غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل جا سبب، نتيجا ۽ صلاحون
بلوچستان جي سرحد سان لڳندڙ لاڙڪاڻو ڊويزن، سنڌ جو اهو علائقو آهي جتي غيرت جي نالي تي سڀ کان وڌيڪ قتل جا واقعا پيش اچن ٿا. هتي ٻيا به ڪيترائي ڏوھ ٿين ٿا، جيڪي انساني حقن جي ڀڃڪڙي سان لاڳاپيل آهن. رياست، جيڪا انسانن جي جان ۽ مال جي حفاظت جي ذميوار آهي، هتي ناڪام نظر اچي ٿي. پنجويھ سال اڳ انھيءَ وقت جي ڊي آءِ جي ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسيءَ جي ھڪ رپورٽ آڌار لکيل ليک.

نسيم بخاري
سعادت حسن منٽو ڪمال جو ماڻهو هو.
هُو تلخ، پر حقيقتن تي ٻڌل سچ لکندو هو. منٽُو جون اهي ئي ڪيئي تکيون مٺيون ڳالهيون مون کي ياد اچي رهيون آهن. هن چيو هو ته “اسان جو سماج عورت کي ڪوٺو هلائڻ جي ته اجازت ڏئي ٿو، پر ٽانگو هلائڻ جي نه.”
اسان عورت صرف ان کي سمجهون ٿا جيڪا اسان جي گهر جي هجي، باقي عورت عورت نه، پر گوشت جو دڪان آھي ۽ اسان ان دڪان جي ٻاهران بيٺل ڪتن وانگر، جن جون هوس ڀريون نظرون سدائين گوشت تي ڄميل هونديون آھن.
مرد به عجيب مخلوق آهي.
زال ۾ طوائف واري ادا ۽ طوائف ۾ گھرواري واري وفاداري تلاش ڪندو آهي.
سعادت حسن منٽو جي انهن ڳالهيُن مان اسان جي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ ظلمن، استحصال، ذلت ۽ ناانصافي جي سچائي مڪمل طور تي ظاهر ٿئي ٿي.
تقريبن 25 سال اڳ لکيل هڪ تحقيقي رپورٽ منهنجي نظر مان گذري آھي، جنهن ۾ پوري دنيا جي عورتن، ۽ خاص طور سنڌ جي لاڙڪاڻي ڊويزن جي عورتن جي مختلف مسئلن، ڏکن ۽ مصيبتن جو ذڪر ٿيل آھي. اها رپورٽ اڄ به اوتري ئي اهم آهي، جيتري اها ان وقت هئي جڏهن لکجي رهي هئي ۽ مستقبل ۾ به اوتري ئي اهميت رکندڙ هوندي، جيتري سنجيدگي ۽ خلوص سان اها رپورٽ تيار ڪئي وئي.
جيڪڏهن اسان عورتن سان لاڳاپيل اھم ۽ بنيادي مسئلا، محروميون ۽ الميا هڪ ئي وقت سمجهڻ، ڏسڻ ۽ پڙهڻ چاهيون، يا انهن جا سياسي، سماجي، مذهبي، ثقافتي، جاگرافيائي، تاريخي، خانداني ۽ معاشي ڪارڻ ڪنھن حد تائين جاچڻ چاهيون ٿا، ته پوءِ اسان کي ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسيءَ جي 13 صفحن تي مشتمل ھڪ مختصر پر جامع رپورٽ جو جائزو ضرور وٺڻ گهرجي.
هيءَ رپورٽ ٻڌائي ٿي ته بلوچستان جي سرحد سان لڳندڙ لاڙڪاڻو ڊويزن، سنڌ جو اهو علائقو آهي جتي غيرت جي نالي تي سڀ کان وڌيڪ قتل جا واقعا پيش اچن ٿا. هتي ٻيا به ڪيترائي ڏوھ ٿين ٿا، جيڪي انساني حقن جي ڀڃڪڙي سان لاڳاپيل آهن. رياست، جيڪا انسانن جي جان ۽ مال جي حفاظت جي ذميوار آهي، هتي ناڪام نظر اچي ٿي.
هتي غيرت جي نالي تي قتل روز جو معمول بڻجي ويو آهي. لاڙڪاڻو ڊويزن پنجن ضلعن تي مشتمل آهي: لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، ۽ ڪنڌڪوٽ-ڪشمور. پر انھن مڙني مان گھڻا واقعا ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۾ پيش آيا.
اسلام ۾ غيرت جي نالي تي قتل جو ڪو تصور ناهي، ۽ نه ئي ڪنهن به زيادتيءَ جي اجازت آهي. اسلام قانون کي پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ جي به اجازت نٿو ڏئي، ۽ نه ئي ڪنهن فرد کي اجازت آهي ته هو پنهنجو فيصلو يا پنھنجي مرضيءَ جو انصاف ٻين تي مڙهي. اهڙي عمل سان افراتفري ۽ لاقانونيت جنم وٺي ٿي.
