Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

لوڪ ادب: ٿر جي چارڻ ڪَوِين جي رومانوي شاعري

رومانوي شاعريءَ ۾ چارڻ شاعرن پيار، محبت جي تصور کي سگهه ڏئي من جي معصوميت سان امن جو هٿ پڪڙيو آهي. ڪويتا جي ڪنٺي تي بيهي، سرسوتيءَ ۽ ڪاليءَ کي سرچائي، چاهتن جي چانڊوڪيءَ ۾ انساني عشق جو  امرت پيتو آهي. چارڻ ڪوين، ڪوتا ۾ ڪاڪ محل جا رنگ رچايا به آهن ته ڪاڪ  محل کي ڪاڙهيو به آهي. ڪوتا ۾ مومل ڏاگهه تان موٽائي به آهي ته مومل کي ڏاگهه تي چاڙهيو به آهي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ڀارومل امراڻي

ٿر جي چارڻن جي رومانوي شاعري به ڏاڍي دل لڀائيندڙ پئي رهي آهي. رومانوي شاعريءَ ۾ چارڻ شاعرن پيار، محبت جي تصور کي سگهه ڏئي من جي معصوميت سان امن جو هٿ پڪڙيو آهي. ڪويتا جي ڪنٺي تي بيهي، سرسوتيءَ ۽ ڪاليءَ کي سرچائي، چاهتن جي چانڊوڪيءَ ۾ انساني عشق جو  امرت پيتو آهي. چارڻ ڪوين، ڪوتا ۾ ڪاڪ محل جا رنگ رچايا به آهن ته ڪاڪ  محل کي ڪاڙهيو به آهي. ڪوتا ۾ مومل ڏاگهه تان موٽائي به آهي ته مومل کي ڏاگهه تي چاڙهيو به آهي.

رومانوي شاعريءَ ۾ چارڻ شاعرن جو ذاتي عشق ڪائناتي عشق ٿي وڃي ٿو. هنن عاشقيءَ جو تاج  پائي هلندڙ  سندر نار جي ڳهڻي جهڙي حسين شاعري جي تصوراتي ڳلين ۾، احساسن ۽ جذبن جي  تنبوري جون تارون عشق جي آڱرين ۾ الجهايون نه آهن. سدائين پريت جو پتو پاٻوهه سان پڇائي ٻاجهه ڀريل ٻولن سان سڪ کي سُلجهائي، جيوَن جو سشيل ۽ سريلو گيت گونجايو آهي. جنهن جي گونج تي قرب جون ڪَتيون ڪَر موڙي اُٿيون آهن، روح رقصان ٿيو آهي. اهڙا ڪجهه دوها هيٺ ڏجن ٿا:

هون ٻلهاري سجڻان، سجڻ مين ٻلهار،

هون سجڻ پگ ڌوڙ،سجڻ مين گڙءِ هار.

(آءٌ سڄڻ تان ٻلهار وڃان، سڄڻ مون تان گهور وڃي ٿو، آءٌ سڄڻ جي پير جي ڌوڙ آهيان، سڄڻ منهنجي ڳلي جو هار آهي)

نالا نديان سون مڙي، نديان سرور جاءِ،

بڇڙي سون بڇڙي مڙي، ايسي سهي نه جاءِ.

(ننڍا ننڍا وهڪرا (برساتي پاڻيءَ جا) نئن سان ملي رهيا آهن، ۽ نئيون ڍنڍن ۽ سمنڊن طرف روان دوان آهن، ڏسو ته وڇڙيلن سان وڇڙيل ڪيئن ملي رهيا آهن، اي منهنجا محبوب توبن مون کان هي (مينهوڳيءَ جا) نظارا سَٺا نه ٿا ٿين)

نه مڙوا ڀلو نه بڇڙوا ڀلو ، تج دونو ڪو سنگ،

بڇڙتي مئي مڇلي، ملتي مريو پتنگ.

(نه ملڻ ڀلو آهي نه وڇڙڻ ، ٻئي ڪم ڏکيا آهن، وڇڙڻ سان مڇي مري ويندي آهي، شمع سان ملندي پتنگ پسا هه پورو ڪريو ڇڏن)

انگ انگ منجهه اوڦڻي، جو ون آٺون جام،

تيون ڍاٽي تصوير رو، قلم هوي نهين ڪام.

(ڪامڻين جي انگ انگ مان جوڀن جو جام (شراب) ڏينهن رات جهلڪا کائي رهيو آهي ، انهي ڍاٽيءَ حسن جي تصوير نگاري ڪرڻ لاءِ قلم کي سگهه ئي نه آهي)

جاتان سمهو مت جو، جين جوئيس تين جاسين گهڻو

ڀر ڀر نيڻ مت رو،   جي گڻ هوسين تو آوسين وڙي  .

