Editor's pickMain Slideڪالم

برطانوي رڪارڊ کان بحريه ٽائون تائين: ملير نديءَ جو تاريخي ۽ جاگرافيائي مقدمو

خاموش درياھ بہ ڳالھائيندا آھن ۽ ھاڻي ڪنڪريٽ جي سيني ۾ قيد  ملير ندي  بہ ماٺ کي ختم ڪري تاريخي شاھدي ڏيندي . سال 1947ع کان اڳ جا رڪارڊ هجن، مقامي زباني تاريخ هجي، يا برطانوي انجنيئرن جون ڊائريون، سڀ اهوئي ٻڌائين ٿيون ته ملير درياءُ جڏهن پنهنجي جلال ۾ وهندو آهي ته رستو پاڻ جوڙيندو آهي. اهو نه هائوسنگ اسڪيمن جو احترام ڪندو آهي، نه ايڪسپريس ويز جو، نه ئي سرمائيدارن جي نقشن جو.

حفيظ بلوچ

ملير نديءَ جي ڪناري بيهي جيڪڏهن ڪو ماڻهو صرف پاڻي ڳولي ته شايد کيس مايوسي ٿئي، پر جيڪڏهن اهو تاريخ ڳولي ته کيس هتي تهذيبن جا ساهه پساهه ٻڌڻ ۾ ايندا. هي درياءُ صرف هڪ خشڪ يا موسمي ندي ناهي، بلڪه سنڌ جي ڏاکڻي خطي جي ياداشت آهي. ڊملوٽي جي کوهن کان وٺي ڪاٺوڙ، درساڻو، چُوهڙ، ڪوٽيهڙو، دير، ميمڻ ڳوٺ ۽ ملير جي قديم ڳوٺن تائين، هي درياءُ صدين کان زندگي، لڏپلاڻ، برسات، ٻوڏ، زراعت، چراگاهن، رستن ۽ بستين جي تقدير لکندو آيو آهي. پر اڄ ان ئي درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي سرمائيداريءَ جا راڪاس پنهنجا چنبا کوڙي چڪا آهن. هڪ طرف ڀٽو ايڪسپريس وي جي ڪنڪريٽ جون ديوارون آهن، ٻئي طرف بحريه ٽائون ڪراچيءَ جون وڏيون عمارتون، ڪٿي ڊي ايڇ اي سٽي جي نوآبادياتي توسيع آهي ته ڪٿي ايجوڪيشن سٽيءَ جي نالي تي زمينن جو وڪرو ۽ خريداري. انهن سڀني منصوبن جي وچ ۾ ملير نديءَ جو فطري وجود هڪ جوابدار وانگر گهيري ۾ بيٺل آهي.

اڄ جڏهن آئون ديهه چوهڙ کان ميمڻ ڳوٺ ۽ ميمڻ ڳوٺ کان واپس ديهه چوهڙ تائين موٽرسائيڪل تي سفر ڪريان ٿو ته  لڳي ٿو ڄڻ آئون ڪنهن زنده لاش جو نوحو پڙهي رهيو هجان. درياءَ جي ڪنارن تي ڪٽيل جبل، غائب ٿيندڙ چراگاهون، مٽيءَ ۾ دفن ٿيندڙ برساتي رستا، ڪنڪريٽ سان بند ٿيندڙ قدرتي وھڪرو، ۽ انھن سڀني جي وچ ۾ صدين کان آباد مقامي ماڻهو ڪلمتي بلوچ، جوکيا، پالاري، خاصخيلي، بڪڪ ۽ ٻيا قبيلا بي وسيءَ جي تصوير بڻيل آهن. انهن جي اکين سامهون زمين به کسي پئي وڃي ۽ تاريخ به.

پر هتي هڪ ڳالهه تمام واضح ڪرڻ ضروري آهي.

ملير درياءُ مري نه رهيو آهي.

ملير درياءُ ڪڏهن به نه مرندو.

درياھ مرندا ناهن، صرف خاموش ٿيندا آهن.

۽ جڏهن خاموش درياھ واپس ڳالهائيندا آهن ته سلطنتون لوڙهي ڇڏيندا آهن.

هي ڪو شاعراڻو وڌاءُ ناهي، بلڪه تاريخ جو رڪارڊ آهي.

اڻويهين صديءَ ۾ جڏهن برطانوي سامراج سنڌ ۾ ريلوي، فوجي رستا ۽ تجارتي ڍانچو تعمير ڪري رهيو هو، ان وقت جي انجنيئر جان برنٽن پنهنجي ڊائري John Brunton’s Book ۾ 1865ع جي هڪ خوفناڪ ٻوڏ جو ذڪر ڪيو. اهو لکي ٿو ته صرف ڇهن ڪلاڪن ۾ 20 انچ برسات پئي، ۽ ملير درياءَ ۾ اهڙي ٻوڏ آئي جنهن ڪراچيءَ جي آسپاس ۾ تباهي مچائي ڇڏي. هن لکيو ته ملير جي ڪناري آباد هڪ بستي مڪمل طور تي وهي وئي، لوهه جون ڳريون پليون پنهنجن ٿنڀن سميت اکڙي ويون، سٺ سٺ ٽن وزني اسپين (Span) ٻه ميل پري وڃي ڪريا، ۽ صرف هڪ شخص زنده بچيو جيڪو هڪ  اٺ جي پڇ کي پڪڙي وهندو سمنڊ تائين پهچي ويو.

