Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ قيادت جو بحران آھي

قيادت جي پيدا ٿيڻ , اسرڻ ۽ ڪامياب اڳواڻ بڻجڻ لاءِ قدرتي صلاحيتن سان گڏ بھادري , ايمانداري, انصاف پسندي , دورانديشي, باڪردار ھجڻ , ذھانت , سچائي , ضابطي جو پابند ھجڻ ۽ نظرين تي اٽل رھڻ وارا گڻ اھم رھيا آھن .

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ادريس چانڊيو

تاريخ جي ڊگھي دور ۾ سياسي , سماجي ۽ جنگي محاذن تي قيادت جو اھم ڪردار رھيو آھي. دنيا اندر قيادت جي پيدا ٿيڻ , اسرڻ ۽ ڪامياب اڳواڻن لاء قدرتي صلاحيتن سان گڏ بھادري , ايمانداري, انصاف پسندي , دورانديشي, باڪردار ھجڻ , ذھانت , سچائي , ضابطي جو پابند ھجڻ ۽ نظرين تي اٽل رھڻ وارا گڻ اھم رھيا آھن .

شروعاتي دور ۾ اھو شخص اڳواڻ رھيو آھي, جيڪو قبيلي ۽ قوم کي متاثر ڪندڙ ۽ تحفظ ڏيندڙ ھيو. ڇو ته ان وقت اھم ڳالهه تحفظ ھيو . قبيلا ۽ قومون لڳاتار ھڪٻئي تي حملي آور رھنديون ھيون.

ٻئي دور جي شروعات ۾ ھرشئي مرڪز جي تابع ھئي. اھڙيون شخصيتون اڳواڻ طور اڳتي آيون, جن ۾ ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ڪمانڊ سڀالڻ جون صلاحيتون موجود ھيون . ھر شئي تي ڪنٽرول ڪندڙ شخصيت ان وقت جي قيادت ھئي.

جڏھن انساني سماج وڌيڪ ڄاڻ جي دور ۾ داخل ٿيو , اڃان به اڳتي  معلومات جو دور آيو ۽  ڄاڻ جي جڳهه معلومات ورتي . ان وقت وڌيڪ ڄاڻ وارا انسان ڏاھي اڳواڻ طور اڳتي آيا . وڌيڪ ڄاڻ ۽ معلومات واري شخصيت کي ماڻھن اڳواڻ طور قبول ڪرڻ شروع ڪيو.

ھن وقت دنيا آرٽيفيشل انٽيليجنس جي دور ۾ داخل ٿي وئي آھي. ايندڙ وقت ۽ نئين تخليق ٿيندڙ دنيا جا اڳواڻ ڪير ھوندا؟

جديد کان جديديت واري سفر ۾ ھيٺيان عنصر دنيا کي اڳتي وٺي آيا آھن . جنھن ۾ ڦيٿو، مشين, ڪمپيوٽر ۽  آرٽيفيشل انٽيليجنس شامل آھن. ايندڙ وقت ۾ A.I سوچ جو ڪم ڪندي ۽ مسئلا حل ڪندي.  روبوٽ عملي ڪم ڪندو ۽ ھر ڪم ڪندو. انساني آبادي کي ضرورت جون سڀ شيون ۽ سھولتون ڏنيون وينديون .

سوشلزم واري نظرئي ۾ به اھو تصور ھيو ته انسان سڀ برابر آھن . غيرطبقاتي سماج ھجڻ ضروري آھي. ھر ماڻھوءَ کان صلاحيتن مطابق ڪم وٺڻ ۽ ھر ماڻھوءَ کي گھرجن مطابق معاوضو ڏيڻ گھرجي. سوشلزم جو اھو دور مختصر ھيو. ماڻھن ۾ جستجو ختم ٿي وئي مارڪيٽ اڪانوميءَ سوشلسٽ معشيت کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

 آرٽيفيشل انٽيليجنس انساني سماج کي ڪھڙي ڏاڪي تي پھچائيندي . اھو دور 2050 ع ۾ انھن ماڻھن کي ڏسڻو آھي جيڪي ان جڳ ۾ جيئندا ھوندا. ان دور ۾ قابل عمل آئيڊياز ڏيندڙ انسان اڳواڻ ھوندو.

ھن وقت اھم ڳالھ ھيءَ آھي ته سنڌ سميت سڄي دنيا قيادت جي بحران مان گذري رھي آھي.

______________

ادريس چانڊيو سينئر سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button