(ويندڙن ڏي نه نهار، جيئن نهاريندين تيئن گهڻو پري ويندا، انهن جي لاءِ  ڀر ڀر نيڻ نه رو ءِ، جي ڳڻ هوندو ته ٻيهر موٽي ايندا)

اديتا هُون اوجلو، ماروئل مُک ٻران،.

جهيڻا ڪپڙا پهرڻا، جُون جهاکي شوبران

ڪٿڪ ڪهاڻي پريم ري، ڪهي سون ڪهي نه جاءِ،

گونگي ڪا سپنا ڀيا، سمر سمر پڇتاءِ.

(محبت جي ڪهاڻي ڏاڍي ڏکي آهي، چوڻ سان چئي نه ٿي سگهجي، اها ڄڻ ته گونگي جو سپنو آهي، جنهن تي سوچي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، پر چئي نه ٿو سگهجي)

جل ٿوڙو نيھ گهڻو، لگا پريم را ٻاڻ،

تون پي تون پي ڪر رهيا، نڪل گيا پراڻ.

(هرڻن جي اُڃايل جوڙي کي پلر جو پاڻي هٿ چڙهيو، جيڪو ٿورو هو، جوڙي جي پاڻ ۾ محبت وڌيڪ هئي. هڪ ٻئي کي پاڻي پيئڻ جو آڇون ڪندا رهيا، پاڻي ڪنهن به نه پيتو، تان جو اڃ ۾ سندن ساهه نڪري ويو.)

چوٿ آوي ري سهليان ، چمڪڻ لاڳي کاٽ،

آوسي گوري رو بالمو، ڏيئي چاڙسي واٽ

(چوٿين ءَ جو چنڊ اُڀريو آهي، منهنجي کٽ چمڪڻ لڳي آهي، اڄ مون گوريءَ جو بالم ايندو ۽ اچي منهنجي من جي اُجهامندڙ ڏيئي جي وٽ روشن ڪندو)

پريتم پريت لگا ڪي، ڏيسان ڏُور نه جاءِ،

رهو مانري ننگري، مين مانگون، تم کاءِ.

(پريتم! مون سان پريت ڪري دور ديس نه وڃ، ڪمائيءَ جو بهانو نه ڏي، تون منهنجي ڳوٺ ۾ مون سان گڏ رهه، آءٌ پني اينديس ۽ تون کائجانءِ)

تيرس آوي ري سهليان، تريا مانڏي هيس،

نر بنان، ناري ڪيسي، اُر لي ڀاگي ايس.

(تيرهين ءَ جو چنڊ ڇا اڀريو، هر ناريءَ جي اندر ۾ آنڌ مانڌ جاڳي پئي آهي، پنهنجي پريتم بنا ناري ڪيئن ٿي رهي سگهي، جوڀن جي سگهه جسم مان ڇلڪي ٿي پوي ، ارهه سان کٽ جي ايس ٽُٽي ٿي پوي،)

ڪونجان رات ڪريڙيو، ٽولي ٽولي بيس،

مين ستي ساجن ساريو، اُرلي ڀاگي ايس.

(رات ڪونجون ڪرلائينديون ويون، ٽوليءَ ٽوليءَ ۾ ويهه هيون، ڪونجن جي آواز تي مون ستي ساجن کي ساريو ۽ ارهه سان کٽ جي ايس ڀڄي پئي(.

راتي سارس ٻوليا، درياپيهلي دنگ،

مين ستي ساجن ساريو، ارگت بهه گئي انگ.

(رات سارس پکي درياهه جي ڪنڌيءَ تي اچي ٻوليو، سارس جي مٺي ٻولي تي مون کي ستي ساجن ياد پيو، جسم تي ڄڻ ته ارگت (ڪارائي) وهي وئي.)

آنکڙيان ڇائين پڙي، پنٿ نهار نهار،

جيبلڙي ڇالا پڙيا، پيا تجهه پڪار پڪار.

(پريتم! تنهنجي واٽ نهاري نهاري اکين ۾ ڇائيون پئجي ويون آهن، توکي پڪاري پڪاري زبان تي ڇالا (ڦلوڪڻا) ٿي پيا آهن)

باٽڙيان ٿانري جووتي، مان ري انکڙيان دن رات،

آئو مان را صاحبا، تو هي ڪرليان منڙي ري بات.

(منهنجون اکيون ڏينهن رات تنهنجون واٽون نهارين ٿيون، اي منهنجا صاحب، اچ ته تو سان من جون ڳالهيون ڪري وٺان)

ساجن ساجن ڪر رهي، ساجن مان ري جي ري جڙي،

ساجن لکاوان ڪانچوڙي، او باچان گهڙي گهڙي.

