Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: موت سان ملائين ھا! (مختصر ڪھاڻي)

بوائز ۽ گرلس هاءِ اسڪول آمهون سامهون نه پر هڪ ئي قسمت جي ٻن ڪنارن وانگر بيٺل هئا. هڪ اسڪول جي گيٽ مان هوءَ نڪرندي هئي ۽ ٻي گيٽ کان مان ۽ وچ ۾ فقط هڪ روڊ هيوپر اُن روڊ جي ڊيگھ ڪڏهن ڪڏهن پوري زندگيءَ کان به وڏي ۽ ڊگهي لڳندي هئي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميرا نور

اسان جي شھر جي پراڻي ڳاڙھين سرن جي روڊ تي صبح شام ڇڻڪار ڪيو ويندو ھو، جتان مٽيءَ مان اٿندڙ خوشبوءِ سان گڏ اسڪول ويندڙ ٻارن جا ٽولا به باقائده گذرندا هئا.

 اُتي ٻه بوائز ۽ گرلس هاءِ اسڪول آمهون سامهون نه پر هڪ ئي قسمت جي ٻن ڪنارن وانگر بيٺل هئا.

هڪ اسڪول جي گيٽ مان هوءَ نڪرندي هئي ۽ ٻي گيٽ کان مان ۽ وچ ۾ فقط هڪ روڊ هيو…

پر اُن روڊ جي ڊيگھ ڪڏهن ڪڏهن پوري زندگيءَ کان به وڏي ۽ ڊگهي لڳندي هئي.

پهرين ڏينهن فقط هڪ نظر ملي هئي. اها ڪا عام نظر نه هئي. جيئن ماڻهو رستن تي هڪ ٻئي کي ڏسي وساري ڇڏيندا آهن. اها نظر ڄڻ ڪنهن بند دروازي تي ڏنل ھڪ ٺڪ ٺڪ وانگر هئي، اُھا ٺڪ ٺڪ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ وانگي منھنجي زندگيءَ ۾ پوري وقت تي ايندي ۽ ويندي هئي. ٺيڪ صبح جو اٺين وڳي ۽ منجھند جو ٻين وڳي جڏھن ته وچ وارو وقت صفا بيچين رکندي هئي.

هوءَ اڇي رئي ۾ ايندي هئي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ھوا لڳڻ سان رئو مٿي تان کسڪي ويندو ھيس ته سندس ڳاڙهي ربن ۾ ڳتيل ٻه چوٽيون مون کي ڏاڍيون وڻنديون هيون. ان گھڙيءَ مون کي دنيا جو هر سبق بي معنيٰ لڳندو هو.

هوءَ به مون کي محسوس ڪرڻ لڳي هئي ڇو ته هر صبح جڏهن سندس نگاھ مون تي اٿندي هئي ته هڪ پل لاءِ هلڻ وساري ڇڏيندي هئي. اھو روز جو معمول بڻجي ويو هو پر اسان ڪڏهن به ڳالهايو ڪو نه، نه ڪو خط پٽ، نه ڪو زباني نياپو، نه ڪو نالو، نه گھر جو اتو پتو، نه ملڻ جي ڪوشش. بس سندس ۽ منھنجون فقط اکيون هيون جيڪي پنج سال هڪ ٻئي کي پڙهنديون رهيون.

ماڻهو چوندا آهن ته محبت لفظن سان وڌندي آهي پر اسان جي محبت خاموشيءَ جي زمين تي اُڀري هئي ۽ اُڀريل ئي رھي……!!!

اسان هڪ ٻئي بابت ڪجھ به نه ڄاتو، سواءِ اُن جي ته روزانو صبح ۽ منجھند جو هڪ ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو انتظار ڪندو آ، پل کن جو ديدار ڪندو آ ۽ بس!

مان روز جلدي اسڪول ايندو هئس، فقط اُن لاءِ ته سندس اچڻ جو پهريون منظر ڏسي سگهان.

۽ جڏهن ڪڏهن هوءَ دير سان ايندي هئي ته سڄو روڊ اُجڙيل شهر جيان لڳندو هو. اندرَ ۾ بيچين ٿي ويندو ھوس ته اڄ ايندي به الائي نه……..!؟

هوءَ شايد اهو سڀ ڪجھ سمجهندي هئي ڇو ته ايندي ئي هڪ نظر اهڙي طرح مون ڏانهن ڪندي هئي ڄڻ (ٿوريءَ دير ٿيڻ جي) معافي گهرندي ھجي!؟

پنج سال

پنجين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين تمام ڊگهو عرصو هوندو آهي پر محبت ۾ وقت ماپبو ناهي، رڳو محسوس ٿيندو آهي. پوءِ هڪ ڏينهن آخري امتحان جو آخري پيپر ٿيو.

اسڪول جي ڀتين تي جدائي جا نعرا لکيل هئا. ھر ڪو ھڪ ٻئي کان مستقبل جي حوالي سان پڇا ڳاڇا ڪري پيو، ڪي وري پنهنجي پنجن سالن جي حرام پاين تي وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي رھيا ھئا، ڪجھ ڏکايل ھئا ته پيپر سٺا ناھن ٿيا !!!!

