Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

طبقاتي نظام سنڌ جي علم ادب جي شعبي ۾ بہ ڪاھي پيو آھي

سنڌ جا سڀ پبلشنگ ادارا صرف ھڪ ٻن يا مخصوص اديبن ليکڪن جا ڪتاب شائع ڪن ٿا. ان مان ڪمائين بہ ٿا. اھي ھر اديب ليکڪ جو ڪتاب شائع ڪونه ٿا ڪن. چوندا: سائين اوھان جو نالو ايترو مشھور ڪونھي. اڳ ۾ به اوھان جو ڪو  ڪتاب شايع ٿيل ڪونھي. اسان کي پنج سئو ڪاپين جا پئسا ڏيو ته ڪتاب شايع ڪريون، ٻي صورت ۾ اوھان ھي مسودو کڻي وڃي سگھو ٿا. ڌڪو ٿيلھو ڪونه ڏيندا پر لفظي مار ضرور ڏيندا آھن. سرڪاري پبلشنگ ادارا ته سرڪاري ڪامورن ۽ درٻاري ليکڪن جي لاءِ مخصوص ٿيل آھن، جتي صرف درٻاري ليکڪن ۽ مورخن جا ڪتاب شايع ڪرڻا آھن.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

خاصخيلي لطيف راولاڻي

 اسان جو علمي ادبي معاشرو اڃان ھڪ صدي پوئتي آھي. خاص طور تي اسان جي سنڌي سماج ۾ ھڪ تہ ڪتاب پڙھڻ  ۽ خريد ڪرڻ جي شرح  ڏينھون ڏينھن گھٽجندي ٿي وڃي تہ ٻيو مسئلو  پبلشرن جا رويا ۽ ڳاٽي ڀڳا خرچ. اڳ ۾ ته معاشري ۾ طبقاتي نظام ڏسندا ھئاسين جنھن ۾ ھر ڪم طبقاتي حساب سان ٿيندو رھيو آھي، پر ھاڻي اھو طبقاتي نظام علم ادب جي شعبي ۾ به ڪاھي پيو آھي.

 پاڪستان ۽ سنڌ کان علاوه جيڪي به علمي ادبي شعوري ملڪ آھن اتي پبلشنگ ادارا پاڻ وڃي ليکڪن کان مواد وٺي ڪتاب شائع ڪرائين ٿا. آمريڪا ۽ برطانيا ۽ ويندي پاڙيسري ملڪ انڊيا ۽ چين ۾ ليکڪ صرف ڪتاب لکن ٿا، باقي ڇپائيءَ جو سڄو ڪم پبلشنگ ادارا ڪن ٿا ۽ ليکڪ کي معاوضو به ڏين ٿا. ڪتاب وڪرو ڪن ٿا ۽ ان جي ڪمائيءَ تي ليکڪن کي رائلٽي به ڏين ٿا پر اسان وٽ انھيءَ جي ابتڙ ٿئي ٿو.

ليکڪ پاڻ ئي  پئسا خرچ ڪري پبلشرن وٽ وڃي ڪتاب شائع ڪرڻ لاء چوندو آھي. ان کان پوءِ به ڪافي مھينا ۽ ڪڏھن  ته سال به لڳي ويندا آھن. خبر پوندي آھي ته پبلشر گم ٿي ويو. لکيل مواد به ويو ته پئسا به ويا. ليکڪ جا ٻئي ھٿ مٿي تي،  چپ ڪري ويھي رھندو آھي.  ويٺو جھونگاريندو تہ ماروئڙا فقير ڪنھن در ڏين دانھڙي.  پبلشنگ ادارا جيڪي رجسٽر ٿيل ڪونه ھوندا آھن انھن جي دانھن ڪنھن کي ڏجي.  ادبي دنيا ۾ ڪو ڪامورو سرڪاري اديب ڪتاب شايع ڪرائيندو آھي  پنھنجي خرچ تي ۽ پوءِ اعزازي ڪاپيون  پنھنجن ويجھن دوستن مٽن مائٽن ۽ پنھنجي طبقي جي فردن کي ڏيندو آھي. ٻيو ڪو علمي ادبي دوست ڪتاب  گھرندو ته ھزارين ڳالھيون ٻڌائيندو ۽ فيس بڪ تي طبقاتي  اديبن وانگر  لکندو ته اعزازي ڪاپي بند آھي پئسا ڏيئي خريد ڪريو. اڪثر اعلان ڪيا ويندا تہ ڪتاب جي قيمت پڪي جلد سان اعلى ڇپائي آفسٽ پيپر سان صرف ٽي ھزار رکي وئي آھي. ٽي ھزار موڪليو + پوسٽ جو خرچ ، سڀ ملائي ٽي ھزار پنج سو موڪليو ته ڪتاب موڪلجي، ٻي صورت ۾ اعزازي ڪاپيءَ لاءِ معذرت.

