ننڍو مُلڪ، عالمي حڪمت عملي: سنگاپور جيو پوليٽيڪل ھلچل کان آجو
1965ع ۾ آزاديءَ کان وٺي، سنگاپور نه صرف بچي ويو آهي پر پوري دنيا کي پنهنجو هِنٽرلينڊ بڻائڻ واري حڪمت عمليءَ ھيٺ ترقي به ڪئي آهي.

ليکڪ: آئيوان لِم، ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر
سنگاپور: وچ اوڀر جي ڊگهي هلندڙ تڪرار، جيڪو 28 فيبروري تي ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي سان شروع ٿيو هو، سنگاپور لاءِ انتهائي ڳڻتيءَ جو سبب رهيو آهي. توانائيءَ جي فراهميءَ ۾ رڪاوٽن کان وٺي هرمز لنگھ جي بندش ذريعي کاڌي جي سپلاءِ چين جي معطلي، ۽ هاڻي تهران پاران ان اهم آبي گذرگاهه تان لنگھندڙ مالبردار جهازن تي ٽيڪس (ٽول) مڙهڻ شامل آهن.
24 جولاءِ تي، ٽرمپ انتظاميا سنگاپور تي 12.5 سيڪڙو نوان ٽئرف مڙهي ڇڏيا آهن، جنهن سان ان ننڍڙي ملڪ جي اقتصادي اميدن کي هڪ نئون ڌڪ رسيو آهي.
سنگاپور جي آمريڪا ڏانهن مقامي برآمدات جو لڳ ڀڳ چوٿون حصو نئين ‘سيڪشن 103’ شرح تحت ٽئڪس جي زيرِ اثر اچڻ جو امڪان آهي جيڪو گذريل هفتي ختم ٿيندڙ 10 سيڪڙو عالمي ليويءَ کان وڌيڪ آهي. سنگاپور آمريڪي واپاري نمائندي پاران مڙهيل جبري پورھئي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ نئين معاهدي لاءِ ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
تحفظ پسندي (Protectionist) وارو قدم سمجهيو ويندڙ هي ليوي يورپي يونين، چين ۽ ٻين ايشيائي قومن سان گڏوگڏ آسيان (ASEAN) جي ميمبرن ملائيشيا، ڪمبوڊيا، ويٽنام ۽ ٿائلينڊ تي به مڙهيو ويو آهي، جڏهن ته انڊونيشيا تي آمريڪا سان ٻه طرفي واپاري معاهدي تحت 10 سيڪڙو ليويءَ مڙھيل آهي.
پنهنجي مستقبل جي ترقيءَ لاءِ انهن ڏکين چئلينجن کي منهن ڏيندي، سنگاپور هرمز لنگھ ۾ مالبردار جهازن کي درپيش خطرن تي باقاعدي آواز اٿاري رهيو آهي، جنهن ۾ ڳاڙھي سمنڊ ۾ سعودي عرب جي تيل تنصيبات تي حوثين جي نئين حملن جي مذمت ڪرڻ، ۽ فاسٽ ٽريڪ “سڀني رخني واري سفارتڪاري” (Omni-dimensional diplomacy) ذريعي هم خيال قومن سان نوان واپاري ۽ سيڪيورٽي معاهدا ڪرڻ شامل آهن.
شروعات طور، هن ٻيٽ واري ملڪ، جنهن کي “پنهنجي پيماني کان وڌيڪ اثر رکندڙ” قرار ڏنو وڃي ٿو، آسيان ۽ ٻين هم خيال قومن کي متحرڪ ڪيو آهي ته جيئن بين الاقوامي جهاز رانيءَ کي 1962ع واري “اقوام المتحده جي سمنڊن بابت قانون جي ڪنوينشن” تحت هڪ “حق” بڻايو وڃي، نه ڪي هڪ “رعايت” جنهن جي قيمت ادا ڪئي وڃي يا جنهن تي ڳالهيون ڪيون وڃن.
هن انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سان پڻ هڪ معاهدو ڪيو آهي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور جي سامونڊي لنگھن کي شهري جهاز رانيءَ لاءِ هڪ آزاد ۽ کليل آبي گذرگاهه طور برقرار رکيو وڃي. اهو قدم تڏهن کنيو ويو جڏهن اپريل ۾ ايران جي مثال کان متاثر ٿي هڪ انڊونيشيائي اهلڪار ٽول چارجز جي تجويز ڏني هئي.

