موھن جو دڙو: عظيم سنڌو سڀيتا جا ميسارجندڙ آثار ۽ اسان جي اجتماعي ذميواري
پاڪستان کي دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ، سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تهذيب جو امين هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، پر افسوس جو اڄ ان ئي تهذيب جو سڀ کان نمايان شهر ”موھن جو دڙو“ موسمي تبديلين، حڪومتي بي حسي ۽ ناقص حفاظتي انتظامن سبب سخت خطري ۾ آهي.

تحرير: عمران سعيد باغپتي
تهذيبون رڳو ماضيءَ جون ڪهاڻيون نه هونديون آهن پر قومن جي سڃاڻپ، فڪري ارتقا ۽ تاريخي شعور جو بنياد پڻ هونديون آهن. جيڪي قومون پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ڪن ٿيون، اهي پنهنجي تهذيبي سڃاڻپ کي به محفوظ رکن ٿيون، جيڪي پنهنجي تاريخ کان غفلت ڪن ٿيون، اهي پنهنجي سڃاڻپ وڃائڻ لڳن ٿيون. پاڪستان کي دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ، سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تهذيب جو امين هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، پر افسوس جو اڄ ان ئي تهذيب جو سڀ کان نمايان شهر ”موھن جو دڙو“ موسمي تبديلين، حڪومتي بي حسي ۽ ناقص حفاظتي انتظامن سبب سخت خطري ۾ آهي.
ان ئي پس منظر ۾ مشهور صحافي ۽ محقق نصير اعجاز جي ويب سائيٽ ”سنڌ ڪوريئر“ ۾ ڇپيل پنهنجي مضمون ”موھن جي دڙي کي مٽجڻ کان اڳ بچائي وٺو“ ۾ محترما ديباسري چڪرورتيءَ هن تاريخي ورثي جي خراب ٿيندڙ حالت تي انتهائي مدلل انداز ۾ روشني وڌي آهي. ليکڪ موجب موھن جو دڙو رڳو پاڪستان يا سنڌ جو نه پر پوري انسانيت جو گڏيل ثقافتي سرمايو آهي، ان ڪري ان جو تحفظ عالمي ذميواري پڻ آهي. هو خبردار ڪري ٿو ته جيڪڏهن فوري، سائنسي ۽ مستقل بنيادن تي قدم نه کنيا ويا ته هي عظيم تهذيبي شاهڪار ايندڙ نسلن لاءِ رڳو ڪتابن ۽ تصويرن تائين محدود ٿي رهجي ويندو.
موھن جي دڙي جي دريافت جي تاريخ پڻ غير معمولي اهميت رکي ٿي. هن عظيم شهر جي جديد دنيا سان ٻيهر سڃاڻپ جو سهرو نامياري ماهر آثار قديمه رکلداس بينرجي جي سر تي وڃي ٿو، جنهن 1922ع ۾ هتي کوٽائي دوران انهن آثارن کي دريافت ڪيو. هن سڀ کان پهرين اهو ادراڪ ڪيو ته هي ڪا عام قديم بستي نه پر هڪ عظيم ۽ ترقي يافته تهذيب جو مرڪز آهي. ان کان پوءِ برطانوي ماهر آثار قديمه سر جان مارشل هن دريافت کي عالمي سطح تي متعارف ڪرايو، پر ڪيترائي تاريخدان ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته اصل دريافت ڪندڙ رکلداس بينرجي جي خدمتن کي اهو تاريخي مقام نه ڏنو ويو جنهن جو هو صحيح معني ۾ حقدار هو. هي حقيقت اڄ به علمي حلقن ۾ بحث هيٺ رهي ٿي.
پنج هزار سال اڳ آباد ٿيندڙ موھن جو دڙو پنهنجي دور جي شهري رٿابنديءَ جو شاهڪار هو. ويڪرا ۽ سڌا رستا، پاڻيءَ جي نيڪال جو باقاعده نظام، پڪين سرن سان اڏيل گھر، گڏيل غسل خانو، اناج گڏ ڪرڻ جا مرڪز ۽ منظم تعميراتي ڍانچو ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب پنهنجي دور جي انتهائي ترقي يافته تهذيب هئي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اڄ جي جديد شهرن ۾ جن اصولن کي شهري رٿابنديءَ جو بنياد سمجهيو وڃي ٿو، انهن مان گهڻن جي جهلڪ موھن جي دڙي ۾ پنج هزار سال اڳ موجود هئي.
ھن مضمون ۾ ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ويو ته دنيا مصر جي اھرامن، چين جي عظيم ديوار ۽ ٻين تاريخي آثارن کي عالمي تهذيبي سڃاڻپ طور سڃاڻي ٿي، پر موھن جي دڙي کي اهو مقام ۽ ڌيان نه ملي سگهيو آهي جنهن جو اهو حقيقي معني ۾ حقدار آهي. ان جي بنيادي سببن ۾ سرڪاري عدم توجھي، محدود تحقيقي سرگرميون، وسيلن جي کوٽ، ناقص مشهوري ۽ سياحت جي فروغ لاءِ اثرائتي رٿابنديءَ جو نه هجڻ شامل آهن.
