ٿر جو طبعي ڀاڱو: مھراڻو ۽ ان جي حدبندي، لوڪ شاعري ۽ ڀٽائيءَ جي بيتن جي روشنيءَ ۾
ٿر ۽ بئراج علائقي جي سنگم واري شاهوڪار خطي ‘مهراڻو’ جي طبعي بيهڪ، تاريخي ماڳن ۽ ان سان جڙيل لوڪ داستانن جو هڪ تفصيلي جائزو، جنهن ۾ سنڌ جي سورهيه سردار لاکي ڦلاڻي، مهر راڻي ۽ ڄام جکري جي قصن سميت شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ مهراڻي جي اهميت کي قديم آثارن جي روشنيءَ ۾ پرکيو ويو آهي.

ڀارومل امراڻي
ٿر ۽ بئراج جي سنگم واري پٽي ڪس سان شروع ٿيندڙ مهراڻو ٿوهرن ۽ ڄارين جي جهڳٽن ۾ ڪونڀٽن جي مڃر سان مهڪيل ڀٽن وارو خطو آهي جنهن جو تعارف ڪرائيندي ٿر جي نامياري تاريخدان رائچند هريجن لکيو آهي ته ‘هي ٿر جو طبعي ڀاڱو اڳوڻي مهراڻ ندي جي وهڪري جي ڀر وارو علائقو آهي. هن ۾ تعلقي ڇاڇري جو اولهه ۽ عمرڪوٽ تعلقي جوڏکڻ اوڀر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هن ڀاڱي جي حد بندي کي اڃان وڌيڪ واضع ڪندي نوجوان شاعر ۽ اديب مير حسن آريسر لکيو آهي ته،‘هي ڀاڱو ڏکڻ کان نئوڪوٽ واري قلعي کان شروع ٿي اتر طرف چيلهه بند تائين ۽ اوڀر طرف هاڻوڪي يو-سي جوڙوو کان اتر طرف مڙي ٿر جي وڏي ڳوٺ جنجهيئر واري سيم کان ٿيندو ارنري جي اولهه وارين ڀٽن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺندي وري اولهه طرف وڃي ڳوٺ سينهوئي درس کي ٿو لڳي. مهراڻو ٿر جي سرسبز سيمن تي مشتمل وڻن، ولين ۽ گاهن جي حوالي سان ٿر جو شاهوڪار خطو آهي.
ٿر جي چارڻ ڪوين مهراڻي کي ڳائيندي چيو آهي ته؛
سياڙي سورٺ ڀلو، اونهاڙي اجمير،
مهراڻو نت ڀلو، سرامڻ بيڪانير.
) سياري جي رت ۾ سورٺ جو ڏيهه سهڻو لڳندو آهي، ته اونهاري ۾ اجمير جو علائقو اکيون ٺاريندو آهي. ساوڻ ۾ بيڪانير ڀلو آهي (پر منهنجو) مهراڻو سدائين من موهيندڙ آهي (
لطيف سائين پنهنجي شاعري ۾ مهراڻي جو ذڪر ڪندي مهراڻي کي ‘موهر’ يا موهڙ چيو آهي ؛
مارو ‘موهر’ ڪنڌئين، اڃا ڪي آهين،
ڏهاڙي ڏڌ جون نديون ٿا نائين،
ماڌاڻيون هٿن ۾ پرهه جو پائين،
اهڙا ئي آهين، سيڻ منهنجا سيد چئي.
) شاهه جو گنج ؛ حاجي الهداد جنجهي ص411 (
مارو ‘موهر’ آيا، ڀٽن تان ڀري،
موڪل ڏي ملير وڃان، ڏسان ڦوڳ ڦري،
جا هندورن هِري، سا وس نه گهاري ويڙهه ۾.
) شاهه جو گنج ؛ حاجي الهداد جنجهي ص441 (
پهرين پنهوارن جان، نائي ڪيم نهار،
نڪي مارو ‘موهر’۾، نڪا تڙ تنوار،
لڏي لوءِ ڇڏي ويا، پهڻياريان پار
سومرا سنگهار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
) شاهه جو گنج ؛ حاجي الهداد جنجهي ص403 (
پهرينءَ رات پسي، مون ماڙي من ڦڪو ڪيو،
‘موهڙ’ ماروئڙن کي واحد ڏيج وسي،
آهر جنهن اسين، سو ملندو شال ملير ۾.
) شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص413 (
شمس العماءِ مرزا قليچ بيگ پنهنجي مرتب ڪيل ‘ شاه جو رسالو ’ ۾ هن بيت ۾ ‘موهڙ’ کي ‘موهڙي’ لکيو آهي، جڏهن ته بيت جي فٽ نوٽ ۾ ‘مهڙ’ يا ‘موهڙ’ ڏنو آهي .
نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ‘لاکي ڦلاڻي’ تي لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ لاکي ڦلاڻي جي پڙ ڏاڏي جو نالو ‘مهڙ ’ لکيو آهي.[4]قاضي مقصود احمد مهڙ لاکي ڦلاڻي جو پڙڏاڏو نه پر ڏاڏو ۽ منائي جو ڀاءُ لکيو آهي. قاضي مقصود احمد مطابق مهڙ ساموئي جي سمن مان لاکي گوراڙي جو پٽ هو.
مهڙ جي نالي جو اچار ‘موهڙ ’يا ‘موهر’ ٿي سگهي ٿو ، ان ڪري هڪ راءِ اها ڪر کڻي ٿي ته ممڪن آهي ته مهراڻي تي نالو ‘مهڙ ’ جي نالي پويان پيو هجي. وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ۽ اهو پڻ معلوم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيڪڏهن مهراڻي تي نالو ‘مهڙ ’جي نالي پويان پيو آهي ته اهو ‘مهڙ’ ڪهڙو ؟ ڇاڪاڻ ته سمن جي شجري ۾ ‘مهڙ’ جو نالو مختلف وقتن ۾ آيو آهي. لاکي ڦلاڻي جي خاندان وارو مهڙ انڙ جي حاڪم ٿيڻ سان پنهنجي ڀاءُ ‘منائي’ سان گڏجي ڪڇ لڏي ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مُهڙ شروعات کي چئبو آهي. هارپ واري لغت ۾ مُهڙ منڊ واري ٻني کي سڏيو ويندو آهي.مُهڙ مان لفظ مهاڙ بڻيو آهي.مهراڻي کان ٿر جي ڀٽن جي شروعات ٿئي ٿي. مهراڻو ٿر جي مهڙ ۾ آهي.
