جُوڙيا بازار ڪراچيءَ جو سُڏڪندڙ ماضي: ڌارسي هالائي ڌرم شالا ۽ وساريل ورثو
ڪراچيءَ جي جُوڙيا بازار جو واپاري گوڙ ۽ مصالحن جي خوشبو رڳو موجوده معاشي سرگرميءَ جو پتو نٿي ڏئي، بلڪه ان جي وچ ۾ بيٺل 100 سال پراڻي ’ڌارسي هالائي لوهاڻا ڌرم شالا‘ شھرِ قائد جي ان وساريل ورهاڱي کان اڳ واري رواداريءَ ۽ بين الاقوامي تجارتي عظمت جو خاموش نوحو آهي. هي مضمون گزريءَ جي زرد پٿرن، گجراتي ڪتبن، لوهاڻا برادريءَ جي لڏپلاڻ ۽ تاريخي عمارتن تي قابض بدعنوانيءَ جي آئيني ۾ ڪراچيءَ جي اخلاقي ۽ ثقافتي زوال جي دردناڪ ڪهاڻي بيان ڪري ٿو.

ليکڪ: ابراهيم صالح محمد
ڪراچيءَ جي جُوڙيا بازار اڄ ڀلي رڳو هول سيل مارڪيٽ، مصالحن جي تکي ۽ چڀندڙ خوشبوءِ، اناج جي ٻورين ڍوئڻ ۽ لھڻ ۽ تجارتي گوڙ وارو ڳُتيل ۽ بي ھنگم علائقو ڏيکاري ڏيندو هجي؛ پر ان دم ٻوساٽيندڙ تجارتي هجوم جي وچ ۾ ماضيءَ جو هڪ اهڙو يادگار اڄ به سڏڪا ڀري رهيو آهي، جيڪو 1947ع واري هندستان جي ورهاڱي کان اڳ واري ڪراچيءَ جي فلاحي ۽ گھڻ ثقافتي ڪتدار جي خاموش شاھدي ڏئي ٿو.
ڪراچيءَ جي تاريخي سڃاڻپ سڏجندڙ گزريءَ جي زرد پٿرنمان تعمير ٿيل هڪ سئو سالن کان به وڌيڪ پراڻي عمارت جي مٿان آزاديءَ جي ايترن سالن کانپوءِ به، واضح اکرن ۾ گجراتي ٻوليءَ جو هيءُڪتبو اڄ به موجود آهي:
“ધારસી હાલાઇ લોહાણા ધમશાળા ૧૯૧૮”
ترجمو: ڌارسي هالائي لوهاڻا ڌرم شالا 1918
هن شهر جي دل ۾ گجراتي رسم الخط ۽ انگن ۾ لکيل اهي تحريرون محض پٿر تي اُڪريل ڪجهه علامتون ناهن، بلڪه اهي شھرِ قائد جي ان گمنام ماضيءَ جو دستاويزي ثبوت آهن، جڏهن هيءُ پورٽ سٽي هندو، مسلم، پارسي ۽ عيسائي برادرين جي گڏيل معاشي دانائي ۽ رواداريءَ تي ترقي ڪري رهيو هو.
لوهاڻا تاجر ۽ 1947ع جو تاريخي الميو
لوهاڻا بنيادي طور سنڌ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جي هندو تاجرن جي هڪ انتهائي معزز، وچين طبقي جي بيدار ۽ سخي برادري رهي آهي. هيءَ عمارت 1918ع ۾ يعني پهرين عالمگير جنگ جي خاتمي ۽ جديد دنيا جي اُڀرڻ واري سال ڪراچي ايندڙ هندو مسافرن، غريب زائرين ۽ ننڍن واپارين جي رھڻ لاءِ هڪ فلاحي مسافرخاني طور قائم ڪئي وئي هئي، ته جيئن ٻاهران ايندڙ ڪنهن به نئين ماڻهوءَ کي ڪراچي ڏُکي نه لڳي.