(آءٌ ساجن ساجن ڪري رهي آهيان، ساجن منهنجي جيءُ سان جڙيل آهي، آءٌ ساجن جو نالو پنهنجي ڪانچوي تي لکايان ۽ پل پل ان کي ويٺي پڙهان)

ساجن ايسا ڪريئي جيسا، اڪان مهيلان ڏڌ،

اوگڻ سين گڻ ڪري، او ساجن اهين سڌ.

(ساجن اهڙو، ڪجي جهڙو اڪ جو کير آهي،  بي ڳڻي سان ڳڻ ڪري(ڀلائي ڪري)، ساجن سهڻو ۽ لائق آهي)

انکيان لال ڀئي، نور گمايا روءِ،

ڍولا پرديس ۾، پرايا ٻنڌن هوءِ.

(مون تنهنجي وڇوڙي ۾ روئي روئي اکيون لال ڪري ڇڏيون آهن، ڍولا! تون پرديس ۾ پرايو ٻنڌن ٿيو ويٺو آهين)

دُججڻ ويڻ نا سانڀڙيئي، منان مَ وساريهه،

ڪونجان لال ٻچان جون، کڻ کڻ چيتاريهه.

(اي ڍولا! برن ماڻهن  جون ڳالهيون ڪري، مون کي نه وسارجان، ڪونجن جي ننڍڙن لال  ٻچڙن جيان گهڙي گهڙيءَ مون کي چت ۾ رکجانءِ)

ساجن ايسا ڪريئي جيسا، ڪنوي مهلان ڪوس،

پگ ڏي پڇو مهلان، تو پڻ رتي نا آڻي روس.

(ساجن اهڙو ڪجي، جهڙو کوهه جو ڪوس آهي، جيئن ڪوس کي کوهه ۾ وجهڻ (وارڻ) مهل پير سان ٿڏو ڏئي واربو آهي، پر هو رتيءَ برابر به ناراض نه ٿيندو آهي، تيئن ساجن سهپ وارو هجڻ گهرجي)

ساجن ايسا ڪيجئي، جيسا سارس هوءِ،،

ايڪلڙا جيوي نهين، ساٿ مرتا دوءِ..

(ساجن اهڙو ڪجي، جهڙو سارس (پکي) آهي، هو هيڪلو ڪڏهن جي نٿو سگهي،پنهنجي جوڙي سان گڏ مرندو آهي)

ساجن ايسا ڪريئي، جيسا ريشم رنگ،

سر سوري ساس پنجري، تو ڀي نا ڇوڙي سنگ..

(ساجن اهڙو ڪجي جهڙو ريشم جو رنگ آهي،  اهڙي ساجن جو سر سوريءَ تي هجي يا ساهه پنڃري ۾ قيد هجي، تڏهن به ساٿ ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿئي)

ساجن ايسا ڪريئي، جس ڪا، گهر سمها گهر هوء،

انگ ميڙاپو مقدر ڪرسي، ميٽ ميلاپو  تو هوءِ.

(ساجن اهو ڪجي، جنهن جو گهر سامهون گهر هجي، جسمن جو ميلاپ مقدر جو لکيو آهي،پر نيڻن جو ميلاپ ٿي سگهي ٿو)

ساجن هون ٿان ري ٿڪي، وسان سمهلي واس،

ڪم ڪران گهر آپري، جيءُ تمهاري پاس.

(ساجن آءٌ تنهنجي نالي ٿيل (‘ٿڪي’ مخصوص ٿري لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ: آهي نالي ٿيل) سامهين ڏس ۾ رهان ٿي، ڪم ڪار پنهنجي گهر ڪندي آهيان، پر منهنجو جيءُ تو وٽ ئي هوندو آهي)

اتر ڏس اوجيس ڀيو، چمڪي ويجڙيان،

ماروئل پاسو ڦوريو، چمڪين پاسڙيان .

(اتر طرف روشنيءَ جو اهاءُ ٿيو، مون ڀانيو ٿر تي مينهن وٺو آهي، وڄ جا وراڪا آهن، پر پڇا ڪرڻ تي پتو پيو ته ماروئل سُتي پاسو ڦيريو ته هُن جون پاسڙيون چمڪيون هيون)

اکر سڀ سکرهي، ڪڇ ڪهڻي ڪا بيڻ،

اوئي ڪاجل ٺڪري، اوئي ڪاجل نيڻ.

(لفظ سڀ سهڻا آهن، پرڪجهه چوڻ جو فرق آهي. جيڪو ڪجل (ٺڪريءَ) تي ڪم اچي ٿو [ڪنڀر مٽيءَ جي برتن تي ڪجل کي مس ٺاهي چٽ ڪڍندو آهي.] اهو ئي ڪجل سهڻين اکين جي حسن جو حصو به ٿئي ٿو)

ڀلا ڀو نه وسرين، نگڻ نه آوي چت،

اوگڻ مٿي گڻ ڪري، او ساجن ڪٿ!