ناميارو محقق معمور يوسفاڻي لکي ٿو ته، ناري پٽ کان پوءِ نهري ايراضي جي دنگ وٽان جيڪو وارياسي ايراضيءَ جو پٽو، اتر طرف ڇور کان شروع ڏکڻ طرف نئين ڪوٽ تائين پهچي ٿو، تنهن کي ‘موهر’ سڏيو ويندو هو، جيڪو هاڻي مهراڻي جي نالي سان مشهور آهي.
سيد راضي شاهه لڪياري پنهنجي شاعري ۾ مهراڻي کي ‘موهر’ ڳايو آهي؛
هو والي ساريم وڳ جا، جن جو ناهه نظير،
رسندا راضي شاهه چئي، پراڻ وارا پير،
فاقيواڻ فقير، ڪندا مهر موهر ۾.
مهراڻي لفظ متعلق عام طور تي ٻه مختلف رايا پيش ڪيا ويندا آهن. پهرين راءِ موجب هن لفظ جو اشتقاق موهر + راڻو ڪندا آهن ‘موهر’ ڍاٽڪي ٻولي ۾ قظار ۾ سڀ کان ‘اڳين’ کي چئبو آهي مثال طور جيڪڏهن ڪنهن کي اڳيان هلڻ لاءِ چئجي ته ڍاٽڪي ۾ چئبو ”موهر ٿي“ يعني اڳ ۾ ٿي، ۽ ‘راڻو ’عام مروج لفظ آهي، سڀني کان بهتر، احترام لائق، عزت ۽ مان وارو، راجپوتن ۾ سوڍا ۽ ڪجهه ٻيا قبيلا پنهنجي اڳواڻ کي ‘راڻي’ جي لقب سان سڏيندا آهن. جيڪڏهن عمرڪوٽ کان اڀرندي وڃجي ته ڀٽن جي شروعات هتان ٿئي ٿي پر جيڪڏهن اولهندي طرف سفر شروع ڪجي ته ناري جي آباد علائقي جي شروعات پڻ اتان ئي ٿئي ٿي. ٻي راءِ موجب ‘مهر راڻي’ جي نالي پـٺيان هن علائقي کي ‘مهراڻو’ سڏيو ويندو آهي.
مهراڻي جي حوالي سان مهر راڻيءَ ۽ لاکي ڦلاڻي جو قصو مشهور ۽ لوڪ ۾ مقبول آهي. ‘مهر راڻي’ ڪير هئي؟ لاکي ڦلاڻي کي مهر راڻي جو سڱ ڪيئن مليو؟ ۽ مهر راڻيءَ کي ڇو ڇڏي؟ تاريخ جي ورقن ۾ انهن سوالن جي جواب ۾ مختلف رايا ملن ٿا ۽ ٿر جي سگهڙن سياڻن وٽ به مختلف روايتون آهن. جن ۾ عجيب ڪهاڻيون آهن.
تاريخ ريگستان ۾ رائچند هريجن لکي ٿو ته، ڪي چون ٿا ته عيسوي ڏهين صديءَ ۾ هتي مهر راجپوتن جو راڄ هو، انهن راجپوتن کي شايد مهراڻي ۾ رهڻ جي ڪري مهر راجپوت چوندا هئا، ان وقت هتان ندي وهندي هئي، جنهن ڪري ملڪ سرسبز ۽ آباد هو. مهر قبيلي جي هڪ راجا کي هڪ تمام حسين ڇوڪري هئي، جنهن جي سونهن جي هر هنڌ هاڪ هئي. هن کي مهر راڻي ڪري سڏيندا هئا. هڪ دفعي ڪڇ جي راءِ لاکي ڦلاڻي جي روجهن رلندي اچي رات جو مهرن جي باغ کي نقصان رسايو، باغ جي پهريدارن روجهن کي ٽاهه وڌو ۽ ڊوڙايو. نتيجي ۾ ڪي روجهه مري ويا، ڪي بچيا. روجهن بابت اهو پتو پوڻ تي لاکو ڦلاڻي مهرن تي ڪاهي آيو، ڪجهه رتوڇاڻ کان پوءِ مهرن شڪست کاڌي ۽ راءِ کي سڱ ڏيئي ساڻس صلح ڪيو. راءِ لاکو ڄڃ وٺي آيو، نهٽي کان اوڀر طرف ٻن ميلن جي فاصلي تي ڏهر ۾ لاکي جي ڪئمپ لڳي. شادي کان پوءِ مهر قبيلي جي ڪن دشمنن راءِ لاکي جا ڪن ڀريا ته مهر راڻيءَ ستي نه آهي وغيرهه . راءِ کي انهن ڳالهين تي يقين اچي ويو، تنهنڪري راڻيءَ کي ڏهاڳ ڏيئي لاکو ڪڇ ڏانهن هليو ويو. راڻي حقيقت ڪري ستي هئي، اها سڀ ڪن دشمنن جي سازش هئي، پر ويچاريءَ ڇا ڪري! کيس ڏهاڳ ملڻ جو ايترو ڏک ٿيو جو يڪدم انهيءَ هنڌ پراڻ ڏنائين.
معمور يوسفاڻي لکيو آهي ته ،لاکي نهٽي جي مهر راٺوڙ پاران شاديءَ جي سمورا شرط پورا ڪري مهر سان شادي ڪئي. شادي بعد مهر ۾ ڪجهه ڪچايون ڏسي ڪاوڙيو، پر جڏهن مهر معافي ورتي ته هن کي بخش ڪري کيس اهڙي محبت ڏنائين جو مهر کي واڪا ڪري چوڻو پيو ته؛
ڪانڌ ٻين ڪيترا مون ور وڏي کانڌ،
پاڻ ڏئي پانڌ، جنهن عيب منهنجا ڍڪيا.
وري جڏهن ڪنهن معمولي ڳالهه تان غلط فهمي جو شڪار ٿي لاکي مهر کي ڏهاڳ ڏيئي ڇڏيو ته به هو به اتي رهي پئي، سندس مائٽاڻو مڱڻهار خدمت پيو ڪندو هو.ڪافي ورهين کان پوءِ جڏهن لاکو مهر راڻي جي جهوپڙي وٽان اچي مٽيو ۽ تڏهن لاکي کي اڃ ستايو ته رڃ ۾ جهوپڙي ڏسي نوڪر کي چيائين ته پاڻي وٺي اچ، نوڪر کان مهر راڻي حال احوال وٺي پاڻي جو لوٽو ڀري ڪک وجهي ڏنائين، لاکو اڃايل هو، پر ڪکن جي ڪري يڪو پاڻي پي نه سگهيو، ڪک ڪڍي پوءِ پاڻي پيئندو ويو. پوءِ نوڪر کان پڇيائين ته هي ڪک پاڻي ۾ ڪنهن وڌا هئا. نوڪر سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ۽ لاکو سمجهي ويو ته اها رڻ جي راهي راڻيءَ مهر آهي. نوڪر کي چيائين وڃ وٽو واپس ڏيئي مهر کي چئجان ته اڃا جيئين پئي! مهر نوڪر جي واتان لاکي جا چيل لفظ ٻڌڻ سان ڪِري پئي ۽ ساهه نڪري ويس.