پر تاريخ جو سڀ کان سفاڪ ۽ دردناڪ موڙ 1947ع ۾ آيو. 1918ع ۾ ٺهيل هن عمارت جا اصل معمار ۽ سنڀاليندڙ، جن جي وڏن هن بندرگاهي شهر کي عام ملاحن، مهاڻن ۽ مزدورن جي هڪ ننڍڙي ٻستي مان بدلائي ننڍي کنڊ جو سڀ کان وڏو تجارتي پورٽ سٽي بڻائڻ ۾ پنهنجو رت ستُ ۽ پئسو وهائيو هو، ٺيڪ 29 سالن کانپوءِ راتو رات پنهنجا عاليشان گهر، محنت سان قائم ڪيل ڪاروبار ۽ اهڙيون سخي ڌرم شالائون اسان جي حوالي ڪري، رڳو جنوني جٿن جي هٿان پنهنجون جانيون بچائڻ لاءِ شرنارٿي (Refugees) بڻجي هندستان پهتا. جيڪا عمارت ٻين کي آسرو ڏيڻ لاءِ ٺهي هئي، ان جا پنهنجا وارث پنهنجي ئي وطن مان سدائين لاءِ مسافر بڻجي ويا!
عامل، ڀائي بند ۽ بين الاقوامي نيٽ ورڪ
رياست ۽ 1947ع کانپوءِ جي درٻاري مورخن ڀلي ان معاشي تاريخ کي نصاب مان خارج ڪري ڇڏيو هجي، پر جُوڙيا بازار جون منڊيون ۽ زرد پٿرن جا اهي ڍانچا اڄ به انهن تاجرن جي ڏاھپ ۽ تجارتي مهارت جو اعتراف ڪن ٿا.
ورهاڱي کان اڳ واري ڪراچيءَ ۾ چيمبر آف ڪامرس، بينڪنگ ۽ هول سيل منڊين کي قائم ڪرڻ ۾ لوهاڻا هندو تاجرن (جنهن ۾ گجراتي ۽ سنڌي لوهاڻا شامل هئا) جي ڪردار جو تجزيو ڪجي، ته هيءَ برادري ٻن بنيادي حصن ۾ ورهايل هئي:
عامل (Amils): پڙهيل لکيل، نظم و نسق ۽ بيوروڪريسيءَ کي هلائيندڙ ماھر.
ڀائي بند (Bhaibands): مقامي ۽ عالمي تجارت جا تجربيڪار رانديگر.
انهن بمبئي، مسقط ۽ آفريقا جي ٻيٽ زنجبار تائين بحري رستن سان ڪپهه، چانور، مصالحن ۽ خشڪ ميون جي برآمد ۽ در آمد جو اهڙو پائيدار نيٽ ورڪ قائم ڪيو، جنهن جو پيدا ڪيل توازن اڄ به ڪراچيءَ جي هول سيل مارڪيٽ جو ڍانچو سنڀاليو بيٺو آهي.
سيٺ مولجي جيٺالال جهڙن لوهاڻا تاجرن 1914ع ۾ کارادر ۾ ان دور جو سڀ کان وڏو ٽيڪسٽائل مارڪيٽ قائم ڪيو (جيڪو بعد ۾ ڪوچين والا مارڪيٽ سڏجڻ لڳو ۽ جنهن سان لڳل ‘مولجي اسٽريٽ’ جو نالو بدلائي ‘اسماعيل گيگا روڊ’ ڪيو ويو). ڌارسي هالائي جهڙا مخير واپاري پنهنجي منافعي جو وڏو حصو شهر جي بنيادي ڍانچي، اسپتالن ۽ ڌرم شالائن تي خرچ ڪندا هئا.

اخلاقي تجارتي ڪلچر جو خاتمو
تجارتي ۽ سماجي تاريخ جي آئيني ۾ ڏٺو وڃي ته گجراتي ٻوليءَ جو جُوڙيا بازار ۽ ڪراچيءَ جي قديم منڊين مان غائب ٿيڻ محض هڪ لساني نقصان نه هو، بلڪه هي ڪراچيءَ جي ان روايتي، اخلاقي ۽ پاڙُن سان جُڙيل ڪاروباري ڪلچر جو المياتي خاتمو هو.
پراڻي ڪراچيءَ جي گجراتي ڳالهائيندڙ لوهاڻا، ميمڻ، ٻوهري ۽ پارسي تاجرن جو پورو نظام ”حساب ڪتاب جي کاتن“ تي هلندو هو، جيڪي گجراتي رسم الخط ۾ تحرير ڪيا ويندا هئا. ان دور ۾ چيمبر آف ڪامرس يا عدالتن جا چڪر ڪاٽڻ بدران رڳو هڪ زباني قول جي بنياد تي لکين روپين جا سودا طئہ ٿي ويندا هئا، جنهن کي گجراتي تجارتي لغت ۾ ”پرمان“ (وعدو يا ساک) چيو ويندو هو.
