Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سُشيل ڪوئرالا: نيپال جو غريب وزيراعظم جنھن جي ڪُل ملڪيت 3 موبائل فونون ھيون

سُشيل ڪوئرالا نيپال جي سياست جو هڪ اهڙو نمايان ۽ درويش صفت باب هو، جنهن بااثر سياسي پس منظر جي باوجود پنهنجي سڄي زندگي سادگي، عدم تشدد ۽ جمهوري قدرن جي پاسداريءَ ۾ گذاري. 16 سالن جي جلاوطني، جيل جي صعوبتن ۽ سخت سياسي جدوجهد کانپوءِ نيپال جو وزيراعظم بڻجندڙ هن بي لوث اڳواڻ وٽ اثاثن جي نالي تي صرف ٽي موبائل فون هئا. ملڪ کي تاريخي آئين ڏيڻ ۽ بي مثال اخلاقي معيار قائم ڪرڻ بعد عهدو ڇڏيندڙ “سُشيل دا” اڄ به عالمي سياست ۾ سچائي ۽ درويشيءَ جي علامت طور ياد ڪيو وڃي ٿو.

نصير اعجاز

سشيل ڪوئرالا نيپال جي سياست جو هڪ اهڙو نمايان ۽ درويش صفت شخص هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي جمھوريت جي بحالي، عوامي حقن جي پاسداري ۽ اخلاقي قدرن جي بنيادن تي گذاري. 12آگسٽ 1939ع تي نيپال جي ٻئي وڏي شهر بٽنگر ۾ هڪ بااثر سياسي گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ سشيل ڪوئرالا جي خاندان ملڪي سياست تي گهرا اثر ڇڏيا. سندس خاندان جا ٽي ٻيا فرد، جن ۾ بي بي ڪوئرالا، گرجا پرشاد ڪوئرالا ۽ ماتريڪا پرشاد ڪوئرالا شامل هئا، پڻ مختلف دورن ۾ نيپال جا وزيراعظم رهي چڪا هئا. پر ان بااثر سياسي پس منظر جي باوجود، سشيل پنهنجي درويشاڻي طبيعت، سادگي ۽ عدم تشدد واري نظرئي سبب پنهنجو مٽ پاڻ هو.

​سندس سياسي سفر جو آغاز 1954ع ۾ ٿيو، جڏهن هو نيپالي ڪانگريس پارٽي جي سوشل ڊيموڪريٽڪ نظرين کان متاثر ٿي ان ۾ شامل ٿيو. 1960ع ۾ جڏهن شاهه مهيندر ملڪ ۾ جمهوري نظام کي ختم ڪري، پهرين چونڊيل حڪومت کي برطرف ڪيو ۽ پارليامينٽ کي تحليل ڪري ڇڏيو، ته سشيل ڪوئرالا کي پنهنجي پارٽيءَ جي ٻين اڳواڻن سان گڏ ڀارت ۾ جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي. ڀارت جي شهر واراناسيءَ ۾ گذاريل سورھن سالن جي جلاوطنيءَ دوران هو نه صرف پارٽيءَ جي سياسي اخبار”تَرن“جو ايڊيٽر رهيو، بلڪه بادشاهي آمريت خلاف جدوجهد ۾ به اڳڀرو رهيو. سال 1973ع ۾ نيپال رائل ايئرلائينز جي هڪ جهاز کي هائجيڪ ڪرڻ واري واقعي ۾ به سندس نالو آيو، جنهن جو مقصد پارٽيءَ لاءِ مالي وسيلن جو بندوبست ڪرڻ هو، جنهن جي پاداش ۾ کيس ڀارتي جيلن ۾ ٽي سال قيد به ڪاٽڻو پيو.

​سال 1979ع ۾ نيپال واپسيءَ کانپوءِ هن ملڪ ۾ جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. هُو تنظيم سازيءَ جو ماهر هو، ان ڪري هن پنهنجو ڌيان حڪومتي عهدن بدران پارٽيءَ کي مضبوط ڪرڻ تي مرڪوز رکيو. هو 1979ع ۾ پارٽيءَ جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر بنجي ويو، 1996ع ۾ جنرل سيڪريٽري ۽ 1998ع ۾ نائب صدر جي عهدي تي فائز ٿيو. گرجا پرشاد ڪوئرالا جي وفات کانپوءِ 2010ع ۾ کيس متفقہ طور نيپالي ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو. سندس سچائي ۽ جفاڪشيءَ جي ڪري 2013ع جي آئين ساز اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ نيپالي ڪانگريس وڏي پارٽي بڻجي اڀري، جنهن کانپوءِ 11 فيبروري 2014ع تي هن نيپال جي وزيراعظم طور حلف کنيو.

​وزيراعظم جي عهدي تي فائز ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ڪابينه جي ميمبرن پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا، ته سشيل ڪوئرالا سڄي دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو. هن وٽ نه ڪا زمين هئي، نه گهر، نه سون، نه ئي ڪو بئنڪ اڪائونٽ؛ سندس ڪل اثاثا صرف ٽي موبائل فون هئا، جن مان ٻه خراب هئا. سندس ان بي مثال سادگيءَ کيس عالمي سطح تي “دنيا جي سڀ کان غريب وزيراعظم” طور سڃاڻپ ڏني.

​سندس حڪمرانيءَ جو دور ٻن وڏن ۽ تاريخي واقعن جو شاهد رهيو. پهريون اپريل 2015ع جو خطرناڪ زلزلو هو، جنهن ۾ 9 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. سندس حڪومت ايمرجنسي امداد، بچاءُ جي عمل ۽ عالمي برادريءَ سان رابطن کي مؤثر انداز ۾ سنڀاليو. ٻيو ۽ سڀ کان وڏو سياسي ڪارنامو 20 سيپٽمبر 2015ع تي نيپال جي تاريخي آئين کي منظور ڪرائڻ هو. نئين آئين جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ڪيل واعدي موجب هن 10آڪٽوبر 2015ع تي وزيراعظم جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي.

​سڄي عمر مجرد رهندڙ سشيل ڪوئرالا کي پيار مان “سُشيل دا” سڏيو ويندو هو. هو ڪينسر جي موذي مرض سان به وڙهندو رهيو ۽ نيٺ 9 فيبروري 2016ع تي کٽمنڊو ۾ 76 سالن جي ڄمار ۾ نمونيا سبب هيءَ فاني دنيا ڇڏي ويو. کيس سرڪاري اعزاز سان رخصت ڪيو ويو ۽ اڄ به کيس نيپال جي تاريخ ۾ آئين ساز، سچي جمهوري ۽ بي لوث اڳواڻ طور ياد ڪيو ويندو آهي.

_________

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

نصير اعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ صحافي آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button