مهر کي مليل ڏهاڳ جي ڪهاڻي ۾ چيو وڃي ٿو ته لاکو جڏهن مهر راڻيءَ وٽ ايندو هو ته مهر کي ڏاج ۾ مليل مڱڻهار کان راڳ ٻڌندو هو، هڪ ڀيري مڱڻهار کي ٻڌندي ايترو ته راضي ٿيو جو مڱڻهار کي دل جي اڇل سان چوڻ لڳو ته گھر اڄ جيڪو گھرڻو هجئي. ڊاڪٽر عبدالعزيز لکي ٿو ته مڱڻهار پريشان ٿي ويو، ان وٽ لاکي طرفان مليل هر شيءَ موجود هئي ڇا گھري؟ تڏهن مهر سندس گلي ۾ پاتل هار طرف اشارو ڪري چيس ته هي گُھر! مڱڻهار مهر طرف اشارو ڪيو ته، لاکو اٿي بيٺو ۽ کيس چيائين ته هي مهر توکي آئي ۽ مون کي اڄ ڏينهن کان پوءِ حرام آهي، مڱڻهار منٿون ڪيون ته سرڪار مهر منهنجي ماءُ مثل آهي مون سندس گلي ۾ پيل هار گھريو هو، لاکي وراڻيس ته‘ منهنجي واتان لفظ نڪري ويا ته نڪري ويا، هاڻي واپس نه ٿيندا،’ ائين چئي اتان نڪري ويو. انهي واقعي کان پوءِ مهر راڻيءَ پنهنجي ور جي زندهه هوندي به ڏهاڳ جهڙي زندگي جهوپڙي ۾ گذاري. مهر جا مائٽ وٺڻ آيا ته مهر راڻيءَ اهو چئي جواب ڏيئي ڇڏيو ته ‘آئون لاکي جي آهيان ۽ لاکي جي ڪکن ۾ رهندس.’ سليم لطيفي هڪ هنڌ لکيو آهي ته ، ممڪن آهي هيٺيان بيت مهر راڻي جهڙي عورت جي ڏهاڳڻ هئڻ جي حوالي سان چيل هجن؛
کٿوري چئين پلئين،، توڙي ڏهاڳڻ هوءِ،
توڙي منهن نه ڌوءِ، ته پڻ سهاڳڻ اڳري.
_
ڏڪنديون ڏهاڳڻيون، رات پوندي سيءُ،
جلي نه تنين جيءُ هوت جنين جي هنجهه.
ممتاز مرزا ‘لاکي ڦلاڻي’ تي لکيل پنهنجي هڪ ڊرامي ۾ مهر راڻي کي سمي خاندان جي صاحبزاديءَ ۽ لاکي کان مهر راڻي گهرندڙ ڪردار چوڙيگر جو ڏيکاريو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو پڻ ساڳيو رايو آهي. حافظ ارشد انڍڙ سمي خاندان جي صاحبزادي جي ڳالهه کي واضع ڪندي لکي ٿو ته ‘مهر راڻيءُ ڄام ڪرن جي ڌيءَ هئي. اهو ڄام ڪرن ڪهڙو هو !؟
هڪ ڄام ڪرن ڄام علي شير کان پوءِ 1412 ع ۾ سنڌ جو حاڪم چونڊيو ويو. نامياري محقق غلام محمد لاکي لکيو آهي ته ڄام ڪرن صرف ڏيڍ ڏينهن حاڪم رهيو. ڄام ڪرن کي ٺٽي جي مکيه اميرن ۽ درٻارين سان سخت اختلاف هو، ان ڪري هن سلطنت جون واڳون وٺڻ شرط انهن جي قتل جو پروگرام ٺاهيو، ان مقصد جي لاءِ هن ٻئي ڏينهن تي شاهي درٻار سڏائي ۽ عام و خاص ماڻهن سان مخلف عنوانن تي بحث ڪندو رهيو، آخر ۾ کاڌي جو دستر خوان وڇايائون ۽ هو کاڌو کائي جاءِ طهارت ڏي ويو ته، ڪجهه ماڻهن جي جماعت مٿس حملو ڪيو ۽ کيس اتي ئي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون .
معمور يوسفاڻي موجب هڪ ڪرن ناري پٽ جي سونپر واري ايراضي جو حاڪم هو. جنهن جي راڄڌاني واري شهر جا کنڊر عمرڪوٽ کان اٺ ڏهه ميل اولهه طرف ‘سونپر’ ۾ عمرڪوٽ، ساماري واري رستي لڳ، رستي کان اوڀر طرف اڌ ميل پنڌ تي آهن.
سنڌ جي لوڪ شاعري توڙي ڪلاسيڪل شاعري جو ڄام ڪرن ڪردار رهيو آهي. ڄام ڪرن جي سخاوت سهڻي انداز ۾ ڳائي ويئي آهي. هڪ لوڪ شعر ۾ چيو ويو آهي؛
لاکي لک بخشيا، ڪرن بخشيا ڪروڙ،
لطيف سائين ڄام ڪرن کي ڳائيندي چوي ٿو ته ؛
اکين سوئي اوڙکيو، جو ڪنين سو مِ ڪرن،
ماءُ منهنجو من، ڄام پسندي ئي پَتِيو.
) شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص625 (
لاکو ڦلاڻي ۽ مهر راڻيءَ جي ڪهاڻي ۾ محققن ۽ سگهڙن جي روايتن کي جيئن پڙهندا ۽ ٻڌندا ٿا وڃون تيئن تيئن مختلف واقعا ۽ موڙ ملن ٿا پر ڪهاڻي جو بنيادي تاڃي پيٽيو ساڳيو آهي. پراڻ جي ڪنڌي تي وڻن کي ڪپڙا اوڍائڻ کان وٺي لاکي جا ڄاڃي پکي ٿيڻ تائين ڊگهو داستان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ‘ مشهور سنڌي قصا جلد ’ 7 ۾ مختلف روايتن سان ڏنو آهي.
