سنڌي ادب: اسان زندگيءَ کي سڀاڻي تي رکي ڇڏيو (آزاد شاعري)
شاعر نثار ٻانڀڻ
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ رھندڙ نثار ٻانڀڻ اصل خيرپور ضلعي جي تعلقي ميرواھ جي ڳوٺ مير محمد ٻانڀڻ جوآھي. کيس مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو پنجويھ ورھين جو تجربو آھي. حُن ٽي سال صحافت بہ ڪئي ۽ ٻن ڏھاڪن کان ھڪ سرڪاري اداري سان لاڳاپيل آھي. انگريزي، سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ اسڪرپٽ رائيٽنگ، اسڪرين رائيٽنگ، شاعري، مضمون ۽ ڪھاڻيون لکڻ جي حوالي سان کيس ڄاتو وڃي ٿو. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف اخبارن رسالن ۾ ڇپجندا رھن ٿا.

اسان زندگيءَ کي سڀاڻي تي رکي ڇڏيو
صبح جو جيئن اک کلي ٿي ته ايندڙ ڏينهن
موبائل جي اسڪرين تي چمڪندڙ
اوچتي هڪ ايس ايم ايس وانگر وڄي ٿو پوي
ڪو نئون حساب، ڪا نئين ڳڻتي ۽ ڳاراڻو،
ڪو اهڙو ڪم جيڪو اڃا ٿيو ئي ناهي،
پر دل جي دروازي تي ڪَرَ کڻي اچي بيٺو آهي،
پردي مان ڇڻي ايندڙ روشنيءَ جي هڪ سنهي ليڪ
سس پس ڪري چوي ٿي،
اُٿ، تنهنجو ڏينهن آهي اڄ..!
پر اسان، سڀاڻي جي پيرن جي آهٽن جا آواز
پنهنجي سماعتن ۾ لاهيون ٿا
آفيس ڏانهن ويندي سڄي واٽ،
گهر جا خرچ کيسي ۾ پيل پٿرين وانگر
دل کي ڳرو ڪندا رهن ٿا،
ٻارن جون فيسون، گهر جون ضرورتون،
ڌيئرن جي شاديءَ جا خرچ،
پُٽن جا پرڻا ۽ پرواهون،
ٻچن لاءِ ذاتي ڇت هجڻ جو خواب،
۽ بئنڪ ۾ رکايل پوڙهائپ جي لاءِ بچايل ڪجھ مُوڙي
جنهن کي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن دل پاڻ کان ئي پڇي وٺي ٿي،
خبر ناهي، زندگيءَ جا باقي بچيل ڏينهن ڪيئن گذرندا؟!
رات ٿئي ٿي ته شهر پنهنجي ٿڪاوٽن کي
رستن جي ڪنارن تي رکي سمهي ٿو پوي،
پر اسان جا پراڻا گهاوَ ماٺيڻن پکين وانگر اچي ڇت تي ويهن ٿا،
ننڊ اکين جي ڪنارن تي اڏامي لهي ٿي،
ته سڀاڻي جو ڳڻتي ورتل صبح کيس واپس سڏي وٺي ٿي
اسان جيئرا ڪڏهن آهيون؟
اسان ته هڪ پل کان ٻئي لمحي تائين
پنهنجي ئي فڪر کي ڪلهن تي کڻي هلندا رهون ٿا،
شايد اسان زندگيءَ کي هڪ ڊگهي قطار سمجهي ورتو آهي،
جنهن جي آخري ڇيڙي تي سڪون بيٺو آهي.
ننڍپڻ ۾ اسڪول جي گهنٽي وڄندي هئي
ته لڳندو هو ڪاليج ايندو ته زندگي بدلجي ويندي،
ڪاليج آيو ته يونيورسٽي پري ٻرندڙ ڏيئي وانگر سڏيندي رهي،
يونيورسٽي آئي ته نوڪري وري سڪون جو وڏو گهر لڳي،
نوڪري ملي ته سوچيوسين هاڻي شايد زندگي پنهنجو اصل روپ ۾ ايندي،
۽ هاڻي، جڏهن نوڪريءَ جا ڪجهه ڏينهن وڃي بچيا آهن،
ته الڪن جي الماري کولڻ سان ارمان اڃا تائين تہه در تہه رکيل نظر اچن پيا،
ڪجهه خواب اڃا تائين پنهنجون اکيون کولڻ جي انتظار ۾ آهن،
ڪجهه خواب گهر جي ڇت تي پهرين مينهن جي وسڪاري وانگر لهڻ چاهين ٿا
ڪجهه خواهشون ٻارن جي هٿن ۾ پنهنجون خوشيون رکي
سندن شاديون ۽ شادمانا ڏسڻ چاهين ٿيون،
۽ ڪجهه فڪر پوڙهائپ جي دروازي تي
هڪ وسامندڙ ڏيئي وانگر ٽمٽمائي رهيا آهن،
سوچيان ٿو جڏهن پيرن ۾هاڻي جهڙي رواني
۽ بيهڻ جي سگھ نه رهندي،
جڏهن صبح جلدي ٿڪائي ڇڏيندي،
جڏهن شامون ڊگهيون ٿي وينديون،
رات ڪات بڻجي ڪوريندي،
جڏهن دوائون، ضرورتون ۽ ماٺ ساڻ اچي ويهنديون،
تڏهن؟! …. تڏهن هيءَ زندگي ڇا جي سهاري گذرندي؟
۽ پوءِ دل پنهنجي ئي سوال تي مرڪي ٿي،
سڪون؟!