ان ڏينهن ماڻھو، ڳالھيون، وڻ گل ٻوٽا، گيٽ، چاچو چوڪيدار، چاچو چانهن وارو ۽ چاچي دڪان واري سميت سڀ ڪجھ ساڳيو هو پر مان پنهنجي اندر ۾ عجيب اداسي کڻي اسڪولي خلق ۾ موجود ھوندي به موجود ڪو نه ھيس.

مئٽرڪ جي امتحان ۾ اسان جو سينٽر گڏيل ھيو. ھا باقي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا بلاڪ ڌار ڌار ھئا، سو ھن آخري سال ۾ ھڪ ٻئي کي ٿورو وڌيڪَ ۽ ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ مون اُن جو پورو فائدو ورتو ۽ کيس گهڻو ڏٺو ۽ دل سان ڏٺو. ايئن جيئن ماڻهو روئڻ کان اڳ ۽  پوءِ آسمان ڏانھن ڏسندا آهن  تہ متان رب مھر ڪري وجھي ۽ ڪو معجزو ٿي وڃي!!!!!

ھُن به مون کي اُن ڏينهن مُڙي مُڙي الائي ته ڪيترا ڀيرا ڏٺو ھو ۽ اسان ٻنهي کي پڪ هئي ته هي روڊ هاڻي روز اسان جي وچ ۾ نه ايندو ۽ اسان به نه اينداسين.

۽ پوءِ…

هوءَ نه آئي

ٻئي ڏينهن به نه

ٽئين ڏينهن به نه

مان ساڳيو، روڊ به ساڳيو پر اُن تي هلندڙ منهنجا قدم يتيم ٿي ويا………. هاڻي مان اڪيلو گذرندو هئس ۽ هر ايندڙ چهري ۾ سندس چهرو ڳوليندو رھيس پر

وقت گذري ويو زندگي مون کي اڳتي ڌڪيندي رھي، منھنجي دل ۽ منھنجون اکيون گھر کان اسڪول ويندڙ روڊ تي رھجي ويون.

ھڪ ڏينھن پاڻ کي اڪيلو ڪري شھر ڏانھن نڪري پيس. اتي ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ اھي روڊ واريون اکيون ڏاڍيون ڳوليم پر نه مليون سال گذري ويا.

ڪيترن سالن کان پوءِ دل جي چئي تي مان اُن پراڻي روڊ تي چڪر ھڻڻ ويس. اسڪول جون ڀتيون پراڻيون ٿي چڪيون هيون، وڻ  الاھي وڏا ٿي ويا هئا، چانھن واري دڪان جي جاءِ تي هاڻي موبائل شاپ هئي پر مون کي لڳو ڄڻ ھوءَ اڃان به اڇي رئي ۾ اسڪول جي گيٽ مان نڪرندي ۽ هڪ پل لاءِ منهنجي اکين ۾ ڏسندي.

مان روڊ جي ڪناري تي بيٺو رھيس. ماحول ۾ هوا نالي ڪا شئي ڪا نه هئي. مون کي اوچتو محسوس ٿيو ته ڪجھ محبتون ماڻڻ لاءِ ۽ ملڻ لاءِ ناھن ھونديون!!!

اسان پنج سال فقط هڪ ٻئي کي ڏسندا رهياسين…

پر مون اڪيلي ئي اُن خاموش محبت سان سڄي زندگي ڳالهائيندي گذاري ڇڏي.

اڄ ورھين کان پوءِ امان ڏاڍا دڙڪا ڏنا ته

 نه شادي ٿو ڪرين!

نه پسند ٿو ٻڌائين!

نه مٽن مائٽن جي شادي ٿو کائين. جتي ڪٿي مون کي ٻڌڻي ٿي پوي،،،،،،،،،، پوئين مھيني مون واري ماسات ادا قادر پٽَ پرڻايا اتي به ھلڻ کان جواب ڏنئہ،

سڀاڻي مون سندن دعوت رکي آھي. ٻئي گھوٽَ، ادا وارا ۽ اديءَ وارا سڀ ايندا. مھرباني ڪري منھنجي مائٽن ۾ عزت رکجان، ڪاڏي وڃجان نه! بس گھر ۾ رھجان.

امڙ جو حڪم اکين تي رکي اسڪولي روڊ ۽ اڇي رئي واريون اکيون ياد ڪندي ڪندي الائي ڪھڙي مھل سمھي پيس.

ٻئي ڏينهن يارھين وڳي ڌاري سياري جي ڪچڙي اُس ۾ مھمانن لاءِ دروازو کولڻ ويس ته دروازي تي ئي سلام، ڀاڪر، مبارڪون ۽ مرڪون وکري ويون ، گھوٽن ڏاڍيون ميارون ڏنيون ۽ پنھنجين ڪنوارُن سان تعارف ڪرايو ته منھنجون اکيون ھڪ ڪنوار جي اکين ۾ اٽڪي پيون ۽ ڳوڙھن سان ڀرجي ويون .

۽ دل ۾ چيم ته اي الله ورھين پڄاڻاڻ ھن اسڪولي اکين سان ملائڻ کان اڳ موت سان ملائين ھا.

_______________

Humaira Noor-TheAsiaN

حميرا نور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار،  ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندن چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button