ڇا اسان جو تعليمي نظام واقعي سکڻ جو هنر سيکاري رهيو آهي؟
اسان جي سماج ۾ تعليم جو مفهوم آهستي آهستي سکڻ کان وڌيڪ نمبرن سان وابسته ٿي ويو آهي. ٻار جيئن ئي اسڪول جي در تي پهچي ٿو، تيئن هو اهڙي ڊوڙ ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي آخري منزل علم نه، پر نتيجن جي هڪ پرچي هوندي آهي. والدين جي اکين ۾ به اعلي نمبرن جا خواب هوندا آهن، استادن جي ڪاميابي به نتيجن سان ماپي ويندي آهي، ۽ ادارا به پنهنجي عظمت کي امتحاني انگن اکرن ۾ ڳوليندا آهن. پر زندگيءَ جا امتحان نه حافظي سان کٽبا آهن، نه ئي ڊگريون انهن جا در کولينديون آهن.

تبديلي رڳو نصاب جي ورقن کي بدلائڻ سان نه ايندي، حقيقي انقلاب تڏهن ايندو، جڏهن سوچ تبديل ٿيندي، تدريس جا طريقا نوان ٿيندا، استادن جي تربيت مضبوط ٿيندي، امتحاني نظام سکڻ کي اهميت ڏيندو، والدين جا رويا متوازن ٿيندا ۽ تعليمي پاليسيون مستقبل جي ضرورتن سان هم آهنگ بڻبيون. اڄ وقت اسان کان هڪ نئون عزم گهري ٿو، اهڙو تعليمي نظام، جيڪو رڳو نوڪريون حاصل ڪندڙ ماڻهو نه، پر ڪردار جا امين، ذميوار شهري، تخليقي مفڪر، جاکوڙي محقق ۽ سڄي زندگي سکندا رهندڙ انسان پيدا ڪري، ڇو ته قومن جي حقيقي عظمت آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتن ۾ نه هوندي آهي؛ اها انهن انسانن جي اکين جي روشنيءَ ۾ هوندي آهي، جيڪي سوچڻ ڄاڻن ٿا، سکڻ کان ڪڏهن به نٿا ٿڪجن، ۽ پنهنجي علم کي ٻين جي زندگيءَ ۾ روشني ورهائڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا.
نثارٻانڀڻ
ڪنهن به قوم جي تقدير ان جي واهڻ، وستين، ٿرن، برن، جبلن، دريائن، معدني ذخيرن يا سرسبز ميدانن ۾ نه، پر ان جي درسگاهن ۾ لکبي آهي. قومن جي اوسر جو بنياد دولت نه، پر اهڙو تعليمي نظام هوندو آهي، جيڪو ذهنن کي روشني، دلين کي شعور ۽ شخصيتن کي وقار عطا ڪري. تعليم، جيڪڏهن انسان کي سوچڻ، سمجهڻ، سوال ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ پنهنجي عقل جي روشنيءَ ۾ فيصلا ڪرڻ جو سليقو سيکاري، ته اها قوم تاريخ جي وهڪري ۾ پنهنجو الڳ مقام ماڻي وٺندي آهي پر جڏهن تعليم رڳو امتحانن، نمبرن ۽ ڊگرين جي ديوارن ۾ قيد ٿي وڃي، صرف نوڪري حاصل ڪرڻ جو گس بڻجي ٿي تڏهن اها ذهنن کي آزاد ڪرڻ بدران کين محدود ڪرڻ لڳندي آهي. اسان جي سماج ۾ تعليم جو مفهوم آهستي آهستي سکڻ کان وڌيڪ نمبرن سان وابسته ٿي ويو آهي. ٻار جيئن ئي اسڪول جي در تي پهچي ٿو، تيئن هو اهڙي ڊوڙ ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي آخري منزل علم نه، پر نتيجن جي هڪ پرچي هوندي آهي. والدين جي اکين ۾ به اعلي نمبرن جا خواب هوندا آهن، استادن جي ڪاميابي به نتيجن سان ماپي ويندي آهي، ۽ ادارا به پنهنجي عظمت کي امتحاني انگن اکرن ۾ ڳوليندا آهن. پر زندگيءَ جا امتحان نه حافظي سان کٽبا آهن، نه ئي ڊگريون انهن جا در کولينديون آهن؛ اتي ته بصيرت، تخليق، همت، اخلاق ۽ صحيح فيصلي جي سگهه ئي انسان جو ساٿ ڏيندي آهي.
