سنڌ جي ڪاليج لائبريرين جي بدتر صورتحال: انتظامي غفلت، فندن ۾ گھوٻيون
سنڌ ۾ تعليمي زوال جو ھڪ سبب ڪاليج لائبريرين جي زبون حالي بہ آھي. ڪِن ھنڌن تي ڪمپيوٽر ڏنا ويا آھن، باقي ھنڌن تي انڌير آھي. رڳو ڪمپيوٽر ڪافي ناهن، سوچڻ گھرجي تہ ڊجيٽل لائبريرين کي فعال ڪيئن ڪجي؟ فنڊز جي منصفاڻي ورڇ ۽ لائبريرين جو مستقبل بھتر ڪرڻ لاءِ فنڊن جو صحيح استعمال ٿيڻ گھرجي. ڪاليج لائبريرين جي بحاليءَ لاءِ هڪ جامع صوبائي پاليسيءَ جي ضرورت آھي. پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ ھيٺ بہ لائبريرين کي نئين زندگي ڏئي سگھجي ٿي.

تحرير: پروفيسر ڊاڪٽر نثار احمد صبحپٽو
سڄي دنيا ۾ تعليمي ادارن جون لائبريريون شاگردن، استادن ۽ محققن لاءِ علم ۽ اڀياس جا اهم مرڪز ھوندا آهن. اهي ادارا ڪتابن، رسالن ۽ آن لائين مواد تائين رسائي مهيا ڪرڻ جا ذميدار آھن، پر افسوس آھي تہ سنڌ ۾ صورتحال انھيءَ جي ابتڙ آھي. سنڌ ۾ ڪاليجن جون لائبريريون انتظامي ڪمزوري، بجيٽ توڙي جديد سهولتن جي اڻاٺ سبب بي اثر ٿي ويون آهن. ڪِن ڪاليجن جي لائبريرين ۾ پروفيشنل اسٽاف موجود آهي، پر بنيادي ڪم جهڙوڪ ڪتابن جي ڪيٽلاگنگ، ڪلاسيفڪيشن ۽ ترتيب بہ اڃا مڪمل نه ٿيو آهي، جنهن سبب شاگردن لاءِ مواد تائين آسان رسائي ممڪن نه ٿي سگهي.
خاص طور تي ڊجيٽل لائبريريز جي حوالي سان صورتحال ڪجهه مختلف آهي. گهڻين لائبريرين کي جديد سامان ۽ ڪمپيوٽرز ملي ويا آهن، پر اڃا تائين مناسب ڪارڪردگي سامهون ناهي آئي. ڊجيٽل سسٽم موجود هجڻ باوجود شاگردن ۽ استادن کي ان مان مڪمل فائدو حاصل ڪرڻ جو انتظام نه آهي، جنهن سبب ڊجيٽل لائبريري جو اصل مقصد اڃا مڪمل طور حاصل نه ٿيو آهي.
ان کان علاوه، سنڌ جي ڪاليج لائبريرين ۾ ڪارڪردگي کي جانچڻ لاءِ ڪو باقاعده نظام موجود ناهي. هر ڪاليج جي پنهنجي بجٽ موجود هجڻ باوجود، اها پرنسپل جي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ لائبريريءَ جي بهتري لاءِ ان جو استعمال محدود يا غير مؤثر ٿي رهيو آهي. جنهن سبب فنڊز جو بهتر انتظام، جديد ڪتابن ۽ ڊجيٽل سهولتن ۾ اضافو ۽ اسٽاف جي تربيت لاءِ مناسب وسيلن جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي.
سنڌ جي ڪاليج لائبريرين کي ٻيهر فعال بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته هڪ جامع صوبائي لائبريري پاليسي تيار ڪئي وڃي، جنهن ۾ ڪاليج سطح تي بجيٽ، اسٽافنگ، ڊجيٽلائيزيشن، نگراني ۽ ڪارڪردگيءَ جو جانچ نظام شامل هجي. هر لائبريريءَ لاءِ باقاعده فنڊز مهيا ڪرڻ سان نون ڪتابن، رسالن، انٽرنيٽ ۽ جديد اوزارن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي ٿي. پروفيشنل اسٽاف سان گڏ غير فني عملي لاءِ باقاعده تربيت پڻ لازمي آهي، ته جيئن ڪيٽلاگنگ، ڪلاسيفڪيشن ۽ موجوده ڊجيٽل سسٽم جو مڪمل استعمال ٿي سگهي.
شاگردن جي دلچسپي وڌائڻ لاءِ ڪتاب ميلا، پڙهڻ مهم، اسٽوري ٽائيم ۽ نوجوانن لاءِ تحقيقاتي پروگرام شروع ڪرڻ گهرجن. پبلڪ–پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي تعليمي ادارا ۽ غير سرڪاري تنظيمون ڪاليج لائبريرين جي بحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن اهڙا قدم کڻجن ته سنڌ جون ڪاليج لائبريريون نه صرف علمي سرگرمين جو مرڪز بڻجي سگهنديون، پر شاگردن کي پڙهڻ، تحقيق ۽ تخليق جي طرف متوجه ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿينديون.

پروفيسر ڊاڪٽر نثار احمد صبحپوٽو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي لائبريري ۽ انفارميشن سائنس شعبي جو چيئرمن آھي



