Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سجاول وارو سائين ۽ “ڍيڍ جِن”: ڪارو ڪاريءَ جي ناسور جو سماجي تجزيو

مردن جي ٻٽي معيار کي ڏسجي ته حقيقت اها آهي ته غير اخلاقي لاڳاپن ۾ گهڻو ڪري مرد شامل هوندا آهن پر سزا رڳو عورت کي ملي ٿي. اها وڏي بدقسمتي آهي ته جيڪڏهن مرد ناجائز لاڳاپن ۾ ملوث هجي ته ان کي نظرانداز ڪيو وڃي، پر شڪ جي بنياد تي رڳو عورت کي نشانو بڻائي کيس موت جي حوالي ڪيو وڃي.

عورت ڪنهن جي ملڪيت ناهي، هوءَ انسان آهي. جيڪڏهن مردن جا ناجائز لاڳاپا سماج لاءِ “مسئلو” ناهن، ته پوءِ رڳو عورت جو رت وهائڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ غيرت جي نالي تي قتل ڪو مسئلو نه پر هڪ اجتماعي تعليم، قانون، سياست ۽ انسانيت جي گڏيل ناڪامي آهي. جيڪڏهن اسان واقعي تبديلي چاهيون ٿا ته سوچ بدلائڻي پوندي، آواز اٿارڻو پوندو ۽ هر سطح تي عمل ڪرڻو پوندو.

جنهن ڏينهن اسان جي نياڻي پنهنجي گهر ۾ محفوظ هوندي، ان ڏينهن اسان جي سنڌ واقعي آزاد ۽ ترقي يافته هوندي.

عبدالله عثمان مورائي

گهڻو وقت اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن مان ٻار هئس ته موري شهر ۾ هڪ شخص ايندو هو، جنهن کي سڀ “سجاول وارو سائين” ڪري سڏيندا هئا، ڇو ته هوسجاول، سنڌ مان ايندو هو. هن جو حُليو بلڪل سادو هو، هلڪي ڏاڙهي، پيرين اگهاڙو، نيري قميص، اڇي شلوار ۽ مٿي تي اڇي ٽوپي پائي گهمندو هو. مون کيس اڪثر اسان جي گهر سان لڳو لڳ پنهنجن ابن ڏاڏن جي سومرا مسجد ۾ ڏٺو هو. هُو نماز دوران ۽ رستن تي هلندي هيڏانهن هوڏانهن ساڄي کاٻي پيو نهاريندو هو، سندس نگاهون ڀٽڪنديون هيون ۽ لڳندو هو ڄڻ ته ڪنهن اڻ ڏٺي مخلوق يا لڪيل فرد سان ڳالهائي رهيو هجي. ان وقت اسان ٻار هئاسين، اها خبر نه هئي ته هو سچو هو يا نه، پر ماڻهن جو مٿس وڏو ويساهه هو. مشهور هو ته هُو گهرن مان “ڍيڍ جِن” ڪڍڻ ايندو هو، يعني ماڻهن جي گهرن مان بدروحن کي ڀڄائيندو هو. اڄ به محسوس ٿئي ٿو ته اسان جي سماج ۾ “ڍيڍ جن” اڃا تائين موجود آهن. پر اهي ڪي اڻ ڏٺل مخلوق نه پر اسان جا پنهنجا رويا، سوچون ۽ ظالماڻيون رسمون آهن. انهن مان سڀ کان خطرناڪ ۽ جاهلاڻي رسم آهي “ڪارو ڪاري” يعني غيرت جي نالي تي عورتن جو قتل. پر منهنجي خيال ۾ ان کي رسم به چوڻ نه گهرجي، اها هڪ مخصوص سوچ رکندڙ ماڻهن جي ذهني بيماري آهي.

ڪارو ڪاري: هڪ بي بنياد ۽ جاهلاڻي رسم جا بنيادي مسئلا

اسان جي سماج ۾ “غيرت” کي عورت جي وجود سان ڳنڍيو ويو آهي. مردن جي عزت، عورت جي ذاتي چونڊن ۽ خواهش سان ماپي وڃي ٿي. هي سوچ ئي غيرت جو غلط تصور ۽ ظلم جو بنياد آهي. سنڌ ۾ اڄڪلهه ڪارو ڪاريءَ جا ڪيس تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. غيرت جي نالي تي عورتن جو قتل نه رڳو هڪ جرم آهي، پر اها سراسر جهالت آهي. قانون جي ڪمزوري جي ڪري جيڪڏهن ڪيس داخل به ٿين ٿا، ته اثر رسوخ، جرڳا ۽ سماجي دٻاءَ سبب ڏوهاري بچي وڃن ٿا. اڻ پڙهيل هجڻ ڪري ماڻهو روايتن کي سوال ڪرڻ بدران انهن کي قبول ڪن ٿا.

ڪيترن ئي هنڌن تي عورت کي هڪ آزاد انسان نه، پر خاندان جي ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو. هن جي مرضي، خواهش ۽ زندگيءَ جا فيصلا ٻين جي هٿ ۾ هوندا آهن. پر حقيقت ۾ هڪ عورت مڪمل طور تي هڪ آزاد هستي آهي، کيس پورو حق آهي ته هوءَ پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا، خاص ڪري شاديءَ جو فيصلو پاڻ ڪري.

مردن جي ٻٽي معيار کي ڏسجي ته حقيقت اها آهي ته غير اخلاقي لاڳاپن ۾ گهڻو ڪري مرد شامل هوندا آهن پر سزا رڳو عورت کي ملي ٿي. اها وڏي بدقسمتي آهي ته جيڪڏهن مرد ناجائز لاڳاپن ۾ ملوث هجي ته ان کي نظرانداز ڪيو وڃي، پر شڪ جي بنياد تي رڳو عورت کي نشانو بڻائي کيس موت جي حوالي ڪيو وڃي.