(ڀلا ماڻهو ڪڏهن نه وسرندا آهن، بي ڳڻا ڪڏهن چت تي نه ايندا آهن، بي ڳڻي (ڪردار جي ڪچي) سان ڳڻ ڪن. منهنجا اهڙا ساجن ڪٿي آهن!؟)

ڀلا ڀو نه وسرين، نگڻ نه آوي چِت،

اڻ لوڀي نينهن گهڻو، او ساجن ڪِٿ!

(ڀلا ماڻهو ڪڏهن نه وسرندا آهن، بي ڳڻا ڪڏهن چت تي نه ايندا آهن، بنا جن وٽ لوڀ لالچ  کان سواءِ نينهن گهڻو آهي. منهنجا ساجن ڪٿي آهن؟)

ڀلا ڀو نه وسرين، نگڻ نه آوي چت،

جن ڏٺي جيءَ ٺري، او ساجن ڪٿ!

(ڀلا ماڻهو ڪڏهن نه وسرندا آهن، بي ڳڻ ڪڏهن چت تي نه ايندا آهن، جن کي ڏسي جيءُ ٺري، اهي منهنجا ساجن ڪٿي آهن)

ڀلا ڀو نه وسرين نگڻ نه آوي چيت،

هاڏي هنس نا جنمي، ڪُڙ ري نه ڇڏي ريت.

(ڀلا ماڻهو ڪڏهن نه وسرندا آهن، بي ڳڻ ڪڏهن چت تي نه ايندا آهن، ڪانگ ڪڏهن هنج کي  جنم نه ڏيندو آهي، هُو نسل جي ريت نه ڇڏيندو آهي ڪانگ جو ڄاول ڪانگ ئي رهندو)

ڀلا ڀو نه وسرين، نگڻ نه آوي چت،

ٽانٽي ٽوٽي جاسي، ڀار جهلسي ڀت.

(ڀلا ماڻهو ڪڏهن نه وسرندا آهن، بي ڳڻ ڪڏهن چت تي نه ايندا آهن، ٽانٽي (کپ جي ڪکن/ڪنڊن جي ديوار/لوڙهو وغيره جنهن تي اڪ/ ڄار وغيره جي سنهين ڪاٺين سان نوڙي جي سلائي ڪئي ويندي آهي) وزن اچڻ سان ٽٽي ويندي آهي، پر ڀت وزن جهليندي آهي)

جوڙي ڏوئي هاٿ، تر يا، آگڙ انمي ڪيسو؟

نميا ترلوڪي رو، ناٿ، راڌا آگڙ راجيا.

(اهو مرد ڪهڙو، جيڪو ٻئي هٿ جوڙي ناري جي اڳيان نميو نه هجي!؟ (ديومالائي ڪهاڻين موجب) ٽن لوڪن جو ناٿ شري ڪرشن راڌا جي اڳيان نميو هو)

راگان ميٺي سورٺي، چوپڙ ميٺي سار،

سيجان ميٺي سندري، رڻ ميٺي تلوار.

(راڳڻين ۾ سورٺ مٺي راڳڻي آهي، چوپڙ راند ۾ رانديگرکي ساري مٺي لڳندي آهي. سيج تي سُندري مٺي (وڻندڙ) لڳندي آهي، رڻ کيتر (ويڙه) ۾ تلوار مٺي (ڀلي) لڳندي آهي)

فوج گهٽا کگ دامڻي ، ٻوند لاگي سُر جيم،

پاوس پيو بنا اٻلا، ڪيتي جيو جي  ڪيم.

( بادلن جي فوج ، تلوارن جي  تجلي جهڙي وڄ، تير وانگر بوندون سر تي لڳي رهيون آهن. مينهن وسڻ جي اهڙي منظر ۾  اي سکي! بالم کان سواءِ اٻلا ڪيئن جيئي سگهي ٿي)

جوُن سالوران  سروران، جُون ڌرتي سون ميهه،

چمپڪ ورنءَ، بالهئه ، چند مکي سون نيهه.

(جنهن نموني ڏيڏر جو پريم تلاءَ سان، مينهن جو پريم ڌرتي سان هوندو آهي، اهڙي نموني چنبيلي جي رنگ واري پريتم (ڍولا ڪمار) جي چنڊ جهڙي ماروئل سان آهي)

هيم ورڻ، ٻالڪ بدن، جهيڻ لنڪ  مرگهه اک

او سوندر ڪَم وسري ، جي رو گڻ جيو لک

(سونو رنگ، ڪومل بدن، سنهڙي چيلهه ۽ مرگهه نيڻي اها سوندري ڪيئن سگهندي، جنهن جو هڪ گڻ لک جهڙو آهي)

______________________

Bharu Mal-Sindh Courier

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button