رک هيٺان ڀڙڪندڙ چڻنگون: ننڍي کنڊ جي اشرافيه، نوجوانن جو استحصال ۽ عالمي بيداري
رک هيٺان دٻيل اهي چڻنگون جنهن ڏينهن وڏو ڀنڀٽ بڻجي وينديون، ان ڏينهن نه موديءَ جو هندوتوا موقف ڪم ايندو ۽ نہ ئي پاڪستان جي اقتداري ٽولي جو روايتي سيڪيورٽي ماڊل. مستقبل هاڻي جيو پوليٽيڪل عياريءَ جو ناهي، بلڪه حقن جي بحالي ۽ نوجوانن جي حقيقي بيداريءَ جو آهي.

تحرير: ابراهيم صالح محمد
سن 1947ع ۾ جڏهن برطانوي راڄ هندوستان کي مذهبي بنيادن تي ٻن حصن ۾ ورھائي ڇڏيو، ته دنيا سمجھيو ته هاڻي اهي ٻه مختلف نظرياتي، مختلف ثقافتن ۽ متضاد رُخن ۾ سفر ڪندڙ رياستون بڻجي چڪيون آهن. اسٽريٽجڪ ۽ آئيني طور ٻنهي رياستن الڳ رستا چونڊيا. پاڪستان جي اقتداري ڌُرين ۽ سياستدانن ’قراردادِ مقاصد‘ تحت ملڪ کي هڪ نظرياتي، اسلامي رياست جو چوغو پارايو، جنهن اڳتي هلي سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کي عوامي راءِ تي پڪڙ مضبوط رکڻ ۽ پنهنجي جيو پوليٽيڪل موقف کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ مستقل هٿيار فراهم ڪري ڏنو. ٻئي پاسي، جواهر لال نهروءَ هندستان کي هڪ ’سيڪيولر آئين‘ ڏنو، جنهن جو مقصد هڪ گھڻ ثقافتي جمهوري نظام جو قيام هو.
پر تاريخ جي پردي پويان هڪ تلخ حقيقت لڪل رهي. نظريات، آئين، سرحدن ۽ اقتداري ڌُرين جي سمورين ظاهري تبديلين جي باوجود، پاڪستان ۽ هندستان نسلي، سماجي ۽ نفسياتي طور هڪ ئي پاڙ رکن ٿا. ورهاڱي جي ذري گھٽ اسي سالن کانپوءِ به ٻنهي ملڪن جي عوام جو سڀ کان وڏو الميو هڪ ئي آهي، ۽ اهو آهي هڪ اهڙو طاقتور ’ايليٽ ڪلچر‘ ۽ پاڙُن تائين پهتل بدعنواني، جنهن نظام جي سمورن فائدن کي چند مخصوص خاندانن، اقتداري ٽولي ۽ ڪارپوريٽ مافيائن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو اڄ سرحد جي ٻنهي پار تعليمي ادارن جي بربادي، پيپر لِيڪ اسڪينڊلن، ۽ نوجوانن ۾ وڏي پيماني تي پکڙيل بيروزگاريءَ جي صورت ۾ اها گڏيل سماجي بيماري پوري آب تاب سان ظاهر ٿي رهي آهي.
هندستان جو سيڪيولر ماڊل ڊگھي عرصي تائين اندروني تضادن جو شڪار رهيو. ڪانگريس جي ڊگھي اقتدار ۾ ٿيندڙ اقربا پروري، ڪرپشن، ۽ عام ووٽر جي معاشي محرومين هڪ وڏي خلا پيدا ڪئي. بي جي پي (BJP) ۽ راشٽريه سويئم سيوا سنگهه (RSS) انهيءَ عوامي مايوسي ۽ اشرافيه خلاف غصي کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪيو. انهن ڪانگريس جي حڪومتي غلطين کي بنياد بڻائي ’هندوتوا‘ جي جارحانه ايجنڊا متعارف ڪرائي ۽ هندستان کي عملي طور هڪ هندو مذهبي رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
اڄ وزيراعظم نريندر موديءَ جي روپ ۾ اهو نظريو پنهنجي عروج تي برسرِ اقتدار آهي. مودي حڪومت قوم پرستي ۽ مذهبي درجي بنديءَ کي پنهنجي سياست جو محور بڻايو، بلڪل ايئن جيئن پاڪستان ۾ اقتداري ٽولي ڏهاڪن تائين سيڪيورٽي ۽ نظرياتي نعرن ذريعي داخلي بحرانن کي دٻائي رکيو. ٻنهي ملڪن جي اشرافيه اهو سکي ورتو آهي ته جڏهن به عوام اٽي، لَٽي، اَجھي، ۽ روزگار جي گھُر ڪري، ته کين مذهبي يا نسلي بنيادن تي ورھائي سندن ڌيان اصل مسئلن تان هٽائي ڇڏجي.