پارليامينٽ جي خاموشي: وڏو مسئلو

اسان جن ميمبرن کي ووٽ ڏئي ايوانن ۾ موڪليون ٿا، انهن جي اڪثريت پنهنجي پوري مدي دوران هن اهم مسئلي تي هڪ لفظ به نه ٿي ڳالهائي. هن مسئلي تي ته ڇا پر گهڻا ته پارليامينٽ جي سڄي مدي دوران ڪنهن به مسئلي تي ڳالهائين ڪونه ٿا. جيڪڏهن اهي اهڙيون پاليسيون ۽ سخت قانون نٿا جوڙي سگهن جيڪي سنڌ جي مائرن ۽ ڀينرن جو تحفظ ڪن، ته پوءِ اسان کي اهڙن نمائندن جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ايوانن ۾ ويٺل اهي “ڍيڍ جِن” آهن جيڪي رڳو پنهنجي مفادن جي چوڌاري ڦرن ٿا. اڄ جڏهن پاڻ سنڌ جي موجوده صورتحال تي نظر وجهون ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته اسان جي سماج کي، خاص ڪري اسان جي پارليامينٽ کي، ٻيهر ڪنهن “سجاول واري سائين” جي ضرورت آهي جيڪو انهن خاموش ويٺل پارليامينٽ ميمبرن کي ٻاهر ڪڍي، جيڪي اسان جي سماج جا اصل “ڍيڍ جِن” بڻجي چڪا آهن. جيڪي ميمبر ڳالهائين ٿا، انهن کي جس هجي.

حل ۽ حڪمت عمليون: هن ناسور کي ڪيئن ختم ڪجي؟

هن پيچيده مسئلي کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي گهڻ رخي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، مثال طور،

1. تعليم جي طاقت: جيڪڏهن ڇوڪريون تعليم يافته هونديون، ته کين پنهنجي قانوني ۽ مذهبي حقن جي خبر هوندي. تعليم عورت کي بااختيار بڻائي ٿي ته هوءَ پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿاري سگهي. تعليم يافته ماءُ هڪ شعور رکندڙ نسل پيدا ڪندي آهي.

2. مذهبي عالمن جو ڪردار: مذهب اسلام ۾ عورت کي اونچو مقام ڏنو ويو آهي. مذهبي عالمن کي گهرجي ته اهي پنهنجن خطبن ۽ محفلن ۾ کلي ڪري ڪارو ڪاريءَ خلاف ڳالهائين ۽ ماڻهن کي ٻڌائين ته غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ اسلامي تعليمات جي سراسر خلاف آهي.

3. سول سوسائٽي ۽ ميڊيا: سول سوسائٽي کي ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ آگاهي مهم هلائڻ گهرجي. ميڊيا کي اهڙن واقعن کي رڳو خبر طور نه، پر هڪ سماجي برائي طور پيش ڪرڻ گهرجي ته جيئن قاتلن کي عبرتناڪ سزائون ملي سگهن. گهريلو سطح تي ٻارن کي سيکاريو وڃي ته عزت  ڪنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ نه پر انسانيت ۾ آهي.

4. پاڻ بچاءُ (Self Defense): وقت جي ضرورت آهي ته عورتون پاڻ کي جسماني طور به مضبوط ڪن. جيڪڏهن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڇوڪرين کي ڪراٽي يا ٻيا دفاعي هنر سيکاريا وڃن، ته هوءَ اوچتي حملي وقت پنهنجو بچاءُ ڪري سگهي ٿي. اها جسماني سگهه کيس ذهني طور به بهادر بڻائيندي.

5. سياسي ارادو: سياستدانن کي رڳو تقريرن تائين محدود نه رهڻ گهرجي. اسان کي اهڙن سخت قانونن جي ضرورت آهي جتي ڪارو ڪاريءَ ۾ ملوث ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي معافي نه ملي، ڀلي اهي ڪيڏا به بااثر ڇو نه هجن.

آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته عورت ڪنهن جي ملڪيت ناهي، هوءَ انسان آهي. جيڪڏهن مردن جا ناجائز لاڳاپا سماج لاءِ “مسئلو” ناهن، ته پوءِ رڳو عورت جو رت وهائڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ غيرت جي نالي تي قتل ڪو مسئلو نه پر هڪ اجتماعي تعليم، قانون، سياست ۽ انسانيت جي گڏيل ناڪامي آهي. جيڪڏهن اسان واقعي تبديلي چاهيون ٿا ته سوچ بدلائڻي پوندي، آواز اٿارڻو پوندو ۽ هر سطح تي عمل ڪرڻو پوندو. اسان کي اڄ وري سجاول واري سائينءَ جي ضرورت آهي جيڪو انهن ماڻهن جو شڪار ڪري جيڪي انهن ڪڌن قتلن ۾ ملوث آهن ۽ انهن چپ جو روزو رکي ويٺل قانون سازن جو جيڪي قانون سازي نٿا ڪن. يا پر اصل ۾ سجاول وارو سائين اسان کي پاڻ بڻجڻو پوندو جيڪو پاڻ پنهنجي گهرن، گهٽين ۽ ايوانن مان انهن خاموش ڍيڍ جِنن کي لوڌي ڪڍي جيڪي هن سماج کي اڏوهي وانگر چنبڙي کائي رهيا آهن.

ياد رکڻ گهرجي ته، جنهن ڏينهن اسان جي نياڻي پنهنجي گهر ۾ محفوظ هوندي، ان ڏينهن اسان جي سنڌ واقعي آزاد ۽ ترقي يافته هوندي.

________________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.    soomro.sweden@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button