Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

لياري ڪراچيءَ جي ماءُ ناھي ۽ نہ ئي ملير ۽ گڏاپ ڪراچيءَ جو حصو ھئا

لياريءَ جو بنياد 1922 ۾ پيو جڏھن تہ 1838 ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ گڏاپ ۽ ملير ڪراچيءَ جو نه پر ٺٽي جو حصو هوندا هئا. جڏهن انگريزن ڪراچيءَ کي جديد شهر بڻائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي ته ھنن قديم مهاڻن کي لياري نديءَ جي اولڊ ٽائون مان گذرندڙ شاخ جي ٻئي پاسي ”کڏا“ جي وسنديءَ ۾ آباد ڪيو، ان وقت تائين موجوده لياري ٽائون ۾ ڪا به وسندي کان موجود ئي نه هئي. مختلف وقتن تي ڪراچيءَ جي تاريخ سان ٿيل هٿ چراند تي هڪ نظر

ابراھيم صالح محمد

ڪراچيءَ جي بدقسمتي رهي آهي ته انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۽ توڙي سندن اچڻ کان پوءِ واري ڪراچيءَ جي تاريخ سان وڏي ھٿچُراند ٿيندي رھي آھي. سڀ کان اڳ 1947 ۾ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي ۽ انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ هندستان مان ايندڙن، بعد ۾ ون يونٽ ۽ جنرل ايوب جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ ايندڙن،  ۽ ان کان پوءِ 1972 ۾ راشن ڪارڊ جي خاتمي ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي نئين نظام کانپوءِ ڀٽو دور ۾ بي لغام انڊيا، بنگال ۽ ايران مان ايندڙن ڪراچيءَ جي تاريخ کي مسخ ڪرڻ ۾ وڏو ناپاڪ ڪردار ادا ڪيو آهي. اها ته غنيمت آهي جو انگريز پنهنجي دور جي ڪراچيءَ جو سمورو رڪارڊ آرڪائيوز ۾ محفوظ ڪري ويا هئا.

اچو ته اڄ اسين تاريخي حقيقتن ۾ سڀ کان پهرين هن ڪوڙ جو جائزو وٺون جنھن ۾ چيو وڃي ٿو تہ ”لياري ڪراچيءَ جي ماءُ آهي“.

مان پنهنجي گذريل مضمونن ۾ ڪراچي بندر جي هزارين سال پراڻي تاريخ جو تذڪرو ڪري چڪو آهيان ۽ اهو بہ ته ڪراچي ڪياماڙي، منھوڙو، ڪلفٽن، بابا ڀٽ ۽ شمس پير جي ٻيٽن تي ٻڌل هئي. بعد ۾ لسٻيلي جي کارڪ بندر جي تباهيءَ کان پوءِ اتان کان آيل مياڻيءَ جي مهاڻن پنهنجو پهريون پڙاءُ موجوده اولڊ ٽائون جي ٽڪريءَ تي ڪيو جيڪو موجوده ٽاور، کارادر ۽ مٺادر تي مشتمل هو. انگريزن جي اچڻ کان اڳ اولڊ سٽي ۽ جزيرن سميت “ڪروچي” جي آبادي صرف 14,000 ماڻھن تي ٻڌل هئي ۽ آسپاس ڪا به وسندي آباد نه هئي.

انهيءَ اولڊ ٽائون جي ويجهو لياري نديءَ جي هڪ شاخ گذرندي هئي جنهن کي بعد ۾ پورائي هڪ نالي ”پچر نالي“ ۾ تبديل ڪيو ويو. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ جڏهن انهن ڪراچيءَ کي جديد شهر بڻائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي ته انهن اولڊ ٽائون جي انهن قديم مهاڻن کي لياري نديءَ جي اولڊ ٽائون مان گذرندڙ شاخ جي ٻئي پاسي ”کڏا“ جي وسنديءَ ۾ آباد ڪيو، ان وقت تائين موجوده لياري ٽائون ۾ ڪا به وسندي کان موجود ئي نه هئي.

انگريزن جي اچڻ کان اڳ توڙي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ تائين جي انگريز دور جي ٺاهيل نقشن جو رڪارڊ عارف حسن صاحب جي هن لنڪ ۾ موجود آهي، ان لنڪ جي پرائيويسي جي ڪري سمورا نقشا هن تحرير سان گڏ ڳنڍيل نظر نٿا اچن، ان ڪري توهان کي هيءَ لنڪ کولي انهن نقشن جو معائنو ڪرڻو پوندو. باقي جيڪي نقشا پرائيويسيءَ ۾ ناهن، اهي هن تحرير سان گڏ لڳائي ڇڏيا آهن:

(http://arifhasan.org/maps/historical-maps-of-karachi)

