Editor's pickMain Slideڪالم

ڪامريڊ دادا علي بخش: سنڌ جو سچو کاھوڙي ڪردار

ھاري تحريڪ کان وٺي سنڌ جي ھر اھم مسئلي تي سدائين سرگرم رھندڙ دادا علي بخش کي ترقي پسند لڏي سان گڏ ھئڻ ڪري ڪامريڊ جو خطاب مليو پر عام طور تي دادا جي نالي سان مشھور ھو. جتي به ويندو ھو ته  اتي ڪارڪن سندس نالو ڪونه پڪاريندا ھئا. صرف ڪامريڊ دادا چوندا ھئا.

خاصخيلي لطيف راولاڻي

سنڌ جي سياسي ۽ سماجي صورتحال تي نظر وجھنداسين ته اسان کي انيڪ جاکوڙي ڪردار ملندا جيڪي پنھنجي دور ۾ پنھنجي حصي جو ڪم ڪري تاريخ ۾ پنھنجو نالو لکرائي ويا ۔ اھڙن ئي يادگار ڪردارن مان ڪامريڊ دادا علي بخش به ھڪ آھي جيڪو پنھجي تاريخ ٺاھي ويو.

 سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ سنڌ ھاري ڪميٽي جو اھم رول رھيو آھي جيڪو عبدالقادر کوکر کان شروع ٿي ۽ ان ۾ ڪيئي جاکوڙي ڪردار شامل ٿين ٿا. اھا تحريڪ اڳتي وڌي ٿي جنھن جي اڳواڻي ان وقت جي ڪاموري ڪئي جيڪو سنڌ جي ھارين سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين کي ڏسي پنھنجي ڪامورڪي نوڪري تان استيفا ڏيئي ھارين جي عظيم جدوجھد ۾ شامل ٿي ھميشه جي لاء امر ٿي ويو ۽ اڄ ڏينھن تائين سندس نالو ۽ ڪيل ڪم شاندار انقلابي جدوجھد جي تاريخ جي صفحن تي موجود آھي. اھو ڪردار ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ھو جنھن چيو ھو ”جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ.“

انھي اڻانگي سفر جو ساٿي علي بخش شيدي ھو جنھن پڻ انھي رستي تي ھلندي سڄي سنڌجي ھارين کي منظم ڪيو ۽ جديد انقلابي نظرئي، مارڪسزم ۽ سوشلزم تي عمل پيرا ٿي ڪري پنھنجي جدوجھد جو آغاز ڪيو. پاڻ وڏيرڪي ۽ چاپلوسي وائيٽ ڪالرسياست جي سخت خلاف ھوندو ھو. سدائين سفر ۾ ھوندو ھو ۽ سفر جي دوران ڪتاب مطالعي جي لاء پاڻ سان گڏ کڻندو ھو ۔سنڌ جي ھر وسندي ۾ وڃي ليڪچر ڏيندو ھو۔

ترقي پسند لڏي سان گڏ ھئڻ ڪري کيس ڪامريڊ جو خطاب مليو پر عام طور تي دادا جي نالي سان مشھور ھو. جتي به ويندو ھو ته  اتي ڪارڪن سندس نالو ڪونه پڪاريندا ھئا. صرف ڪامريڊ دادا چوندا ھئا. مسلسل سفر ۾ رھڻ جي ڪري کيس سنڌ جو ابن بطوطه به چوندا ھئا۔ سنڌ جو ھي ابن بطوطه ھڪ ضلع مان نڪري ٻئي ضلع ۾ پھچندو ھو۔

ڪراچي ۾ سندس مرڪز شھر ۾ ايوب خاصخيلي ۽ ٻھراڙي ملير ۾ پروفيسر محمد ابراھيم خاصخيلي ۽ پروفيسر محمد رحيم راولاڻي جون اوطاقون ھونديون ھيون جتي پاڻ ايئن رھائش اختيار ڪندو ھو ڄڻ ته پنھنجي ئي گھر ۾ پھچي ويو ھجي۔

اڻ کٽ سفرسندس منزل ھئي۔ پاڻ جدوجھد جي دوران جيل ياترا به ڪيائين. سنڌ ۾ ٻوليءَ جا مسئلا ھجن يا وري ون يونٽ جي يادگار جدوجھد ھجي، پاڻ ھميشه ھر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندي سنڌ جي ھر مزاحمتي تحريڪ جو حصو رھيو.

 جان جان ھئي جيئري ورچي نه ويٺي. شاه جي ھن عظيم ڪردار جيان پاڻ ڪڏھن به خاموش ۽ پوئتي نه رھيو. سنڌ۾ سنڌ ھاري ڪميٽي کي منظم ڪرڻ ۽سنڌ جي پوئتي پيل ھارين کي ھڪ پليٽ فارم تي آڻيندي کين انقلاب جي رستي تي کڻي کين پنھنجا کسيل حق واپس ڏيارڻ لاءِ ھاري ڪميٽي کي زنده رکندو آيو. اھڙا ڪردار تاريخ ۾ پنھنجو نالو ڇڏي ويندا آھن۔ تاريخ جي صفحن تي اھڙن کاھوڙي ڪردارن کي ھيشه  جي لاء ياد رکيو ويندو۔

شخصيتن ۾ ڪردار جي وڏي اھميت ۽ اھميت ھوندي آھي. اڪثر ڪري ڪردار کي ئي ياد ڪيو ويندو آھي. سٺي ۽ عملي ماڻھو کي سندس ڪردارجي حوالي سان سڃاتو ويندو آھي. دادا ھڪ چرندڙ ڦرندڙ تحريڪ ھو۔ جتي به ويندو ھو ان خطي ۾ ھو اتي ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف آواز بلند  ڪندو ھو۔

جڏھن عالمي سطح تي کاٻي ڌر ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا، سامراجي سازشن ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو، سوشلزم جي باني اڳواڻ جي جوڙيل رياست روس کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري عالمي ڪميونسٽ نظام کي به ٻن ٽن گروپن ۾ ورھايو ويو۔ پر دادا پاڻ پنھنجي ئي جدوجھد تي قائم دائم رھيو. جواني کان وٺي پيريءَ تائين ثابت قدم رھيو ۽ پوئتي پير نه ھٽايائين. ھُن  ڪڏھن به ڪنھن به دور ۾ پاڻ کي وڪرو نه ڪيو ۔سدائين غربت جي سادگي واري زندگي گذاريائين. اصولن تي سوديباي نه ڪيائين ۔ ساڳئي تحريڪ ساڳيو ئي انقلابي نظرئي تي عمل پيرا ٿي ڪري 28 جولاء  2023 تي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين۔ کيس پنھنجي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. سنڌ ھاري تحريڪ ۽ ڪامريڊ دادا علي بخش يادگار ڪميٽيءَ جا ڪارڪن اڄ صبح جو سوير سندس آخري ارامگاھ تي گلن جي چادر چاڙھيندا ۽ بعد ۾ شھدادپور پريس ڪلب ۾ سندس ياد ۾ ميڙاڪو ٿيندو.

_____________

Latif Rawlani-TheAsiaN

ليکڪ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

2 رايا

  1. دادا علي بخش سنڌ ھاري ڪاميٽي جو سرگرم اڳواڻ ھيو ، سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.

  2. دادا علي بخش ھاري تحريڪ جو ھيرو ھو، زبردست سائين راولاڻي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button