لاکو ڦلاڻي ڪهڙي دور ۾ هيو ؟ ان تي ڪا اتفاق راءِ جڙي نه سگهي آهي، پر سمورا محقق اهو مڃين ٿا ته، لاکو ڦلاڻي هڪ سرڪش سردار هو. لطيف سائين به پنهنجي شاعري ۾ لاکي جي سرڪشي بيان ڪندي چيو آهي ته
لاکا لک سُڄن پر ڦلاڻي ڦير پيو،
جنَهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽ منجهه ڪنبن
جنهن جو جاڙيجن، سُتي سنچو نه لهي.
)شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص651(
شاهه جي رسالي ۾ راءِ کنگهار جي حاڪميت، چنچل ريٻارڻ پاران لاکي جي لوڙائين تي راءِ کنگهار کي کرا ويڻ چوڻ جو ڀرپور اظهار ٿيل آهي. لوڪ ڪهاڻين ۾ چيو ويو آهي ته ريٻارين جي چوڻ تي راءِ کنگهار سمن سان زيادتيون ڪندو رهندو هو. راءِ کنگهار جي پٺڀرائي تي ريٻارين لاکي جي دوستن جسي ۽ جسراج کي ماري وڌو هو، جنهن جي دانهن کڻي لاکو راءِ کنگھار وٽ ويو پر راءِ ويتر لاکي کي ڏوهي ڪيو. ان ناانصافي تي ڪاوڙ ۾ اچي لاکي لوڙائيون شروع ڪيون. ڀٽائي سائين چوي ٿو ته :
ڀُڄئان ڀَلي نڱيو، ڏيئي پاڳوڙي پير،
جسي ۽ جسراج جو، مٿي وانڍين وير،
ڪڇ رهندو ڪير، جئن لاکو لوڙائو ٿيو.
)شاهه جو رسالو ؛ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص542(
رڙي ريٻارڻ روءِ، واڙي پائي وڇڙا،
کرا ويڻ کنگهار کي، چنچل اڀي چوءِ،
واڙي وڇ نه ڪوءِ، لاکو لوڙائن سين.
)شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص650(
ريٻارڻ ريجهاءِ، لاکو لُولاٽن سين،
ساهو مانَ سندياءِ، ٺٺ مَٽائي ٺاڪرو.
)شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص650(
حاجي ٻانهي خان لکيو آهي ته ‘لاکي لوڙائو ٿيڻ جي دور ۾ جسمان نالي هڪ اوڏ قبيلي جي عورت سان شادي ڪئي ، جيتوڻيڪ کيس زال مهر راڻيءَ اڳ هئي. چيو وڃي ٿو ته لاکي وڏو خرچ ڪري اوڏن کان ڪيراڪوٽ جو قلعو ٺهرايو. لطيف سائين سر ڏهر ۾ لاکي سان اوڏن جي رشتيداري ۽ اوڏن جي پورهئي جو تذڪرو ڪيو آهي؛
لاکا لڄ سندياءِ، اوڏ اگلي آهيان،
پکا سي پرتاءِ جي اجهي تنهنجي اڏيا.
)شاهه جو رسالو ؛ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص147(
اڏيو جو اوڏن، سو ڍنگر ڍلو م ٿئي،
پکا سي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اڏيا.
)شاهه جو رسالو ؛ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص147(
ڇنل ڇڄ هٿن ۾ ڪلهن ڪوڏارا،
پورهيي ڪارڻ پيٽ جي اُٿين سوارا،
اوڏ به ويچارا، لاکا وڃن لڏيو.
)شاهه جو رسالو ؛ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص147(
ڪن محقق جو خيال آهي ته سر ڏهر ۾ شامل هي بيت ڀٽائي مهر راڻيءَ جي حوالي سان چيا آهن ؛
م ڪر ڍول ڍلو، ناتو نماڻي سين،
ڪونهي ڪميڻيءَ جو بگر تو بلو،
تنهنجو نانءُ، نِلو، وٺيو ويٺي آهيان.
)شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص641(
ڪر ڪو ڀيرو ڪانڌ، ته مون ور ولهي نه ٿيان،
پکي ڇِنا پاند، ڳنڍ نه ڄاڻي ڪو ٻيو.
)شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص641(
ڍول م کڻي ٻانهڙي، پرهه م کڻي پاند،
آءُ پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لِڪي رانئيان.
)شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص643(
ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي وٿ،
مٿان ڏيئي هٿ، جنهن عيب منهنجا ڍڪيا.
)شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص642(
ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي جوءِ،
لوڪ نه آڇي اوءِ، ڏسي ڏوهه اکين سين.
)شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص642(
ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي کاند،
پاڻان ڍڪي پاند، ڏسي ڏوهه اکين سين.
)شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص642(
ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي ذات،
لوڪ نه آڇي وات، ڏسي ڏوهه اکين سين.
)شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص642(
ور سين وجهيو ڪاڻ، کر سين کِلون پائِيين،
ڀوري مُنڌ اڄاڻ، ڪَڻ ڇڏيو تُهه ميڙئين.
)شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص642(
نهٽي لڳ ‘مهر جو ڏهر’ آهي. جنهن جو نالو وقت جي گردش ۾ بگڙجي ‘ميهوئر جو ڏهر’ بڻجي ويو آهي. جتي مهر جي قبر جا نشان موجود آهن. ميهوئر جي ڏهر ۾ ترائي آهي. جيڪا ‘ميهوئر جي ترائي’ جي نالي سان مشهور آهي. نهٽي ۾ ڳاڙهي ڀڙي جي ڀر سان هڪ کوهه آهي. جنهن کي ڦول سڏيو وڃي ٿو. ٿر جي ناليواري محقق خالد ڪنڀار پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته، چون ٿا انهيءَ کوهه تي انهي محل جي راڻيءَ اچي ڦلن ۾ ترندي هئي، پر حقيقت ۾ اهو کوهه لاکي ڦلاڻي ئي ٺهرايو هو.
هڪ راءِ آهي ته مهراڻي جي ڀر واري علائقي ۾ ‘مهراڻ’ دريا وهندو هو، ‘مهراڻ’ جي نالي پويان مهراڻو جو نالو جڙيو آهي. لاکي ڦلاڻي جي لوڪ داستان ۾ لاکي جي والد ڦل جي وڇوڙي جي واقعي واري شعر مهراڻ جو ذڪر ملي ٿو؛
هڪڙا ڦل واڙئين، ٻيا جي بٺين ڌاڄ،
آءُ لاکا مهراڻ، تو ريءَ سڃو ڪاڇڙو.