سڀ کان پهرين اسين 1838ع جي انگريزن جي اچڻ کان اڳ واري نقشي کي غور سان ڏسون جنهن ۾ توهان ڪروچي ٽائون، منھوڙو فورٽ (قلعو) ۽ وليج ڪياماڙي ۾ وسندڙ انسانن جي ڪل آبادي 14,000 ماڻھن تي ٻڌل ڏسي سگهو ٿا. واضح رهي ته ان وقت گڏاپ ۽ ملير ڪراچيءَ جو نه پر ٺٽي جو حصو هوندا هئا. گڏاپ کان ايندڙ لياري نديءَ جون ٻه وڏيون شاخون نظر اينديون: پهرين جتان موجوده لياري ندي وهي پئي ۽ ٻئي نمبر جي سڀ کان وڏي شاخ موجوده ڌوٻي گھاٽ کان ٿيندي موجوده لي مارڪيٽ نالي تان ڪڪڙي گرائونڊ، مٺادر، کارادر کان ٿيندي موجوده کڏا جي مٿان کان گذري موجوده فشري واري هنڌ تي سمنڊ جي چينل ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. پهرين ۽ ٻي شاخ جي وچ ۾ ڪا به آبادي نه هئي. واضح رهي ته ان نديءَ تي جيڪو لي مارڪيٽ کان اڳتي اسپينسر آءِ هاسپيٽل (اکين جي اسپتال) آهي، ان کي اسان جون وڏيون ٻڍڙيون اڃا تائين “نئين (ندي) واري اسپتال” چونديون هيون.

هاڻي اسين اچون ٿا سن 1870ع جي نقشي ڏانهن، جنهن ۾ ڪل آبادي 56,000 آهي. ان ۾ توهان کي هڪ پاسي سولجر بازار تائين جو علائقو ڪراچيءَ جي آخري سرحد طور نظر ايندو ۽ ٻه مکيه شاهراهون، بندر روڊ ۽ لارنس روڊ نظر اينديون. هتي به لياري ڪوارٽرز ڪٿي به نظر نٿا اچن.

هاڻي جڏهن اسين 1888-89ع جي پلان آف هاربر (Plan of Harbour) جي نقشي تي اچون ٿا ته اسان کي لياري نديءَ جي ٻي شاخ، جنهن کي وڏي نالي جي شڪل ۾ تبديل ڪري حاصل ڪيل زمين تي “کڏا” جي وسنديءَ کي ڏسي سگهون ٿا، جتي اولڊ ٽائون جي رهواسين کي منتقل ڪري نئين شهر جو بنياد رکيو پئي ويو، جڏهن ته باقي پورو موجوده لياري جو علائقو گهاري واري زمين ۽ خالي نظر اچي ٿو.

ان سان گڏ ئي جڏهن اسين 1890ع جي نقشي تي نظر وجهون ٿا ته ان ۾ اسان کي ڪراچيءَ جي ڪل آبادي 98,000 ماڻھن تي ٻڌل ڏيکاري وئي آهي. نئون شهر جنهن ۾ موجوده لياري جي کڏا سان گڏ ٻه نيون وسنديون “نوا آباد” ۽ “ميران پير” (موسي لين) نظر اچن ٿيون، باقي لياريءَ ۾ ڪا آبادي نظر نٿي اچي.

هاڻي اسين اچون ٿا 1922ع ۾، ان نقشي تي اسان کي موجوده لياري ۾ ڪنڀارواڙا سان گڏوگڏ گل محمد لين ۽ بغدادي لائين نظر اچي ٿي ۽ ڪراچيءَ جي ڪل آبادي 2,02,500 نظر اچي ٿي.

جڏهن اسين 1944ع ۾ داخل ٿيون ٿا ته اسان کي لياري ۾ اولڊ ڪنڀارواڙا سان گڏ نيو ڪنڀارواڙا، سنگهو لين ۽ چاڪيواڙا جو اضافو نظر اچي ٿو ۽ آبادي 3,99,000 تائين پهچندي نظر اچي ٿي.

هاڻي اسين اچون ٿا انگريز دور جي ان رنگين نقشي ڏانهن:

(Map of Karachi, Showing the boundaries of various quarters of the city)

هاڻي اسان کي ان ۾ ڪراچيءَ جي ٻين ڪوارٽرز سان گڏ “لياري ڪوارٽر” به نظر اچي ٿو.

انهن سمورين حقيقتن جي روشنيءَ ۾ هاڻي توهان پاڻ ئي ٻڌايو ته 1922ع ۾ آباد ٿيل لياري اسان جي ڪراچيءَ جي ماءُ ڪيئن بڻجي وئي؟

ايندڙ قسط ۾ ڪوشش ڪندس ته لياري ۽ ان ۾ وسندڙن بابت پڻ حقيقتون بيان ڪريان.

____________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمف ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button