پر سن 2026ع جو سال ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ هڪ نئين موڙ طور ياد رکيو ويندو. هندستان ۾ ’نيٽ‘ (NEET-UG 2026) جهڙي ملڪ جي سڀ کان وڏي ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ جو پرچو امتحانن کان اڳ ئي ٽيليگرام ۽ واٽس ايپ تي لکين رپين ۾ وڪرو ٿي ويو. هن هڪ اسڪينڊل ويهه لک کان وڌيڪ محنتي ۽ مڊل ڪلاس نوجوانن جي مستقبل کي اونداهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ۽ صدمي سبب درجنين شاگردن خودڪشي ڪري ڇڏي. اها صرف هڪ امتحان جي ناڪامي نه هئي، بلڪه هن اها ڳالهه ثابت ڪئي ته پورو تعليمي ۽ امتحاني نظام مافيا جي هٿن ۾ يرغمال بڻجي چڪو آهي.
هن ناانصافيءَ خلاف جڏهن نوجوانن آواز اٿاريو، ته سپريم ڪورٽ جي هڪ جج مبينه طور کين ’ڪاڪروچ ۽ پيراسائيٽ‘ (Cockroaches & Parasites) قرار ڏنو. اقتداري ٽولي ۽ اشرافيه جي هن بدترين توهين کي نوجوانن پنهنجو هٿيار بڻائي ورتو. ھنن سوشل ميڊيا تي ’ڪاڪروچ جنتا پارٽي‘ (CJP) جي نالي سان هڪ اهڙي ڊجيٽل ۽ زميني تحريڪ جو آغاز ڪيو جنهن مودي حڪومت جي ايوانن کي لوڏي ڇڏيو. نئين دهليءَ جي جنتر منتر کان وٺي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين، تمام مذهبن هندو، مسلم، سک، ۽ عيسائين جا نوجوان بليڪ اينڊ وائيٽ چهرن تي ڪاڪروچ جا ماسڪ پائي، مٿا ڪُوڙائي، ٿانءَ وڄائيندي رستن تي نڪري آيا. ھنن مودي حڪومت جي مذهبي ڪارڊ کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ڇو ته جڏهن نوڪري هٿن مان نڪري ٿي يا ميرٽ جو قتل ٿئي ٿو، ته ان جو درد سڀني کي برابر محسوس ٿئي ٿو. مودي حڪومت کي فاسٽ ٽريڪ عدالتن جي قيام جو هنگامي اعلان ڪرڻو پيو، پر نوجوان هاڻي تعليم جي وزير جي استعفيٰ کان گھٽ تي راضي ناهن.

اهو بحران صرف هندستان تائين محدود ناهي. پاڪستان ۾ به هر سال ’ايم ڊي ڪيٽ‘ (MDCAT) ۽ ٻين امتحانن ۾ پيپر ليڪ ٿيڻ، بلوٽوٿ ڊوائيسز ذريعي نقل، ۽ عدالتن ۾ ڪيسن جو تماشو لڳندو آهي. پاڪستان جو اقتداري ٽولو ۽ ايليٽ ڪلاس هن تعليمي ڪرپشن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويا آهن، ڇو ته انهن مافيائن جون تارون به ڪنهن نہ ڪنهن شڪل ۾ اقتدار جي ايوانن سان جڙيل آهن.
بنگلا ديش ۾ به آزاديءَ جي نالي تي اشرافيه جي حامين کي نوڪرين ۾ 30 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ خلاف نوجوانن تاريخ جو سڀ کان خوني ’ڪوٽا مخالف احتجاج‘ ڪيو، جنهن ثابت ڪيو ته اتي به ميرٽ کي چچري هڪ مخصوص طبقي کي نوازيو پئي ويو. نيپال ۾ بادشاهت جي خاتمي ۽ ڪميونسٽ نظام جي دعوائن جي باوجود اشرافيه جو روپ تبديل نہ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ اتان جو نوجوان نسل وڏي پيماني تي خليجي ملڪن ۽ يورپ ڏانھن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهي. اهو پورو منظرنامو ظاهر ڪري ٿو ته اهو صرف هڪ ملڪ جو نہ بلڪه پوري ڏکڻ ايشيا جو ’ايليٽ سنڊروم‘ آهي.
پاڪستاني اقتداري ٽولي جي تاريخ تي نظر وجهجي ته معلوم ٿئي ٿو ته عسڪري ۽ سيڪيورٽي لحاظ کان ان جو پورو انحصار چين تي آهي پر ان جا معاشي مفاد، آءِ ايم ايف جا قرض، برآمدات، ۽ خود مقتدره جي اشرافيه جا ريٽائرمينٽ کانپوءِ جا اثاثا، جائيدادون ۽ ٻارن جو مستقبل آمريڪا ۽ يورپ سان وابستا آهن. اها هڪ اهڙي الجھن آهي جنهن مان نڪرڻ مقتدره جي وس جي ڳالهه ناهي.
تازو ئي ۾ پاڪستان پاران آمريڪا کي 10 ارب ڊالر جي مالياتي پيڪيج جي درخواست اها واضح اشارو ڪري ٿي ته مقتدره جو جھڪاءُ هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا ڏانهن وڌي رهيو آهي. مقتدره ايران-آمريڪا جنگ ۾ پاڪستان جي جيو پوليٽيڪل مقام ۽ رابطا ڪار جي ڪردار کي ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي سمجهن ٿا ته اهي ’انڊيا ڪارڊ‘ ذريعي چين کي به پنهنجي سيڪيورٽي مجبورين جي ڪري سان گڏ جوڙي رکندا، ڇو ته چين هندستان خلاف ’ٽو فرنٽ وار‘ جي خوف کان پاڪستان کي مڪمل طور نٿو ڇڏي سگهي، ۽ ٻئي طرف آمريڪا کان ڊالر به وٺندا رهندا.