اسان ته ان کي به سڀاڻي جي تاريخ ڏئي ڇڏي هئي،
اسان چانهه پيتي پر ان جي سڳنڌ محسوس نه ڪئي،
پيالو هٿ ۾ هو ۽ ذهن ايندڙ ڪنهن بل جو حساب ڪري رهيو هو،
اسين کلياسين به، ته کل چپن تائين اچي واپس موٽي وئي،
ڄڻ ڪو پکي کليل دري ڏسي به اڏامڻ کان ڊڄي.!
ٻار ڀرسان ويٺا هئا، ۽ اسان سندن مستقبل جي فڪر ۾
ايترو پري هليا وياسين جو سندن اڄ ۾ پنهنجو هجڻ ئي وساري ويٺاسين،
حالانڪه ٻارن جو ساٿ به هڪ رزق آهي،
سندن آواز ۾ پنهنجو نالو ٻڌڻ،
سندن ڪنهن مسئلي ۾ سڀ کان پهرين ياد اچڻ،
سندن ڪاميابيءَ تي پنهنجين اکين جو نمي سان ڀرجي وڃڻ،
۽ ڪڏهن سندن بنا ڪجهه چوڻ جي اچي ڀرسان ويهي رهڻ،
هي به ته زندگي آهي، حيات جون منزلون آهن،
اسين سندن لاءِ گهر ٺاهيندا رهياسين،
۽ هو اسان کي گهر ۾ هجڻ جو احساس ڏيندا رهن ٿا!
اسين سندن مستقبل محفوظ ڪرڻ ۾ لڳا رهياسين،
۽ پنهنجو اڄ سندن مسڪراهٽن ۾ رکيل ڏسي ئي نه سگهياسين
ڪڏهن ڳوٺ ۾رات جو ڇت تي ليٽندو آهيان،
ته چنڊ اڃا به ساڳيو آهي، اهو ئي چنڊ جيڪو ننڍپڻ جي راتين ۾
امان جي هٿ مان ڇڄي ويل هڪ اڇي بٽڻ وانگر
آسمان جي قميص تي ٽانڪيل هوندو هو،
تارا به ساڳيا آهن، هوا به ساڳي آهي، رات جي ماٺ به
پنهنجي پراڻي چادر اوڍي اتي ئي ويٺي آهي،
رڳو اسين بدلجي ويا آهيون.!
اسان گهڙيءَ کي وقت سمجهي ورتو،
۽ وقت کي مُٺ ۾ بند ڪرڻ چاهيو،
پوءِ هڪ ڏينهن ڏٺوسين مُٺ ۾ رڳو ليڪون بچيون هيون،
وقت واريءَ وانگر آڱرين مان وهي ويو هو!
يارو…! زندگي ريلوي اسٽيشن ناهي،
جو اسين هر وقت ايندڙ گاڏيءَ جو انتظار ڪندا رهون،
زندگي ته اهو پليٽ فارم آهي جنهن تي هن مهل اسين بيٺا آهيون،
هيءُ ساهه جيڪو هن پل سيني اندر ڏيئي جي لوءَ وانگر ٻري رهي آهي،
بس اها ئي گهڙي آهي اسانجي ايندڙ پل اڃا جنميو ئي ناهي
ان جو روپ خدا وٽ آهي.
پوءِ ڇو هر موجود پل جي ڪلهي تي ايندڙ وقت جو بار رکي هلون ٿا؟
پنهنجي ڇت ٺاهيو، ٻارن جون شاديون ڪيو، پوڙهائپ لاءِ ڪجهه بچائي رکو
مستقبل جا دروازا کليل رکو،
پر… انهن سڀني جي وچ ۾ پنهنجي اڄ کي يتيم نه ٿيڻ ڏيو!
