Editor's pickMain Slideڪالم

پنجاب ۾ فلم سِٽي ٺھندو ۽ سنڌ ۾ ھر شھر ”ظلم سِٽي“ بڻجي چُڪو آھي  

مريم نواز شريف لاھور ۾ پنجاھ ايڪڙن تي مشتمل فلم سٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي پر سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن بدران عوام کي بنيادي سهولتن کان محروم رکڻ ۽ تڪليفن ۾ وجھڻ وارا عمل وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن کي مثال طور “ظلم سٽي” جو نالو ڏئي سگھجي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ڪيل عڪاسي

سڪندر گُلاب سومرو

پنجاب ۾ جديد فلمي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڏي وزير مريم نواز شريف جو لاھور ۾ پنجاھ ايڪڙن تي مشتمل فلم سٽي قائم ڪرڻ جو اعلان هڪ اهم قدم آهي، جيڪو فلمي ٽيڪنالاجي، تخليق ۽ معيشت کي گڏ کڻي هلڻ جي عڪاسي ڪري ٿو. هن فلم سٽي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس بنياد تي فلم سازي، وي ايف ايڪس ۽ ٻين جديد سهولتن جي فراهمي سان پاڪستان جي فلمي صنعت کي عالمي سطح تي آڻڻ جي ڪوشش نظر اچي ٿي. اهڙا منصوبا نہ رڳو نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪن ٿا پر ملڪ جي سافٽ امیج کي بہ بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ جديد فلمي صنعت کي بہ اڳتي وڌائين ٿا.

ان جي ابتڙ، سنڌ ۾ صورتحال ڪافي مختلف نظر اچي ٿي، جتي ترقياتي منصوبن بدران عوام کي بنيادي سهولتن کان محروم رکڻ ۽ تڪليفن ۾ وجھڻ وارا عمل وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچن ٿا جن کي تمثيلي طور “ظلم سٽي” جو نالو ڏئي سگھجي ٿو يا چئي سگهجي ٿو. سنڌ جي تقريبن سڀني تعلقن ۽ علائقن ۾ غيرقانوني بجلي ڪنيڪشنز، ناقص انفراسٽرڪچر ۽ انتظامي نااهلي سبب عام ماڻهو بنيادي سهولتن کان بہ محروم آهن. نتيجي طور، عوام کي نہ صرف روزمره جي زندگي ۾ تڪليفون پيش اچن ٿيون، پر صحت، تعليم ۽ روزگار جا موقعا پڻ محدود ٿي وڃن ٿا، جنهن سان سماجي ترقي جو عمل سخت متاثر ٿئي ٿو. اڪثر ٽرانسفارمرز سڙڻ جون ڪھاڻيون ڪي نوان لقاءَ ڪونہ آھن پر جيئن تہ سنڌ جو ھر شھر ظلم سٽي ۾ منتقل ٿي چڪو آھي سو عوام آزاري ۽ تڪليف کي ھٿي وٺرائڻ ظلم سٽي جي اھم ڪمن مان ھڪ ڪم آھي. ظلم سٽي جھڙن منصوبن سان عالمي سطح تي پاڪستان جو وقار ڀلي متاثر ٿئي پر، مقامي سطح تي سياستدانن ۽ آفيسرشاھي جي ذھني تسڪين جو سبب ضرور بڻجن ٿا.

______________ 

سڪندر گلاب سُومرو ھڪ فري لانس ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button