پر معاملا هاڻي ملڪي مفاد کان نڪري ذاتي نوعيت جي اختلافن، انا ۽ بقا جي جنگ بڻجي چڪا آهن. مقتدره ان خام خياليءَ ۾ آهي ته سندن اهو ’جيو پوليٽيڪل اثاثو‘ کين هميشه بچائيندو رهندو، جڏهن ته زميني حقيقت اها آهي ته ان عارضي معاشي آڪسيجن جو نتيجو ملڪ جو غريب عوام مهانگائي ۽ ٽئڪسن جي عذاب جي صورت ۾ ڀوڳي رهي آهي.
جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ وڏي حد تائين ۽ هندستان ۾ ڪنهن حد تائين رياست اڃا تائين مذهبي، نسلي ۽ لساني بنيادن تي عوامي راءِ کي تقسيم ڪري اهڙن سڀني وڏن احتجاجن کي طاقت جي زور تي دٻائي ڇڏيو آهي، پر مقتدره اها ڳالهه وساري رهي آهي ته ’جنريشن زي‘ (Gen-Z) جو مائنڊ سيٽ هاڻي تبديل ٿي چڪو آهي. هاڻي چڻنگون رک هيٺان مسلسل ڀڙڪي رهيون آهن.
سوشل ميڊيا ۽ ’ڊجيٽل سوليڊرٽي‘ سرحدن جي بندشن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن دهليءَ جي سڙڪن تي ڪاڪروچ پروٽيسٽ جي پل پل جي خبرون، انسٽاگرام ريلز ۽ ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ذريعي پوري ننڍي کنڊ ۽ دنيا جي نوجوانن تائين پهچن ٿيون، ته اهي انهن ۾ هڪ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ڪن ٿيون. پاڪستان جو پيڙهيل نوجوان لاشعوري طور پنهنجو پاڻ کي هندستاني شاگردن جي درد سان جوڙي ٿو، ڇو ته انهن جو دشمن هڪ ئي آهي: بدعنوان ۽ منافق اشرافيه.
بين الاقوامي سطح تي جاري جنگيون ۽ بلاڪن ۾ تقسيم (جيئن آمريڪا-ايران جنگ يا چين-آمريڪا سرد جنگ) روايتي رياستن ۽ انهن جي مقتدره کي عارضي طور ته تقويت ڏينديون رهن ٿيون، ڇو ته اهي خوف جو ماحول پيدا ڪري عوام کي قابو ۾ رکن ٿيون. پر دنيا جا نوجوان آهستي آهستي کين تقسيم ڪندڙ ۽ سندن حق غصب ڪندڙ انهن ڪارين طاقتن خلاف جڏهن به موقعو ملي ٿو، پنهنجي هئڻ جو ڀرپور احساس ڏياري ڇڏين ٿا. آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ غزه جي حق ۾ اٿندڙ تحريڪ هجي يا ننڍي کنڊ جي سڙڪن تي نظر ايندڙ غصو، اهي سڀ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته نوجوان هاڻي روايتي رياستي پراپئگينڊا کي رد ڪري چڪا آهن.
روايتي طاقتن وٽ هاڻي وقت ختم ٿي رهيو آهي. ايران-آمريڪا جنگ اهو فيصلو ڪندي ته مقتدره جو اُٺ نيٺ آخر ڪهڙي پاسي ويهي ٿو، ڇو ته هاڻي “وچ ۾ رهڻ” جي اسٽرٽجڪ راند ممڪن نہ رهندي. طاقت، لٺ، ۽ گوليءَ جي زور تي انهن تحريڪن کي عارضي طور ته دٻائي سگهجي ٿو، پر انهن جي اندر موجود فڪري سچائيءَ کي مڪمل ختم نٿو ڪري سگهجي.
اها معاشي مايوسي، ميرٽ جو قتل ۽ اقتداري ٽولي ۽ اشرافيا جون شاندار زندگيون هڪ ڏينهن ننڍي کنڊ ۽ دنيا جي سمورن پيڙھيل نوجوانن کي هڪ ئي گڏيل پليٽ فارم تي آڻي بيهارينديون. رک هيٺان دٻيل اهي چڻنگون جنهن ڏينهن وڏو ڀنڀٽ بڻجي وينديون، ان ڏينهن نه موديءَ جو هندوتوا موقف ڪم ايندو ۽ نہ ئي پاڪستان جي اقتداري ٽولي جو روايتي سيڪيورٽي ماڊل. مستقبل هاڻي جيو پوليٽيڪل عياريءَ جو ناهي، بلڪه حقن جي بحالي ۽ نوجوانن جي حقيقي بيداريءَ جو آهي.
_____________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



