Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

نوجوانن کي سوشل ميڊيا جي ڪُوڙي دنيا کان بچائي حقيقتن جي دنيا ڏانھن آڻيو

ٻارن کي نصابي ڪتابن سان گڏ راندين، ادب، موسيقي ۽ فنون لطيفا جي دنيا سان متعارف ڪرايو، خيرپور ۾ رچايل رھاڻ ۾ آمريڪا مان آيل ڪمپيوٽر انجنيئر ۽ ڪھاڻيڪار فريد ڀُٽو جو اظھار  

خيرپور: نوجوانن کي سوشل ميڊيا جي ڪُوڙي دنيا کان بچائي حقيقتن جي دنيا ڏانھن آڻيو۽ ٻارن کي نصابي ڪتابن سان گڏ راندين، ادب، موسيقي ۽ فنون لطيفا جي دنيا سان متعارف ڪرايو.

”سڄي دنيا پنھنجي آھي، نوجوان ملڪ کان ٻاھر نڪرن ۽ ھڪ نئين زندگي دريافت ڪن،“ اھي ڳالھيون آمريڪا ۾ رھندڙ سنڌي ليکڪ ۽ ڪمپيوٽر انجنيئر فريد ڀُٽَي گذريل ڏينھن ھتي پوپٽ پبلشنگ ھائوس پاران، سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي خيرپور ۾ ساڻس ملھايل رھاڻ ۾ ڪيون.

فريد ڀُٽَي چيو تہ سورن وارا جڏھن گڏجي ويھي سُورن پچار ڪندا، تہ انھن سُورن جو حل بہ ضرور نڪرندو.

انھيءَ موقعي تي مختلف مقررين چيو تہ فريد ڀٽو آمريڪا ۾ رھندي سنڌ جو ثقافتي سفير آھي. نامياري شاعر ايازگل چيو، ”فريد ۽ مان فطرت جا عاشق آھيون، فوٽو گرافي اسان ٻنھي جو شوق آھي، مان ٻہ دفعا امريڪا ويو آھيان، فريد ھڪ روايتي سنڌيءَ جيان اسان جي مھمان نوازي ڪئي. اسان آمريڪا ۾ ڪلبون ۽ جوئا خانہ نہ پر ڍنڍون ۽ پھاڙ ڏٺا. ھُو نوجوان سنڌي ڇوڪرن ۽ خاص ڪري نياڻين کي آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم لاءِ ھمٿائيندو رھي ٿو.“

ھاري حقن جي اڳواڻ مير منور ٽالپر چيو تہ فريد ڀٽو منجهہ اڳتي وڌڻ ۽ سماج جي ڪمزور طبقن جو ڀرجهلو ٿيڻ جو جذبو ننڍپڻ کان وٺي ھيو. ھن ساٿي ٻارڙا سنگت ۽ ڊي ايس ايف ۾ بہ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. ھو ڪمپيوٽر انجنيئر آھي، ھن اتر سنڌ ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم جا بنياد وجهڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.

پروفيسر شاھہ محمد لھراڻيءَ چيو تہ فريد ڀٽو مسلسل جاکوڙ جي علامت آھي، سکر ۾ ”سيبا“ ۽ ان کان پوءِ ”آءِ بي اي“ جي قيام ۾ مان، فريد ڀٽو ۽ نثار صديقي گڏ رھياسين، پر فريد ھر ڪم خاموشيءَ سان ڪيو آھي.

ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻيءَ چيو تہ فريد ڀٽو ھڪ سٺو پيءُ، ھڪ سٺو دوست ۽ ھڪ سچو سنڌي آھي. سندس ٻار سائنس ۽ طب جي ميدان ۾ آمريڪا ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪري رھيا آھن، ھو پاڻ نہ صرف سنڌين پر ٻين ٻولين وارن آمريڪا ۾ رھندڙ پاڪستانين جو اڳواڻ آھي.

قربان منگيءَ چيو تہ فريد ڀٽو پوپٽ ٻالڪ رسالي، سنڌ ٻالڪ سنگت، ۽ سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي ۾ خيرپور جي پھرين ڪمپيوٽر سينٽر جي قيام واري سفر جي مرحلن ۾ اسان جو ساٿي رھيو آھي. ھو بنيادي طرح ڪھاڻيڪار بہ آھي. نوجوانن جي ڪيرئر ڪائونسلنگ بہ ڪندو رھي ٿو.

تقريب کي استاد عبدالغفور سومرو، انجنيئر نور محمد سومرو، انجنيئر فھيم سومرو، انجنيئر فريد مگسي، انجنيئر نياز مري، ڊاڪٽر سليم ڀٽو، ڊاڪٽر آفتاب لاشاري، پروفيسر سلام شيخ،  ڊاڪٽر ذوالفقار چنا، آغا عيدن پٺاڻ، ايڊوڪيٽ منظور لاڙڪ، اختر کوکر، ضمير لاشاري، امتياز ڦلپوٽو، ڪريم بلوچ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

مھمانن فريد ڀٽو کي وڏي تعداد ۾ اجرڪن، گلن ۽ ڪتابن جا تحفا پيش ڪيا. شريف عباسيءَ لطيف سائينءَ جو ڪلام ۽ ان کان پوءِ ايازگل جي وائي ڳائي. اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض  شاعر، ڪمپيئر ۽ ڪالم نگار امراقبال نڀايا.

تقريب ۾ ڊاڪٽر ابراھيم کرل، ياسين جوڻيجو، منظور خاموش، تاج سروھي، روشن شيخ، آزاد انصاري، ڊاڪٽر مراد خميساڻي، ڊاڪٽر اڪبر سوڍڙو، ڊاڪٽر الھورايو پنھيار، ڊاڪٽر عاشق چنا، مجيد منگي، شوڪت منگي، ڊاڪٽر علي رضا لاشاري، ڊاڪٽر عرفان منگي، انورچنا، پروفيسر امير گل ڪٽوھر، خادم منگي، ڪليم شيخ، راحيل بڙدي، فقير ڦليو، احمد علي مسافر، خليق ڀنڀرو، نذير پتافي، بشارت رسول سھرياڻي، ساگر صفي الله شر، سلمان چنا، خادم جوڻيجو سميت مھمانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. (پريس رليز)

____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button