Editor's pickMain Slideاولھ ايشيا

بحرين مذهبي عبادتگاهن جي گهڻائيءَ ۾ عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

صرف 15,88,670 جي آبادي رکندڙ هن ملڪ ۾ 2,123 مذهبي عبادتگاهون موجود آهن

بحرين مختلف مذهبن جي برادرين جي وچ ۾ امن ۽ احترام جي قدرن کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ ثقافتن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ گڏجي رهڻ ۽ گڏيل ثقافت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي.

بادشاهه حماد گُينيز ورلڊ رڪارڊ جو سرٽيفڪيٽ وصول ڪندي

حبيب توميءَ وٽان

مناما: بحرين کي گُنيز ورلڊ رڪارڊز پاران هڪ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ اُنھيءَ کي مختلف مذهبن جي عبادتگاهن جي سڀ کان وڌيڪ گهڻائي  رکندڙ ملڪ طور تسليم ڪيو ويو آهي. اهو اعزاز مملڪت جي مذهبي ۽ ثقافتي  رواداريءَ تي ٻڌل قديمي روايتن کي نمايان ڪري ٿو.

اهو سرٽيفڪيٽ بحرين جي بادشاهه حماد بن عيسيٰ ال خليفا کي، ’ڪنگ حماد گلوبل سينٽر فار ڪو-ايگزسٽنس اينڊ ٽالرنس‘ جي چيئرمين ڊاڪٽر شيخ عبدالله بن احمد ال خليفا پيش ڪيو.

گُنيز ورلڊ رڪارڊز موجب، صرف 15,88,670 جي ننڍڙي آباديءَ سان هن مملڪت ۾ 2,123 مذهبي عبادتگاهون موجود آهن، جيڪي ابراهيمي ۽ غير ابراهيمي ٻنهي مذهبن جي پيروي ڪندڙن لاءِ آهن.

سرڪاري عملدارن چيو ته هي اعتراف مختلف مذهبن ۽ فرقا پرستيءَ جي پيروي ڪندڙن جي وچ ۾ مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏجي رهڻ کي هٿي ڏيڻ ۾ مملڪت جي ساک کي ظاهر ڪري ٿو.

بادشاهه حماد گُنيز رڪارڊ جي هن اعتراف کي هڪ اهڙي ڪاميابي قرار ڏنو جيڪا بحرين جي منفرد تهذيبي ڪردار، گهڻ-اڪثريت (پليورلزم) ۽ رواداري توڙي مذهبي آزاديءَ واري ماحول ۾ مختلف مذهبن ۽ فرقن کي گڏ کڻي هلڻ جي عڪاسي ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته هي اعزاز عبادت جي آزاديءَ کي يقيني بڻائڻ ۽ سڀني مذهبن جي تحفظ لاءِ مملڪت جي عزم جواظھار پڻ آهي.

بحرين کي مذهبي رواداري ۽ عبادتگاهن جي گهڻائي تي مليل عالمي سرٽيفڪيٽ

سندس چوڻ هو ته بحرين مختلف مذهبن جي برادرين جي وچ ۾ امن ۽ احترام جي قدرن کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ ثقافتن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ گڏجي رهڻ ۽ گڏيل ثقافت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي.

بادشاهه کي ’ڪنگ حماد گلوبل سينٽر فار ڪو-ايگزسٽنس اينڊ ٽالرنس‘ جي تيار ڪيل نئين پاليسيءَ بابت پڻ آگاهي ڏني وئي، جنهن ۾ ”ڪو-ايگزسٽنس اينڊ ٽالرنس لاءِ پهريون ڪنگ حماد ايمپائر ايوارڊ“ شروع ڪرڻ به شامل آهي.

هن اختيارين کي هدايت ڪئي ته مناما ۾ موجود ”رواداري واري لنگهه“ (Coexistence Path) کي وڌيڪ نمايان ڪيو وڃي، جنهن ۾ چرچ، مسجدون، مندر ۽ ٻيون عبادتگاهون هڪٻئي جي ويجهو واقع آهن، ۽ جيڪو بحرين جي مذهبي توڙي ثقافتي گهڻ-اڪثريت جي هڪ روشن سڃاڻپ آهي.

بادشاهه حماد مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۽ مذهبي رواداري بابت قدمن جي حمايت ڪرڻ ۾ ’ڪنگ حمد گلوبل سينٽر فار ڪو-ايگزسٽنس اينڊ ٽالرنس‘ جي ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي.

__________________ 

Habib-2 (1)

حبيب تومي بحرين جو سينئر صحافي ۽ ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري The AsiaN جي انگريزي سروس جو ايڊيٽر اِن چيف آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button