گجراتي ٻولي ۽ لوهاڻا تاجرن جي لڏپلاڻ سان اهو قديم تجارتي نيٽ ورڪ لُڏي ويو، جنهن جو بنياد خانداني اعتبار ۽ اخلاقي ذميواريءَ تي رکيل هو. ان جي جاءِ هڪ اهڙي سخت ۽ ڦورو ڪاروباري ماحول وٺي ڇڏي، جتي تحريري معاهدن ۽ قانوني پيچيدگين جي موجودگيءَ جي باوجود بدعنواني، جعلي دستاويز ۽ راتو رات مارڪيٽ ڊيفالٽ ڪري فرار ٿيڻ جو مذموم رجحان عام ٿي ويو.
متروڪه ملڪيتن جي لٽ مار
اڄ هن تاريخي ڌرم شالا جي پهرين ماڙ جي هيٺان اردو بورڊن وارا دڪان سجايل آهن، شٽر ڪريل آهن، ۽ مٿين ماڙين جون لوهه جون زنگ آلود سيخون اداس بيٺيون آهن. هي پاڪستان ۾ متروڪه وقف ملڪيتن جو اهو اونداهو ۽ المياتي پھلو آهي، جنھن ۾ تاريخي هندو ۽ سِک عمارتون بيوروڪريٽڪ بدعنواني، قانوني تڪرارن ۽ تجارتي لالچ جي ڳٺجوڙ جو شڪار ٿي مٽايون پيون وڃن. اڪثر رات جي اونداهيءَ ۾ انهن عمارتن تي لڳل گجراتي يا گُرمکي ڪتبا ڀڃي ڇڏيا ويندا آهن، تاجيئن انهن تي هيريٽيج (Heritage) جا قانون لاڳو نه ٿي سگهن ۽ انهن کي ڊاهي ڪمرشل پلازا اڏيا وڃن.
جيڪڏهن اسان هن بچيل سچيل تاريخ کي مٽجڻ کان بچائڻ چاهيون ٿا، ته اسان کي ”ايڊپٽو ريوز“ (Adaptive Reuse) جو جديد ماڊل اختيار ڪرڻو پوندو:
حڪومت دڪاندارن کي هٽائڻ بنا کين ان شرط تي اجازت ڏئي پابند ڪري ته اهي عمارت جي ٻاهريان زرد پٿرن ۽ گجراتي ڪتبي جي اصل حالت ۾ بحاليءَ جا خرچ پاڻ برداشت ڪندا.
عمارت جو ويران مٿيون حصو، جيڪو هن وقت محض گدام بڻيل آهي، ان کي هڪ ننڍڙي ”ڪراچي مرڪنٽائل ميوزيم“ يا ثقافتي مرڪز ۾ تبديل ڪيو وڃي.
ڪراچيءَ جي سمورين متروڪه وقف ملڪيتن جي فوري طور 3D ڊجيٽل ميپنگ ۽ جيو ٽئگنگ ڪئي وڃي، تہ جيئن لينڊ مافيا جيڪڏهن سڀاڻي ڪو ڪتبو مٽائي به، ته قانون وٽ ان جو اٽل ڊجيٽل ثبوت موجود هجي.
سڀ کان وڏي ۽ بنيادي ضرورت ان حاڪماڻي مائنڊ سيٽ کي بدلائڻ جي آهي ته ”هي هندن يا غير مسلمن جو ورثو آهي، تنهنڪري ان جي حفاظت اسان جي قومي ذميواري ناهي“. حڪومتي توڙي رياستي اقتدار ڌڻين، محققن ۽ تعليمي ۽ ثقافتي شعبي کي اها سچائي تسليم ڪرڻي پوندي ته اهي زرد پٿر ۽ گجراتي رسم الخط ڪنهن ٻئي ملڪ جو اثاثو ناهن، بلڪه هن مٽيءَ ۽ ڪراچيءَ جو پنهنجو اصل چهرو آهن.
جيسين اسان تاريخ کي سڪيورٽي ۽ مذهبي تعصب جي عينڪ سان ڏسندا رهنداسين، اسان پنهنجين ئي گھڻ ثقافتي پاڙُن کي وڍيندا رهنداسين. جُوڙيا بازار جون اهي خاموش عمارتون دراصل ڪراچيءَ جي ان ئي معاشي، اخلاقي ۽ ثقافتي المئي جو نوحو آهن جنهن جي قيمت هي شهر اڄ تائين ڀري رهيو آهي.
_________________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