برنٽن وڌيڪ لکي ٿو ته ڪراچيءَ جون اٺ سئو کان وڌيڪ عمارتون تباهه ٿيون. بنگلا ڪري پيا، ديوارون گپ چڪ ٿي ويون، ۽ پورو شهر برسات ۽ ٻوڏ جي سامهون بي وس ٿي ويو. هن اعتراف ڪيو ته ڪراچي ۾ اڏاوت ان قدرتي طاقت کي سمجهڻ کان سواءِ ڪئي پئي وڃي، ان ڪري ئي تباهي پوري نوآبادياتي انفراسٽرڪچر کي تباھ ڪري ڇڏيو.

هي صرف هڪ ڊائري ناهي، هڪ تاريخي گواهي آهي.

برطانوي دور جا ڪيترائي گزيٽيئرز، سروي رڪارڊز ۽ فوجي دستاويز به ملير ۽ لياري ندين جي اوچتن چاڙهن (ٻوڏن) جو ذڪر ڪن ٿا. 1878ع جي Gazetteer of the Province of Sindh ۾ ملير کي هڪ اهڙو موسمي درياءُ قرار ڏنو ويو آهي جيڪو شديد برساتن ۾ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري وٺندو هو. برطانوي انجنيئر بار بار ان ڳالهه جو ذڪر ڪن ٿا ته سنڌ جا هي برساتي درياءَ خشڪ ضرور ڏيکاري ڏين ٿا پر انهن جي وھڪري جي رستي سان ڇيڙڇاڙ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي.

سوال اهو آهي ته جڏهن اڻويهين صديءَ جو انگريز، جيڪو هن ڌرتيءَ جو وارث نه هو، ملير درياءَ جي طاقت کي سمجهندو هو ته اڄ جي رياست ڇو نٿي سمجهي؟

يا شايد سمجهي ٿي، پر سرمايو ان سمجهه کان وڌيڪ طاقتور ٿي چڪو آهي.

ڀٽو ايڪسپريس وي صرف هڪ سڙڪ ناهي. هي ملير درياءَ جي فطري جاگرافيءَ تي مڙهيل هڪ سياسي ۽ معاشي حملو آهي. هي شاهراهه درياءَ جي قدرتي وھڪري، ان جي فلڊ پلين (ٻوڏ واري ميدان)، ان جي زمين، ان جي ماحوليات ۽ ان جي تاريخي رستن کي ڪٽيندي گذري ٿي. ان کي گهيرو ڪندڙ بحريه ٽائون ڪراچي، ڊي ايڇ اي سٽي، ايس ايف سٽي، سيون ونڊر سٽي، ڪمانڊر سٽي ۽ ايجوڪيشن سٽي جهڙا منصوبا رڳو ڪمرشل اسڪيمون ناهن پر زمين کي سرمائي ۾ تبديل ڪرڻ جا وڏا منصوبا آهن، جتي درياءُ، جبل، جهنگل، چراگاهون ۽ مقامي آبادي سڀ رڪاوٽ سمجهيا وڃن ٿا.

هي منصوبا هڪ خطرناڪ غلط فهمي تي بيٺل آهن ته فطرت کي مستقل شڪست ڏئي سگهجي ٿي.

پر سنڌ جي تاريخ ان ڪوڙ کي بار بار رد ڪري ٿي.

سال 1947ع کان اڳ جا رڪارڊ هجن، مقامي زباني تاريخ هجي، يا برطانوي انجنيئرن جون ڊائريون، سڀ اهوئي ٻڌائين ٿيون ته ملير درياءُ جڏهن پنهنجي جلال ۾ وهندو آهي ته رستو پاڻ جوڙيندو آهي. اهو نه هائوسنگ اسڪيمن جو احترام ڪندو آهي، نه ايڪسپريس ويز جو، نه ئي سرمائيدارن جي نقشن جو.

اصل الميو اهو آهي ته پهريان درياءَ جي ڪناري آباد قديم بستيون نسبتاً محفوظ فاصلي تي هيون. ماڻهو درياءَ جي مزاج کي ڄاڻندا هئا. اهي ڄاڻندا هئا ته پاڻي ڪٿيس تائين ايندو، ڪهڙي زمين چراگاهه رهندي، ڪهڙو رستو ٻوڏ جو هوندو. پر اڄ جديد سرمائيداريءَ انهن ئي فلڊ پلينز کي ”ڊيولپمينٽ“ جي نالي تي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. ڪنڪريٽ زمين جو ساهه بند ڪري ڇڏيو آهي. برسات جو پاڻي جذب ٿيڻ بدران ديوارن ۽ شاهراهن سان ٽڪرائي نئين تباهي پيدا ڪندو. ۽ جڏهن ايندڙ وڏي ٻوڏ ايندي ته ان جو شڪار صرف غريب ڳوٺ نه ٿيندا، پر اهي سڀئي شيشي ۽ ڪنڪريٽ جا شهر به ٿيندا جيڪي درياءَ جي سيني تي اڏيا پيا وڃن.

هي مضمون ڪنهن ترقي دشمني جو بيانيو ناهي.

هي زمين جي يادداشت جو مقدمو آهي.

هي انهن ماڻهن جي گواهي آهي جيڪي صدين کان ملير سان گڏ زنده آهن.

هي ان درياءَ جي حق ۾ هڪ تاريخي شاھدي آهي جنهن کي نقشن ۾ سوڙهو ڪيو پيو وڃي پر جيڪو پنهنجي اصل ۾ اڃا به هڪ زنده قوت آهي.

سرمائيدار شايد اهو سمجهن ٿا ته انهن ملير کي قيد ڪري ورتو آهي.

پر درياءَ قيد ناهن ٿيندا.

اهي صرف انتظار ڪندا آهن.

___________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button