڏينهن، تامانگ اسپتال پهچي پنهنجي پٽ سان ملي. تامانگ ٻڌايو ته کيس پنهنجو ننڍو پٽ به زنده ملي ويو آهي. هن واقعي سوشل ميڊيا تي پڻ خوشي ۽ اطمينان جي لهر پکيڙي ڇڏي.
نيپال ۾ تباهه ڪندڙ ھماليائي ٻوڏ کان بچي وڃڻ ھڪ معجزو آھي جنھن کي سوشل ميڊيا تي زبردست موٽ ملي آهي. مختلف گھرن جي وچ ۾ هڪ سائي رنگ جو ٻه ماڙ گھر پڻ صحيح سلامت بيٺل ڏسي ماڻھو حيران آھن ڇو ته آسپاس جا گھر ۽ اڏاوتون تيز وهڪري ۾ لُڙھي ويا آھن. انھيءَ معجزي پڻ سوشل ميڊيا واپرائيندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو. خبر پئي ته گھر جي اندر ڦاٿل خاندان جا سڀئي ڀاتي زنده بچايا ويا آهن.

سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ هڪ وڊيو ۾ پاڻيءَ جو تيز وهڪرو ڏسي سگهجي ٿو. آسپاس جا گھر ۽ اڏاوتون ڊهي رهيون آهن يا پاڻيءَ جي وهڪري ۾ لُڙھي رهيون آهن. پاڻيءَ سان گڏ وڏا پٿر به ترندا نظر اچن ٿا. ان خوفناڪ صورتحال جي باوجود، اهو سائو ٻه ماڙ گھر مضبوطيءَ سان بيٺل آهي.
جڏهن اهڙي خبر پئي ته ان گھر ۾ هڪ خاندان ڦاٿل آهي، ته سوشل ميڊيا تي ڳڻتي پکڙجي وئي. وڊيو ڏسڻ کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن خاندان جي سلامتي بابت خدشن جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ دعائون گهريون. ان دوران، سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ هڪ ٻي وڊيو ۾ ٻُڌايو ويو ته سائي گھر ۾ ڦاٿل خاندان جو هر هڪ ڀاتي زنده آهي ۽ کين محفوظ طريقي سان ريسڪيو ڪيو ويو آهي. هن خبر پريشان ٿيل فيس بوڪ واپرائيندڙن کي وڏو دلاسو ڏنو.
اهي ٻئي وڊيوز لکين ماڻهو ڏسي چڪا آهن. ڪيترن ئي فيس بوڪ واپرائيندڙن تبصرو ڪندي چيو ته اهڙي خوفناڪ صورتحال جو تصور ڪرڻ به ڏکيو آهي. ھنن گھر ۾ موجود ماڻهن لاءِ دعائون گھريون. هڪ شخص ان گھر جي تعمير جي تعريف ڪئي جو اهو اهڙي تباھ ڪندڙ ٻوڏ ۾ به بچي ويو.
هڪ ٻئي فيس بوڪ واپرائيندڙ تبصرو ڪيو ته هُو خدا جي رحمت سان اهڙي ڏکي صورتحال ۾ بچي ويا آهن. مٽيءَ جي ڍير ۾ بيٺل سائي گھر جي خاندان کي بچائي وٺڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سڪون جي لهر پکڙجي وئي. ڪيترن ئي پنهنجي خالق جو شڪر ادا ڪيو. ڪيترن ئي ٻين چيو ته ان گھر کي مندر ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي.
_____________
ڏکڻ ڪوريا جي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