هر ٻار فطرت جي هڪ منفرد تخليق آهي، ڪو سوالن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي واٽ ڳولي ٿو، ڪو رنگن ۽ سُرن ۾ پنهنجو جهان آباد ڪري ٿو، ڪو انگن اکرن سان مستقبل جون تصويرون ٺاهي ٿو، ته ڪو انسانيت جي خدمت ۾ پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ڏسي ٿو. تعليم جو حقيقي حسن ان ڳالهه ۾ آهي ته اها هر ٻار جي اندر لڪل صلاحيت کي سڃاڻي، ان جي پرورش ڪري ۽ کيس اهو آسمان عطا ڪري، جتي هو پنهنجي اُڏامن جو پاڻ تعين ڪري سگهي، افسوس اهو آهي ته اسان جي تعليمي فضا ۾ سوال ڪرڻ کي هميشه همٿ نه ملي آهي. هتي اڪثر جواب ياد ڪرڻ کي ذهانت سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته سوال ئي علم جو پهريون دروازو هوندو آهي. تجسس، تنقيدي سوچ ۽ تحقيق جو جذبو، جيڪي تهذيبن جي ارتقا جا بنيادي محرڪ آهن، سي نصابي بار ۽ امتحاني خوف هيٺ آهستي آهستي دم ٽوڙي ويهندا آهن. نتيجي ۾ شاگرد ڄاڻ ته گڏ ڪري ٿو، پر ان ڄاڻ مان نوان خيال تخليق ڪرڻ، مسئلن جا حل ڳولڻ ۽ زماني سان گڏ هلڻ جي مهارت حاصل نٿو ڪري. اڄ جي دنيا هر پل پنهنجو چهرو بدلائي رهي آهي، مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، ڊيٽا سائنس ۽ خودڪار نظام انساني زندگيءَ جي هر شعبي کي نئين معنيٰ ڏئي رهيا آهن، اهڙي دور ۾ ڪتابن جا ورق اهم ضرور آهن، پر اهي اڪيلا ڪافي ناهن. اسان کي اهڙي تعليمي ماحول جي ضرورت آهي، جتي ٻار رڳو پڙهن نه، پر ڳولهن؛ تلاش ڪن، رڳو ٻڌن نه، پر سوال ڪن؛ رڳو نظريا نه پڙهن، پر تجربا به ڪن؛ رڳو اڪيلا نه وڌن، پر گڏجي ڪم ڪرڻ، اختلاف کي سمجهڻ ۽ سکڻ جي سفر کي سڄي عمر جاري رکڻ جو هنر به سکن. مستقبل انهن جو هوندو، جيڪي تبديليءَ سان گڏ پنهنجو پاڻ به بدلائڻ ڄاڻندا.
تعليم جو مقصد ذهنن کي معلومات سان ڀرڻ نه، پر شخصيتن کي قدرن سان سينگارڻ آهي، ايمانداري، ديانت، رواداري، احترام، ذميواري، سهڪار ۽ انسانيت سان محبت اهي اهڙا گل آهن، جيڪي تعليم جي باغ ۾ ٽڙڻ گهرجن، جيڪڏهن ڪو نوجوان اعلي نمبر ته ماڻي، پر سندس دل مان انسانيت جي خوشبو موڪلائي وڃي، ته پوءِ اها تعليم سماج لاءِ روشني نه، رڳو هڪ بي روح سند بڻجي رهجي ويندي. هن سموري عمل جو مرڪزي ڪردار استاد آهي. استاد ڪتابن جا لفظ نه پڙهائيندو آهي؛ هو ذهنن ۾ سوال پوکيندو آهي، دلين ۾ اعتماد جا ڏيئا روشن ڪندو آهي ۽ اکين ۾ خوابن جي روشني ڀريندو آهي. سندس هٿن ۾ رڳو هڪ ڪلاس جو مستقبل نه، پر پوري نسل جي تقدير هوندي آهي. اهڙيءَ طرح والدين جو فرض به رڳو نمبرن جي گهر ڪرڻ تائين محدود نه هجڻ گهرجي؛ کين پنهنجن ٻارن جي ذهني سڪون، جذباتي اوسر، فطري لاڙن ۽ سکڻ جي خوشيءَ جو به اوترو ئي خيال رکڻ گهرجي. تعليمي ادارن کي به پنهنجون ترجيحون نئين سر ترتيب ڏيڻيون پونديون. جيڪڏهن ادارا پنهنجي عظمت کي رڳو اشتهارن، نتيجن ۽ داخلائن جي انگن ۾ ڳوليندا رهندا، ته تعليم جو روح آهستي آهستي انهن جي هٿن مان نڪري ويندو. حقيقي درسگاهه اها آهي، جتي ٻار خوشيءَ سان سکندا هجن، غلطي ڪرڻ کان نه ڊڄندا هجن، سوال ڪرڻ کي پنهنجي عزت سمجهندا هجن، ۽ هر نئين ڏينهن سان گڏ پنهنجي شخصيت کي وڌيڪ روشن بڻائيندا هجن.
اسان کي اهو به سمجهڻو پوندو ته تبديلي رڳو نصاب جي ورقن کي بدلائڻ سان نه ايندي، حقيقي انقلاب تڏهن ايندو، جڏهن سوچ تبديل ٿيندي، تدريس جا طريقا نوان ٿيندا، استادن جي تربيت مضبوط ٿيندي، امتحاني نظام سکڻ کي اهميت ڏيندو، والدين جا رويا متوازن ٿيندا ۽ تعليمي پاليسيون مستقبل جي ضرورتن سان هم آهنگ بڻبيون. اڄ وقت اسان کان هڪ نئون عزم گهري ٿو، اهڙو تعليمي نظام، جيڪو رڳو نوڪريون حاصل ڪندڙ ماڻهو نه، پر ڪردار جا امين، ذميوار شهري، تخليقي مفڪر، جاکوڙي محقق ۽ سڄي زندگي سکندا رهندڙ انسان پيدا ڪري، ڇو ته قومن جي حقيقي عظمت آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتن ۾ نه هوندي آهي؛ اها انهن انسانن جي اکين جي روشنيءَ ۾ هوندي آهي، جيڪي سوچڻ ڄاڻن ٿا، سکڻ کان ڪڏهن به نٿا ٿڪجن، ۽ پنهنجي علم کي ٻين جي زندگيءَ ۾ روشني ورهائڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا.
________________________

نثار ٻانڀڻ انگريزي، سنڌي ۽ اُردو ۾ ڪالم، ڪھاڻيون ۽ شاعري لکي ٿو. سندس ليک سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ شائع ٿيندا رھندا آھن