_
ور لاکا مهراڻ، تو بن ڪڇڙو ڪُماڻو،
سُرت گڻ سجاڻ، ماڻهن پيو مامرو.
مهراڻ جي حوالي سان ريورٽي جي راءِ آهي ته ‘مهراڻ ناري ماٿري منجهان وهندو هو ۽ ‘جکراڻو’ جي لڳ ڀڳ هڪ هنڌ وٽان ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو. منجهائن هڪڙي شاخ ٿلهي ليکي ڏکڻ اوڀر ڏانهن ويندي هئي’. ريورٽي جي راءِ ۾ جنهن کي مهراڻ چيو ويو آهي اهو بنيادي طور تي هاڪڙي جو وهڪرو آهي پر اهو ‘جکراڻو’ ڪٿي آهي جنهن وٽان ٻه شاخون نڪرنديون هيون !؟ مهراڻي ۾ جکري سان لاڳاپيل ماڳن ۾ نهٽي جو ماڳ اهم آهي. نهٽي ۾ ‘جکري واري ڀٽ’ پڻ آهي. چيو وڃي ٿو ته نهٽي ۾ جکري جي زماني ۾ ‘نو سو هٽ’ هوندا هئا. انهن نو سو هٽن تان هن ماڳ تي نالو نهٽو پيو. هڪ لوڪ بيت آهي ته
جڏهن واريءَ جکري، تڏهن نهٽي نو سو هٽ،
پري کان ئي پانڌين کي، ٿي آئي عطر ڇٽ،
محبت سندا مٽ، هئا مهراڻي جي ملڪ ۾.
نهٽي تي راڄ ڪندڙ جکرو ڪهڙو هو ۽ ان جي واريءَ ڪڏهن هئي؟
هڪ جکرو ڄام چنيسر جو وزير هو؟ جنهن جو تذڪرو شاهه لطيف جي سر ليلا چنيسر ۾ آهي.
جر هارئو ٿي جکري، جڏهن رنو ڏير دار،
ڍولي تڏهن ڍيليين سوڀي! ٿيءِ نه سار،
چنيسر ڀتار، حيلو ڪئو هار جو.
)شاهه جو رسالو ؛ گربخشاڻي ص292(
ليلان جو ماڳ ليهور نهٽي جي ڳاڙهي ڀڙي کان 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.تاريخدانن موجب چنيسر جي بادشاهي جو زمانو 1288 کان 1306ع آهي.
هڪ جکرو ڪيهر اوڍي ۽ هوٿل پري جو پٽ ۽ جيسل جو وڏ و ڀاءُ هو جنهن کي ڄام جکرو هوٿياڻي سڏيو ويندو آهي. جنهن کي سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعري ۾ تمام گهڻو ڳايو ويو آهي. لطيف سائين سر بلاول ۾ ڄام جکري کي ‘جادم جکري’ جي نالي سان ڳائيندي چيو آهي ته ؛
جکرو جوڙي، پاڻ ڌڻيءَ پيدا ڪيو،
ڪيهر جئن ڪر کڻي مُڇن ملهه موڙي،
سمونڊ جئن سير ڪيو، ٿو ٻار جئن ٻوڙي
گهوٽ چڙهيو گهوڙي، پيچين لائي پيچرا.
)شاهه جو رسالو ؛ آڏواڻي ص524(
ڏٺي جادم جکري، چت نه ٻيا چڙهن،
ته ڪي کوهه کڄن، جُه سر لڀي سڀرو؟
)شاهه جو رسالو ؛ آڏواڻي ص524(
محمد سومار شيخ لکيو آهي ته، ڪيهر اوڍو ڪڪرالي جي حاڪم ٻڍي جو ڀاءُ هو. ڪڪرالي تي ٻڍي کان پوءِ ڪيهر اوڍي جي پٽ جکري حاڪميت ڪئي. جڏهن ته معمور يوسفاڻي موجب اوڍي جو پٽ جکرو پارڪر ۽ پائور جو حاڪم هو، پر سندس تخت گاهه پراڻ جي ويجهو هاڪڙي جي ڪناري کان اوڀر کان پاتار شهر ۾ هو. جڏهن ته ڪيهر اوڍي ۽ هوٿل پري جي لوڪ ڪهاڻي ۾ ڪيهر اوڍي جو ڀاءُ ڄام هوٿي ڄاڻايو ويو آهي. منگهارام اوجها پنهنجي ڪتاب ‘پراڻو پارڪر’ ۾ لکي ٿو ته ؛ اوڍي ڄام جا مائٽ مهڙ ۽ منائي سنڌ جا رهاڪو هئا، پوءِ لڏي اچي ڪڇ ۾ رهيا، مهڙ جي ڀاءُ منائيءَ جي ٽينءَ پيڙهيءَ ۾ هوٿي ڪيهر پيدا ٿيو، جنهن جو ننڍو ڀاءُ ڪيهر اوڍو هو.
نهٽي جا مقامي رهواسي لوڪ روايتن جي آڌار ڳاڙهي ڀڙي جي مکيه حصي کي ‘هوٿل جي ماڙي’ ۽ ‘جکري جو محل’ سڏين ٿا.نوجوان شاعر خليل ڪنڀر پنهنجي هڪ نظم ‘سکان’ ۾ ڳاڙهي ڀڙي کي هن ريت ڳايو آهي.
هو جو سامهون ڀڙو ڏسين ٿي،
هن ۾ صديون باهه جيئن ڀاريل،
هن ۾ رت شهيدن جو هاريل،
اڳ ۾ هوٿل جي هئي ماڙي،
هاڻي جا ٺڪراٽ پئي آ،
تو سان شايد ڳالهائيندي،
صدين کان جا ماٺ پئي آ.
نهٽي ۾ ‘نو نرين واري قبرستان’ جي سامهون پرين واريءَ ڪنڊي آهي، جنهن جي چيو وڃي ٿو ته هتي اچي پريون لهنديون هيون. نو نرين وارو قبرستان ڪنهن جو آهي ؟ اهو تحقيق طلب موضوع آهي.
هڪ جکرو ‘گنگا جر’ ۽ ڳهڙ راءُ جي لقب سان مشهور ٿيو، جنهن کي ڪڇ ۾Jakhar Ganga Jaliyo به سڏيو ويندو هو، [26] لاڙ جي پاتار يا پاتال بندر جي رهواسي جکري گنگا جر جو ذڪر ڀٽائي جي شاعري ۾ هن ريت ملي ٿو ؛
پيهي پِنُ پاتار ۾، جت ڳڙهه گنگاجر راءُ،
ڇڏ حيلا هِن هنڌ جا، اُٿي جکري پاسي جاءُ،
اوڏو ٿي الله کي ڳاچ تهين جو ڳاءُ،
سکن ايندءِ ساءُ، ويل ويندءِ وسري.
)شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص621(
ڪري آس اپار، پاري جهليو نه رهي،
ٻيلي ۽ گِرنار، وٺو گنگا جر جکري؟
)شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري، ص 621(
معمور يوسفاڻي ‘ڪتاب اُٺا مينهن ملير تي’ پنهنجي هڪ تحقيق ۾ نهٽي جو راڄ ڌڻي جکرو سهتو ڄاڻايو آهي.يوسفاڻي موجب ‘پوئين دور ۾ جڏهن نهٽي شهر جو آخري عروج هو، تڏهن هن شهر جو حاڪم راءِ جکرو هو. جيڪو ڌورنگ سهتي جو پٽ هو. هن جي دور ۾ مهراڻو وارو علائقو ايترو وسيل هوندو هو، جو ان لاءِ چوندا هئا ته ڍوري ناري يا هميراڻي مان پاٽي رواني ڪبي هئي ته اها هٿوهٿ نهٽي پهچي ويندي هئي. ڌرونگ سهتي جي پٽ راءِ جکري بابت وڌيڪ احوال نٿو ملي. تاريخ جي ورقن مان معلوم ٿئي ٿو ته جوڌپور جي راٺوڙ موڙا سنگهه جي پٽ سهتا سنگهه جو اولاد سهتا قبيلو ساهتي پرڳڻي جو حاڪم رهيو آهي. پر هي علائقو سهتا قبيلي جي حاڪميت هيٺ ڪڏهن آيو؟ ان بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
. تاريخ جي ورقن ۾ هڪ راءِ آهي نهٽو سومرا دور ( 1050 کان 1350) جو مضبوط قلعو هجڻ سان گڏ ضلع ڏمريلهه يا دمريلهه جو هيڊڪواٽر هو.حاڪم علي شاه بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ قديم آثارن جي ڊائريڪٽري ۾ نهٽي جي ماڳ جي حوالي سان دور لکندي سومرا دور (؟) سواليه نشاني ڏني آهي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ لکيو ويو آهي ته ‘دمريلي’ جو ذڪر اٺين صديءَ جي شروع ۾ اسلامي فتحن ۾ اچي ٿو. ‘دمريله ’جو سنڌي اچار ‘دمريلو’ جيڪو اصل ۾ يا پوءِ ڦري ‘ڏنڀرلو ٿيو’ تعلقي ڪنري ۾ ڏنڀرلو جي نالي سان ديهه ۽ ماڳ موجود آهي. محمد بن قاسم نواب بن هارون کي دمريلي جو حاڪم مقرر ڪيو. شيخ خورشيد حسن نهٽي ۽ دمريلهه جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته؛
The popular name Nuhato (Town of nine stores) signified the prosperity of this place in later times, though the old name of Damlelah/Damrelah has survived in village name of Dambharlo ( in its typical Sindhized form ) in the vicinity.

Srinivasan Kalyanaraman پنهنجي ڪتاب ‘سرسوتي’ ۾ سرسوتي يا هاڪڙي جي 414 سائيٽس ۾ هڪ سائيٽ نهٽي جي ڳاڙهي ڀڙي کي ڄاڻايو آهي. قاصد حسين ملاح پنهنجي تحقيق Archaeology and Ethnoarchaeology of the Thar Desert ۾ ڳاڙهي ڀڙي کي علم بشريات جي نقطه نظر سان تذڪري ۾ آندو آهي. ڳاڙهو ڀڙو واريءَ جي دڙن جي ڀرسان آهي. ڳاڙهو ڀڙو موئن جي دڙي جو همعصر عروج وارو ماڳ آهي. ڪن محقق ڳاڙهي ڀڙي کي نهٽي جو پڪو قلعو لکيو آهي. نهٽي ۾ ڪچي قلعي جا به آثار آهن. پڪي قلعي يا ڳاڙهي ڀڙي جي آثارن مان چٽسالي وارن مٽيءَ جي ٿانون جا ٽڪر، ماڻهن ۽ جانورن جا هڏا، سڪن جا نمونا، چاندي ۽ سون جي زيورن جا ٽڪرا ۽ مڻيا ملندا رهندا آهن.مٽي جي ٿانون جي ٽڪرن ۾ سوراخ وارا ٽڪر به آهن.قلعي ۾ استعمال ٿيل وڏي سر جا نمونا به ملن ٿا. سن 1943ع ۾ گهڻي برسات جي ڪري، ڪوٽ جي اتر واريءَ ڀت مان هڪ توب هٿ آئي هئي. جيڪا ان وقت جو ڪليڪٽر مسٽر برنارڊ بڊ 26 ڊسمبر 1943ع ۾ ميرپورخاص کڻائي ويو.
ڳاڙهي ڀڙي ڏانهن سڀ کان ايڇ ٽي لئمبرڪ ڌيان ڇڪايو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نهٽي جي آثارن کي پنهنجي تحقيق ۾ آندو، ڊاڪٽر بلوچ کي نهٽي جي ڀڙي مان هڪ مستطيل ڪاري پٿر جي مهر ۽ ڪجهه سڪا مليا هئا. مهر تي موئن جي دڙي جهڙي لکت ملي ٿي. عبدالله ورياهه نهٽي جي سڪن تي جامع مضمون لکيو، نهٽي جي ڀڙي مان مختلف دورن جا سڪا هٿ آيا آهن. جن ۾ سنڌ جي عرب هباري حڪمرانن جا منصوره ۾ ضرب ڪيل ٽامي جا سڪا، محمد شاهه مغل بادشاه جو دهليءَ مان ضرب ڪيل چانديءَ جو روپيو ۽ ڪڇ جا ڇينگلا، ڪشان دور جا سڪا، سمن ڄامن ۾ ڄام صدر الدين سنجر عرف راءِ ڏنو جو سڪو، ڄام نظام الدين، ڄام فيروز جا سڪا نهٽي مان مليا آهن.