سال 1980ع ۾ يونيسڪو موھن جي دڙي کي عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو، پر ان اعزاز جي باوجود هن ماڳ کي مستقل ۽ جديد سائنسي بنيادن تي محفوظ بڻائڻ لاءِ اهي قدم نه کنيا وڃي سگهيا جن جي ضرورت هئي. زمين اندر موجود لوڻ (سم ۽ ڪلر)، وڌندڙ گھم، سخت گرمي، غير معمولي برساتون ۽ موسمي تبديليون مسلسل هن تاريخي شهر جي سرن کي ڪمزور ڪري رهيون آهن. آثار قديمه جا ماهر ڪيترن ئي ڏهاڪن کان خبردار ڪندا پيا اچن ته جيڪڏهن جديد سائنسي طريقن سان تحفظ جو اثرائتو نظام نه ٺاهيو ويو ته هن عظيم ورثي جو وڏو حصو ناقابل تلافي نقصان جو شڪار ٿي سگهي ٿو.
ليکڪ خاص طور تي 2022ع جي غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏ جو حوالو ڏئي ٿو، جن جي نتيجي ۾ موئن جي دڙي جون ڪيتريون ئي قديم ديوارون متاثر ٿيون ۽ هنگامي بنيادن تي مرمت جو ڪم ڪرڻو پيو. هن واقعي چٽو ڪري ڇڏيو ته موسمي تبديلي هاڻي مستقبل جو خطرو نه پر موجوده حقيقت آهي، جنهن جا اثر پاڪستان جي تاريخي ورثي تائين پهچي چڪا آهن. جيڪڏهن حفاظتي قدمن کي وقتي رٿائن تائين محدود رکيو ويو ته هر نئين برسات هن تاريخي ماڳ لاءِ هڪ نئين خطري جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿي.
ليکڪ ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته موھن جي دڙي جي تحفظ کي رڳو آثار قديمه کاتي تائين محدود نه رهڻ گهرجي بلڪه ان کي قومي ترجيح بڻايو وڃي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، يونيورسٽين، آثار قديمه جي ماهرن، ماحولياتي ماهرن ۽ بين الاقوامي ادارن کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. جديد سائنسي ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل دستاويز سازي، ٿري ڊي نقشه سازي، بين الاقوامي تحقيق، مستقل فنڊنگ ۽ موسمي خطرن کي منهن ڏيڻ جا اثرائتا منصوبا وقت جي اهم ضرورت آهن.
ان سان گڏوگڏ سياحت جي واڌاري تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن موھن جي دڙي ۾ جديد معلوماتي مرڪز، عجائب گهر، تربيت يافته سياحتي رهبر، بين الاقوامي تحقيقي ڪانفرنسون ۽ معياري سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته نه رڳو سڄي دنيا مان سياح ۽ محقق هتي ايندا پر مقامي معيشت به مضبوط ٿيندي ۽ عوام ۾ پنهنجي تاريخي ورثي جي تحفظ جو شعور پيدا ٿيندو.
اها به حقيقت آهي ته موھن جو دڙو رڳو سرن جو ڍير ناهي پر انساني ذهانت، تنظيم، انجنيئرنگ ۽ تهذيبي ارتقا جي هڪ زندهه علامت آهي. ان جي حفاظت رڳو آثار قديمه جي حفاظت ناهي پر انساني تاريخ، علمي سرمايي ۽ قومي سڃاڻپ جي حفاظت آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي پنج هزار سال پراڻي ورثي کي محفوظ نٿا رکي سگهون ته اهو رڳو هڪ تاريخي نقصان نه پر اسان جي اجتماعي بي حسيءَ جو به اظهار هوندو.
مضمون جو بنيادي پيغام اهو ئي آهي ته موھن جي دڙي کي بچائڻ وقت جي اهم ترين قومي ۽ عالمي ضرورت آهي. اڄ جيڪڏهن اسان بروقت، سائنسي ۽ سنجيده قدم نه کنيا ته سڀاڻي شايد اسان وٽ افسوس کان سواءِ ڪجهه به باقي نه بچي. ايندڙ نسل يقينن اسان کان اهو سوال ڪندا ته جڏهن اسان وٽ دنيا جي عظيم ترين تهذيبن مان هڪ جو بي مثال ورثو موجود هو ته اسان ان کي محفوظ رکڻ ۾ ڇو ناڪام رهياسين. ان ڪري وقت جي گهر آهي ته موئن جي دڙي کي رڳو ماضيءَ جي يادگار نه پر مستقبل جي امانت سمجهندي ان جي تحفظ کي قومي ترجيح بڻايو وڃي، ڇو ته اها ئي اسان جي تاريخ، اسان جي سڃاڻپ ۽ پوري انسانيت جي گڏيل ثقافتي ورثي جي گهر آهي.
__________________
عمران سعيد باغپتي ڪراچيءَ جو رھندڙ آھي