انگريزن جي دور ۾ عورتن جون وڏي پيماني تي خودڪشيون رپورٽ ٿينديون هيون، جنهن سبب انگريز حڪمران پريشان ٿيا. تحقيق کان پوءِ خبر پئي ته اهي اصل ۾ خودڪشيون نه هيون، پر غيرت جي نالي تي ڪيل قتل هئا، جن کي رشتيدار خودڪشي ظاهر ڪن پيا.
انگريز حڪمران چارلس نيپيئر سنڌ ۾ ميجسٽريٽن کي حڪم ڏنو ته جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ عورت جي خودڪشي رپورٽ ٿئي ته سموري ڳوٺ کي ان ڏوهه جي سزا ڏني ويندي، جنهن مان هڪ سزا ڳرو ڏنڊ به آهي.

مٿي بيان ڪيل سڀ حوالا ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسيءَ جي تحقيقي رپورٽ مان ورتل آهن، جيڪا غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل جي پسمنظر ۾ لکي وئي هئي. اها رپورٽ ڊاڪٽر عباسي زيبسٽ مان ايم فل واسطي لکي هئي، جڏهن هو لاڙڪاڻي ۾ ڊي آءِ جي سنڌ پوليس طور ڪم ڪري رھيو ھو.
ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسيءَ جي خوبي اها آهي ته جتي به رهيو آھي ، اتي ڪا نه ڪا تحقيق ڪئي اٿائين ۽ سماج يا ادارن کي ڪا نئين شئي ڏئي ويو آھي . هن رپورٽ ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جي مختلف ضلعن ۾ عورتن جي قتل جا انگ اکر ڏنا ويا آهن، ۽ تفصيل سان ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي ضلعي ۾ ڪهڙي سال عورتن جي موت جي شرح ڪيتري رهي آھي، ڪيترا ڪيس داخل ٿيا آھن ، ڪيتريون گرفتاريون ٿيون آھن ، ۽ ڪيترا ڪيس اڃا تائين جاچ ۾ آهن.
ڊاڪٽر عباسيءَ پنهنجي تحقيق ۾ ٻڌايو آهي ته غيرت جي نالي تي قتل جو سلسلو قديم رومن دور کان هلندو اچي ٿو، ۽ اهو پاڪستان، افغانستان، ايران، هندستان، اسرائيل، اردن، سويڊن، اٽلي، مراڪش، يوگنڊا، ترڪي ۽ عراق تائين پکڙيل رهيو آهي.
رپورٽ ۾ حيرت جو اظهار ڪيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ اسان جي علائقي ۾ عورتن کي عزت سان ڏٺو ويندو آهي، پر ساڳئي وقت عورتون هتي سخت تشدد ۽ امتيازي سلوڪ جو شڪار پڻ آھن.
عورتن سان امتيازي سلوڪ جو بنياد اها سوچ آهي ته عورت تخليق جي لحاظ کان مرد کان گهٽ آهي، تنهن ڪري هن جي عزت، سڃاڻپ، ڪاميابي، ۽ انسانيت به مرد جي مقابلي ۾ گھٽ درجي جي آهي. عورت جي بي قدري ۽ ان سان خراب سلوڪ نه اسانجي مذهبي، ثقافتي يا انساني قدرن مطابق آهي، ۽ نه ئي فطرت جي اصولن مطابق. پر عورت کي هڪ مال جيان سمجهيو ويندو آهي، ۽ ان تصور کي باقاعده قوت بخشي ويندي آهي، جنهن ڪري معاشري ۾ بي ترتيبي ۽ اڻ برابري پيدا ٿئي ٿي.
ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسي چوي ٿو ته: مرد ۽ عورت جي وچ ۾ فرق کي محسوس ڪرڻ ۽ ان کي مڃرائڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته ٻئي انسان هجڻ جي حيثيت سان برابر اھميت جا مالڪ آھن. فطرت هڪ واضح ۽ برابر توازن قائم ڪيو آهي، جيڪو ڪنهن به جنس سان امتيازي سلوڪ جو جواز نه ٿو بڻجي. غيرت جي نالي تي ڏوهن جو سلسلو عورت تي ضابطي ۽ داٻي رکڻ جي خواهش سان آهي. جاگيرداري نظام ۾ سماج جي اهڙي سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي.
جڏهن عورت جي حيثيت کي سمجهيو ويندو ۽ ان تان اڻ سڌي غلامي جو طوق لاٿو ويندو، تڏهن ئي سماج ترقي ڪري سگهندو.
ذهني تبديلي، امتيازي روين، رُجحانن ۽ قانون جي خاتمي لاءِ مددگار ٿي سگهي ٿي. تعليم ذريعي جاگيرداراڻا خيال ختم ڪري سگهجن ٿا، ڇاڪاڻ ته قبيلائي فلسفي تي هلڻ ماڻهن کي بڇڙن رستن تي وٺي ٿو وڃي.
___________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