ڳاڙهي ڀڙي جي کوٽائي قديم آثارن جي ماهر محمد شريف 1972ع ۾ ڪرائي هئي. جنوري 2019 ۾ ثقافت، سياحت ۽ نواردات کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي خاص دلچسپي سان ڪئي ويئي، جنهن ۾ شاه لطيف يونيورسٽي جي قديم آثارن جي شعبي ماهرن جي ٽيم حصو ورتو . نهٽي جي ڳاڙهي ڀڙي واري سائيٽ جي سنڀال سار ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪمري واري سائيٽ آفيس قائم ڪئي ويئي آهي. هڪ چوڪيدار رهي ٿو. چوڪيدار عمر خاصخيلي موجب ڳاڙهي ڀڙي تي هڪ چورس سماڌ ورتل قبر ملي ٿي. ممڪن آهي اها ويجهي ماضي ۾ ڪنهن جوڳي سامي جي سماڌ ورتل هجي. ڳاڙهي ڀڙي جي ڀر سان هاڪڙي جي وهڪري جا آثار آهن . ڳاڙهي ڀڙي تان بيهي چوڦير نهار ڦيرجي ٿي ته تاريخ جا ڪيئي تاڪ کلي پون ٿا. ڳاڙهي ڀڙي جو بنياد تاريخ جي دور کان اڳ سامونڊي بندر کان شروع ٿئي ٿو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن پورو ٿر سمنڊ هو ، تڏهن هي ماڳ سامونڊي بندر جي حيثيت سان ڪالي بنگن، ڍولا ويرا ۽ موئن جي دڙي سان واپاري مرڪز طور ڳنڍيل هو. هي شهر هاڪڙي جو پتڻ به رهيو.
هن علائقي کي ڪس جو به علائقو چيو ويندو آهي.بئراج جي ڏاڍي واري زمين ۽ ٿر جي واريءَ جو هن علائقي ۾ سنگم ٿئي ٿو. ڀٽ ڌڻي جي هڪ بيت ۾ ڪس جو ذڪر هن ريت آهي؛
واهوندا وڄون ٿيون کڙيون ڏانهن کنڀاٽ،
ڪنڍيون ڪاهي ڪس ڪريو، وڇون ڪريو واٽ،
سنگهارن سک ٿيو لٿي اڃ اساٽ،
جهڙ ڦڙ ڏيئي جهاٽ، پسائيندو پٽيون.
مهراڻي جي قديم آثارن ۾ کيجراڙي، ميهار جي ڀٽ، ملير جي ڀٽ، راجهاري، هيدي لڳ لالي جو ڀڙو، جعفر شاهه جو مقام، ڳاڙهيار جو ڀڙو، ارڻي جو ڀڙو، سما ننگر جا آثار ۽ ٻيا ماڳ شامل آهن. جن جو جديد سائنسي بنيادن تي اڀياس ڪري ڀڙن ۾ دفن ٿيل هاڪڙا وادي جي تاريخ ۽ تهذيب جي وجود کي پڌرو ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
ڪس جي ڳوٺن ۾ گجڻي جي دانهن مشهور رهي آهي. چيو وڃي ٿو ته سلطان محمود غزنوي پراڻ جي پٽ تان گذر ڪري رهيو هو، ان وقت سامڀر ڀٽي مائي گجڻي جي پٽ ‘وڏهر’ کي بي گناهه مارايو، مائي روئندي وڃي غزنوي کي دانهن ڏني، غزنوي مائي گجڻي جي دانهن ٻڌي پنهنجي لشڪر مان جوان سامڀر تي چڙهائي جي لاءِ موڪليا، تن سامڀر کي ماري مائي گجڻي جي داد رسائي ڪئي. نئون ڪوٽ شهر کان اوڀر طرف هڪ ڀڙو آهي، جيڪو گجڻي جو ڀڙو سڏجي ٿو. هڪ راءِ آهي ته هي سامڀر ڀٽي جو شهر هو، جيڪو محمد غزنوي سامڀر ڀٽي کي مارجڻ کان پوءِ گجڻي جي حوالي ڪيو . فتح محمد شهزاد فتح ٿيٻو پنهنجي ڪتاب ‘سنڌ جي سڳنڌ’ ۾ گجڻي جي دانهن سانڀر ڀٽي ڀٽي بابت رائج ڪهاڻي کي مختلف روايتن ۽ تاريخي حوالن سان بحث هيٺ آڻي جامع ليک لکيو آهي.
ٿانور ڀٽي؛ مهراڻي جي علائقي ۾ ٿانور جو ماڳ موجود آهي. معمور يوسفاڻي موجب ٿانور سومرا دور جو هڪ ننڍو ڀٽي سردار هو. جنهن جي راجائي ڪجهه ٿر ۾ ۽ ڪجهه هاڪڙي جي ڪناري سان هئي. ٿانور جي شهر جا آثار ديهه جنهاڻ جي ڀر سان فضل ڀنڀري اسٽيشن کان ٽي ميل اوڀر طرف هاڪڙي جي ساڄي ڪپ تي آهن، ٿانور جي ملڪ ۾ سخت ڏڪار پيو، ان ڪري هُو پنهنجي زال سان گڏ روزگار جي خاطر اهڙي ملڪ ۾ اچي نڪتو جنهن ۾ پورهئي تي ايندڙن جي لاءِ قانون هئو ته، ڪي به زال مڙس گڏجي نه رهن.هن اهو قانون ڏسي پاڻ کي گونگو ۽ اٻوجهه ظاهر ڪيو ۽ زال کي سمجهايائين ته هوءَ ماڻهن کي ٻڌائي ته هي ٻئي پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ آهن. هڪ رات ٿانور جي زال اداسي جي حالت ۾ بيٺي هئي ته هن پنهنجي علائقي جي مٿان کنوڻ جا تجلا ڏٺا ۽ ڍوڙيندي پنهنجي مڙس وٽ آئي ۽ چيائين ته هو ڏس! رب پاڻ تي راضي ٿيو آهي؛
ٿانور اٿي پس، ڏيهه کوندي وڄڙي.
تنين ڪارڻ وس جنين ور مٽائي ڀائر ڪيا.
_
وس بادل وس، تو وسندي وس ٿئي،
تو پئڪا مون ساهرا کوڻ ڀلايو رس،
تنهين ڀاڱي وس، جن ور مٽائي ڀائر ڪيا.