ان کان علاوه ساحلي رياستن سنگاپور، ملائيشيا، ۽ انڊونيشيا وٽ هڪ تعاون وارو نظام موجود آهي جيڪو کليل آبي گذرگاهه جو بندوبست ڪري ٿو، آسيان ملڪ ان وڏن اثرن کان به واقف آهن جيڪي سامونڊي لنگھ تان گذرڻ بابت ڪنهن به تڪرار جي صورت ۾ آمريڪا ۽ چين کي شامل ڪري علائقائي تڪرارن کي جنم ڏئي سگهن ٿا.
1965ع ۾ آزاديءَ کان وٺي، سنگاپور نه صرف بچي ويو آهي پر پوري دنيا کي پنهنجو هِنٽرلينڊ بڻائڻ جي حڪمت عمليءَ ھيٺ ترقي به ڪئي آهي.
انسانن، سامان ۽ خدمتن جي سپلاءِ لنڪس ۾ رڪاوٽن کي ھٽائڻ لاءِ هن پورٽ سٽيءَ تازو ئي نيون شراڪتداريون قائم ڪيون آهن.
27 جولاءِ تي، سنگاپور ۽ آسٽريليا ٻن معاهدن تي صحيحون ڪيون ته جيئن ٻنهي طرفن کان پرائمري سامان ۽ دفاعي رسد جي باهمي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. قانوني طور تي پابند اهي معاهدا ٻنهي پارٽين جي موجود آزاد واپاري معاهدن کي مضبوط ڪن ٿا ته جيئن ڊيزل ۽ پاڻيٺ قدرتي گئس (LNG) جي برآمد کي روڪڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
آسٽريليا-سنگاپور جي وزارتي ڪميٽيءَ جي گڏيل اجلاس ۾ وچ اوڀر جي تڪرار ڏانهن اشارو ڪندي، واپار ۽ صنعت جي وزير تن سي لينگ چيو، ” حقيقت ۾ هڪ ايمرجنسي شروعات ڪئي وئي آهي ته جيئن يقيني بڻائي سگهجي ته اسان ٻئي ملڪ جيترو ٿي سگهي معمول موجب ڪم ڪندا رهون.”
ايڊيليڊ واري اجلاس ۾، پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالاڪرشنن هڪ “ٽٽل، جهڳڙالو ۽ غير يقيني” دنيا جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سپلاءِ چين جي بحاليءَ لاءِ هن تاريخي معاهدي جي تعريف ڪئي، جڏهن ته دفاعي وزير چين چون سنگ اعتماد جي ان وڏي ذخيري کي اجاگر ڪيو جيڪو ٻنهي قومن جي وچ ۾ فوجي مصروفيتن ۽ تعاون لاءِ راهه هموار ڪري ٿو.
هڪ معاهدي تحت، آسٽريليا سنگاپور کي پاڻيٺ پيٽروليم گئس فراهم ڪري ٿو جڏهن ته سنگاپور آسٽريليا لاءِ خام پيٽروليم جي صفائي (Refining) ڪري ٿو.
سنگاپور جي آفريقا ۾ جديد واپاري پيشرفت کي واضح ڪندي، صدر ٽرمن شنٽمورگنئم جي تنزانيا واري دوري، اڀرندي آفريقي ڪميونٽي (ايسٽ آفريقن ڪميونٽي) سان تجويز ڪيل آزاد واپاري معاهدي سان بزنس ڊيلز لاءِ دروازا کوليا آهن، جيڪا اٺن اڀرندڙ آفريقي ملڪن جو علائقائي بلاڪ آهي.
هن نوٽ واضح ڪيو ته تنزانيا ۽ زنزيبار پنهنجي پورٽ ۽ سياحتي سهولتن ۾ توسيع ڪري رهيا آهن، جنهن مان سنگاپور پنهنجي ترقيءَ، لاجسٽڪس، هاسپيٽلٽي ۽ توانائيءَ واري شعبن جي تجربي ۽ مهارت سان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو.
جيتوڻيڪ سنگاپور، جيڪو 2027ع ۾ آسيان جو چئيرمين هوندو، وڌيڪ پري واري ملڪن سان رابطو ڪري رهيو آهي، ان جي اڳواڻن نئين آسيان ميمبر، تيمور ليسٽ سان پڻ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن. وزيراعظم لارنس وانگ جو 2-3 جولاءِ تي ڊيلي جو پهريون دورو ٻه طرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ بابت معاهدي تي صحيحن جي حثيت سان نمايان هو.
ابتدائي طور، سنگاپور تيمور جي مزدورن لاءِ تعميراتي ۽ ميرين شپ يارڊز ۾ نوڪرين جا موقعا فراهم ڪندو.
فلحال، سنگاپور جون آسيان جي يارھين ميمبر ملڪ ۾ وسيع سيڙپون آهن ۽ اهو هول سيل واپار، قابلِ تجديد توانائي، صحت جي سھولت ۽ تربيت ۾ نوان پراجيڪٽ ڳولي رهيو آهي.
وزيراعظم وانگ ڇيو ته 2022ع کان وٺي، سنگاپور تيمور جي اهلڪارن کي آسيان اجلاسن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تربيت ڏيڻ ۾ مدد ڪئي آهي.
“هاڻي جڏهن تيمور ليسٽ آسيان ۾ شامل ٿي چڪو آهي، پهرين ترجيح اها آهي ته هو تنظيم ۾ پورو تعاون ڪري ۽ 2029ع ۾ آسيان جي چئيرمين شپ لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪري،” هن چيو.
ان سوال تي ته ايران پاران هرمز لنگھ کي “هٿيار بڻائڻ” سان سنگاپور جي اقتصاديات کي ڪيئن نقصان پهچي رهيو آهي، مانيٽري اٿارٽي آف سنگاپور (MAS) نوٽ ڪيو ته ‘تيل جا ذخيرا تمام گھٽجي ويا آهن ۽ وچ اوڀر ۾ سپلاءِ جي ٻيهر رڪاوٽن جي ڪري تيل جي قيمتن ۾ يڪدم واڌ ٿي سگهي ٿي، جنهن سان ڪاروبار ۽ صارفين لاءِ خرچ وڌي ويندا.’
ٽرمپ جي نئين ٽئرفن جي اثر بابت، MAS تبصرو ڪيو ته انهن جا “خراب اثر برآمدات جي تنوع (Diversification) ۽ ٽئرف کان آزاد اليڪٽرانڪس برآمدات ڪري گھٽجي ويندا.”
________________

آئيوان لِم، سنگاپور
ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