 طبقاتي نظام تحت جيڪڏھن اوھان وزير آھيو، سرڪاري آفيسر آھيو، ڪنھن وڏي عھدي تي ۽ مشھور ليکڪ آھيو ته اوھان لاءِ ڪتاب جي اعزازي ڪاپي حاضر آھي. اھي آھن حال اسان جي ليکڪ ۽ پبلشنگ ادارن.  عام پڙھندڙن لاءِ اعزازي ڪاپي بند. الٽو گھٽ وڌ ڳالھائيندا ۽ بيعزتي به ڪندا ۔۔ اھو ڪڙو سچ ۽ حقيقت آھي. ڪو افسانو ۽ ٺاھيل قصو ڪونھي.

 اسان وٽ سنڌي معاشري ۾ ٻن ٽن قسمن جا اديب دانشور آھن. ھڪ اھي جيڪي پنھنجي ھڻان وڙان خرچ ڪري ڪتاب شايع ڪرائي مفت ۾ ورھائين ٿا ته ٻيا ان جي ابتڙ آھن. ھتي به طبقاتي سماج وچ ۾ ڪاھي پيو آھي. علم ادب به طبقاتي نظام جي ور چڙھي ويو آھي ۔

 سنڌ جا پبلشنگ ادارا  پاڻ  چون به ٿا تہ ڪتابي ميلن ۾ لکين روپيا ڪمائيندا  آھن، رڪارڊ ڪتاب وڪرو ٿيندا آھن. ان صورت ۾  سندن اخلاقي ۽  قانوني فرض ٿو ٿئي ته اھي ليکڪ کان ڪتاب وٺي شائع ڪرائين ۽ ان مان ڪمائيءَ جو ڪجھ حصو ڪتابن جي صورت ۾ يا وري  رقم ليکڪن کي ڏين ته جئين  اعزازي ۽ مفت جي ڪاپين جو مسئلو به حل ٿي سگھي ۽  ليکڪ به وڌيڪ ڪتاب لکڻ لاء ذھني ۽  جسماني طور تيار ٿئي.

  ڏٺو ويو آھي سنڌ جا سڀ پبلشنگ ادارا صرف ھڪ ٻن يا مخصوص اديبن ليکڪن جا ڪتاب شائع ڪن ٿا. ان مان ڪمائي به حاصل ڪن ٿا پر شڪر ڪونه ٿا ڪن. ھر اديب ليکڪ جو ڪتاب شائع ڪونه ٿا ڪن. چوندا: سائين اوھان جو نالو ايترو مشھور ڪونھي. اڳ ۾ به اوھان جو ڪو  ڪتاب شايع ٿيل ڪونھي. اسان کي پنج سئو ڪاپين جا پئسا ڏيو ته ڪتاب شايع ڪريون، ٻي صورت ۾ اوھان ھي مسودو کڻي وڃي سگھو ٿا. ڌڪو ٿيلھو ڪونه ڏيندا پر لفظي مار ضرور ڏيندا آھن.

 تازو ڪراچي جي ھڪ پبلشر چيو اوھان جو ڪتاب شايع نه ڪنداسين. اسان جو نالي وارو مشھور ادارو آھي. اسان ھن اداري مان ڪراچيءَ جي مھانگي سوسائٽي ۾ بنگلو خريد ڪيو آھي، زيرو ميٽر الٽو ڪار به خريد ڪئي آھي ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ حاصل ڪيو آھي. اوھان پنھنجو ڪتاب فلاڻي پبلشر (باقاعده نالو وٺي) کي ڏيو، اھو شايع ڪندو. اسان صرف معياري ۽ ناليوارن اديبن ليکڪن جا ڪتاب شايع ڪندا آھيون .

انساني رويا سماج تي انتھائي خراب نموني سان اثر انداز ٿين ٿا. انسان پاڻ خراب نه ھوندو آھي پر ان کي سندس رويا يا روش خراب ڪندي آھي. سماج جي ھر شعبي ۾ اھا حالت گھر ڪري وئي آھي. ھاڻي ته اھا روش پڀلشنگ ادارن ۽ ليکڪن ۾ به موجود آھي جو انھن جا رويا انسان کي مايوسي ڏانھن ڌڪين ٿا. سرڪاري پبلشنگ اداري جو ته ذڪر ڪونه ٿا ڪريون، اھي ته سرڪاري ڪامورن ۽ درٻاري ليکڪن جي لاء مخصوص ٿيل آھن، جتي صرف درٻاري ليکڪن ۽ مورخن جا ڪتاب شايع ڪرڻا آھن. ان کان علاوه شاه سچل ۽ قلندر جي ميلي تي ادبي ڪانفرنسون ڪرائي لکين روپيا خرچ ڪرڻا آھن  پر ڪنھن بي پھچ  ليکڪ جا ڪتاب سائع ناھن ڪرڻا. 

____________

Latif Rawlani-TheAsiaN

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button