نامور محقق غلام محمد لاکو پنهنجي هڪ مضمون ‘شاهه عبدالطيف جي رسالي سان عمرڪوٽ ۾ رهاڻ’ ۾ لطيف جي پارکو ولي محمد ڪنڀار جي ڪچهري جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته؛ ان جو مطلب ته ٿري عورت ايتري ڪمزور ، گِدي، بزدل ۽ موقعي پرست آهي جو ٿوري به تڪليف ايندي پنهنجي مڙس کي ڇڏي وڃي ٿي ۽ ان کي پنهنجو ڀاءُ ٿي سڏي..اصل ڳالهه جو پيرو کڻندي حاجي ولي محمد چيو ته ٿانور ڀٽي ٿر جو رهاڪو هو. هر سال لطيف جي محفل ۾ ڪا نه ڪا سوکڙي کڻي ويندو هو. هڪ سال بارش نه پئي ۽ سخت ڏڪار ٿي پيو. ٿانور مايوس پريشان شاهه صاحب جي محفل ۾ ويو. پنهنجي تڪليف جو ذڪر ڪيائين. قدرت خدا جي اتر کان ڪارو ڪڪر نڪتو ۽ کنوڻ چمڪو ڏنو. ان تي شاهه ڀٽائي هي بيت چيو ته ؛
ٿانور اٿي پس ڏيهه کنونديون وڄڙيون.
تنين ڪارڻ وس، جن ورن مٿي بار پيا.
هن بيت جي پهرين صورت تسليم ڪرڻ گويا ڪِ ٿر جي تهذيب ۽ تمدن توڙي اتان جي عورت جي وفاداري تي زبردست شڪ ڪرڻ آهي.
ڏونگها آڇ م تن کي ڪاسا جني ڪم،
پنندي پرڏيهه ۾ تن سوڍين ٿئي شرم،
اٿن گهڻو ادب سين، ڳالهائين نرم،
قادر ڪر ڪرم، ان جي وطن ۾ وس ٿئي.
)شاهه جو رسالو ؛ قليچ ص165(
ٿانور وارن بيتن ۾ ڀٽائي ٿانور جي ذات نه ڄاڻائي آهي. ڀاٽين جي تاريخ ۾ ٿانور جو تذڪرو نٿو ملي.‘ڏونگها آڇ م تن کي ’واري بيت ۾ ڀٽائي ڏڪار سبب پرديس آيل ڪهڙين ‘سوڍين’ کي ڳايو آهي؟ سوڍن جي ريت روايت ۾ ڏڪار سبب لڏپلاڻ ڪرڻ شامل نه رهيو آهي. هي بيت ٿانور وارن بيتن سان گڏ ملي ٿو . انهي تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.
فتح محمد شهزاد فتح ٿيٻي لکيو آهي ته، ٿانور ڀٽي راجا سارنگ راءِ ۽ راڻي چترا ديوي جو فرزند هو. ٿانور ڀٽي ۽ ‘مڌومتي’ جي پريم ڪهاڻي مشهور آهي. سنڌ ۾ سلطان محمود عزنوي سان ٿانور ڀٽي جو وڏو معرڪو مچيو هو. ٿانور ڀٽي جو اصل ڳوٺ ننگرپارڪر جو ڳوٺ گوندي هو ۽ پوءِ هُو هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪپ تي اچي آباد ٿيو. فتح محمد ارڙهين صدي جي لوڪ شاعر ڦل مڱڻهار جي ٿانور ڀٽي جي لوڪ داستان تي سرجيل ڪوتا ڏني آهي.
بروڙ جا آثار ؛ برووي ۽ رپ جي مشهور عشقيه ڪهاڻي آهي. لطيف سائين برووي ۽ رپ جي ڪهاڻي پنهنجي ڪلام جي چئن سرن برووي، رپ، ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ اشارن سان پيش ڪري هميشه جي لاءِ زنده ڪري ڇڏي آهي.
معمور يوسفاڻي موجب ؛ محمد بن قاسم راوڙ جي فتح بعد برهمڻ آباد ڏانهن موٽيندي بروئڙ جو قلعو به فتح ڪيو هو. جنهن کي عرب مورخن بهرور يا برور لکيو آهي مهراڻي ۾ جتي ٿانور جو ڦٽل شهر آهي اتي بروئي جي آباد ڪيل شهر بروڙ جا کنڊر پڻ آهن بروو بروڙ ۽ رپ گاڙهي ڀڙي جي رهاڪو هئي ڪلياڻ رپ جي پيءُ جو نالو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي ادب جي تاريخ، ڀاڱو، پهريون’ ۾ لکيو آهي ته ؛ قلات جي پاسي لوڙائو ذات جا ڪي ماڻهو رهندا هئا. انهن روزگار سانگي وڃي دهلي وسائي. انهن ۾ بروو نالي هڪ نوجوان هو. هو بادشاهه سلامت جي محل اڳيان روز مٽندو هو. محلات جي دري مان نهاريندڙ شهزادي رپ هئي قلات جي تذڪري وارا هيٺيان بيت ڏنا آهن.
وٺو ڏيهه قلات، مون لوڙائو پسيا.
جيئن هُت کنويون کنوڻيون هت برهه سندي بات،
وڏي ڪنهن ولات، مارو ملڪ مٽي ويا.
_
وهلو ور وريا پرين، آءُ ڪانگا ڪر لات.
ويا جي قلات سي اڏامي آڻ تون،
تاريخ ريگستان ڀاڱو پهريون ص 11
ٿر فيسٽيول ۾ پڙهيل مقالو
هي دوهي جون مختلف پڙهڻيون آهن، مختلف علائقن جي نالن سان هي ملي ٿو مثال طور ؛
سياڙي کاٽُو ڀلو، اونهاڙي اجمير،
لاڌاڻو نت ڀلو، سرامڻ بيڪانير
لاکو ڦلاڻي( سنڌ جو سورهيه سردار ) مرتب؛ قاضي مقصود احمد، ص 43
لاکو ڦلاڻي( سنڌ جو سورهيه سردار ) مرتب؛ قاضي مقصود احمد، ص 146
ڀٽائي ءَ جو مطالعو معمور يوسفاڻي ص 188
سيد راضي شاهه لڪياري محققن موجب 1754ع ۾ جنم ورتو ۽ 1844ع ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪري ڪري ويو. نئون ڪوٽ اسٽيشن کان ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ٽالپر دور جي هن نامور شاعر ۽ دويش سيد راضي شاهه لڪياري جي درگاهه تي هر سال ميلو لڳندو آهي. سيد راضي شاهه لڪياري کي ماڻهو عقيدت وچان مهراڻي جو مير ۽ راضي شاهه گهوٽ پڻ چوندا آهن. ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳي سيد راضي شاهه لڪياري جي درگاهه جي مريدياڻي هئي. هن انتهائي حب مان سيد راضي شاهه لڪياري جي مان ۾ لوڪ گيت ڳايو آهي.
مهراڻي جا مير، واڳون وطن ڏي وار…
_______________

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.