چانهه پيئو، ان جي ٻاڦ کي ڪجهه دير چهري ڀرسان رهڻ ڏيو،
مينهن وسي ته ڪڏهن ڇٽي گهر ۾ ڇڏي اچو،
آسمان جو پاڻي ڪڏهن ڪڏهن اندر جي دزُ به ڌوئي ڇڏيندو آهي،
ٻار کِلي ته ان جي کل ۾ پنهنجو وڃايل ننڍپڻ ڳولي وٺو،
سندس ڪلهي تي هٿ رکو، ڪجهه نه چئو، رڳو ايترو محسوس ڪريو
ته اوهان جي هٿ هيٺان اوهان جي سموري زندگي ساهه کڻي رهي آهي،
ٻار ساڻ هجن ته ساڻن سان گڏجي ويهو.
سڀاڻي شايد اهو ئي ڪمرو هوندو،
اهي ئي ڪرسيون هونديون،
پر آواز انهن جي طئه ڪيل پنهنجن پنهنجن گهرن ۾
يا وري ڏور ٻين شهرن جا ٿي چڪا هوندا،
امان سڏي ته سڀ ڪم ڇڏي ان آواز ڏانهن وڃو،
ڪجهه آواز ٻيهر ناهن ايندا،
۽ جڏهن سجدي ۾ وڃو ته پنهنجيون سموريون گهڙيون ٻاهر لاهي وڃو،
نه سڀاڻي، نه پرينهن، نه ايندڙ پرھ، رڳو هڪ ٻانهو،هڪ سجدو،
هڪ ڌڙڪندڙ دل ۽ الله سائين!
شايد زندگي ايتري ئي هئي
هڪ ڪوپ چانهه جيتري،
هڪ ٻار جي مسڪرائڻ جيتري،
امان جي هڪ سڏ جيتري،
مينهن جي هڪ ڦڙي جيتري،
سجدي ۾ ڪريل هڪ ڳوڙهي جيتري،
اسين ان کي هميشه وڏن ڏينهن ۾ ڳوليندا رهياسين،
جڏهن ته اها ننڍڙن ننڍڙن پلن ۾ اسان جي آڱر پڪڙي هلندي رهي،
اسين هر لمحي کي چيو’’سڀاڻي جيئنداسين.‘‘
۽ سڀاڻي ڪڏهن به جواب نه ڏنو.،
اڄ هڪ اهڙو پل جيئو جنهن تي ڪو ٻيو پل سوار نه هجي،
نه ايندڙ سڀاڻي جو پاڇو، نه گذريل ڪالهه جي ڇار….رڳو هيءُ پل،
ان کي هٿ جي تريءَ تي رکيل پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي وانگر محسوس ڪريو،
ڪرڻ کان اڳ ان کي پورو ڏسو، فڪر ڪريو، پر فڪر کي پنهنجي ساهه نه بڻايو،
بچايو، پر بچائيندي بچائيندي زندگي خرچ نه ڪري ڇڏيو،
ٻارن جو مستقبل سنواريو، پر سندن اڄ جي چهري تان پنهنجون اکيون نه هٽايو،
گهر ٺاهيو، پر ان گهر ۾ پاڻ رهڻ به ياد رکو،
پوڙهائپ لاءِ ڪجهه بچائي رکو پر اڄ جي شام به پنهنجي نالي لکو،
ڇو ته شايد زندگي ڪڏهن اسان کان پري وئي ئي نه هئي،
اسين ئي هر ڀيري ان کي ’’ايندڙ پل‘‘ جي گهر موڪليندا رهياسين،
۽ جڏهن موٽي ڏٺوسين، ته فقط هٿ ۾ گهڙي هئي، وقت نه!
ساهه هيو، زندگي نه!
تڏهن سمجهه ۾ آيو زندگي ڪنهن وڏي ڏينهن جو نالو ناهي،
اها ته ننڍڙن ننڍڙن پلن جي اها مالها آهي،
جنهن جو هر موتي اسين ’’سڀاڻي‘‘ چئي هٿن مان ڪيرائيندا رهياسين،
زندگي گذارڻ لاءِ ناهي، زندگي جيئڻ لاءِ آهي،
۽ شايد جيئڻ رڳو ايترو ئي آهي، جيڪو پل هن وقت اوهان جي سامهون آهي،
ان ۾ پنهنجو سمورو وجود رکي ڇڏيو،
۽ پهريون ڀيرو ان کي ’’سڀاڻي‘‘ نه چئو!
__________________

نثار ٻانڀڻ



