سنڌ مان جلاوطن ٿيڻ کان اڳ اسٽيشن تي رکيل خط !!
ھيءُ خط اسٽيشن جي ھن بيئچ تي رکي مان ھميشہ ھميشہ لاءِ نہ چاھيندي بہ وڃي رھيو آھيان! اي خط پڙھڻ وارا؛ تون مونکي سنڌ مان لڏڻ جي ميار نہ ڏجان، ائين بلڪل نہ ڀائيجان تہ مون سنڌ سان بي وفائي ڪئي آھي، مونکي سنڌ سان محبت پنھنجي سڳي ماءُ جيتري ئي آھي.

ڪانجي رام ساوريا
احوال ڪھڙو ڏيان؟
ٻُڌندين تہ روئي پوندين!
مان اسٽيشن تي آھيان،
اڪيلو ناھيان مونسان گڏ منھنجو پورو پريوار بہ آھي،
ان اسٽيشن تي!
جتان جي ريل گاڏي ڇڪ ڇڪ ڪندي ڪندي چار پھرن ۾ جلاوطن ڪرڻ جو فرض نڀائي ٿي،
ان اسٽيشن تي!
جنھن تي وڃڻ وقت منھنجن قدمن ساٿ ڇڏي ڏنو ھو،
ان اسٽيشن تي!
جنھن جي ھُن پار لطيف جا نہ بلڪہ ڪبير جا دوھا ٻُڌبا آھن،
ان اسٽيشن تي!
جتي ھزارين ڀائرن پنھنجيون ڀينئرون پرڻائيون ھئنيون، خوشي جون شھنانيون وڄايون ھئنيون، پر اڄ الاءِ ڇو الوداعي ٻک وجھي انھن ڀيڻن سان دادلي ٻار جيان روئي رھيا ھئا،
ان اسٽيشن تي!
جتي نويڪلي ڪنوار پنھنجي وَرَ سان وفا ڪارڻ گھروارن کي ھميشہ لاءِ ڇڏڻ جي قرباني ڏني آھي،
ان اسٽيشن تي!
جتي ھر انسان کي 15 ڪلو وزن کڻي وڃڻ جي اجازت آھي، ڀرت ڀرئل اُھي رومال ۽ سھيلين سان کيچلون ڪندي اوٽي تي ٽوپيئل مقدس رليون، سمن سرڪار جي ميلي تان ورتل اُھا اجرڪ، ڳوٺ جي ربو ڪنڀار کان ورتل ھڪ ڪورو گھڙو، ھڪ ھالا جي کَٽَ، ھڪ کپرو مان ورتل ريڊيو ۽ ٻيو گھر جو مختصر سامان منھنجي ھڙھ ۾ آھي،
مون آخري ڀيرو اسٽيشن تي ريڊيو کولي ايف ايم 98:00 ميرپورخاص ٻُڌو ھو، منھنجو پسنديدہ آر جي غلام قادر شر مخاطب ھو، جنھن جا مٺا ٻول مونکي ھميشہ روئڻ کاڙو ڪندا آھن ۽ اڄ تہ جگر جوت ٿي پيو ھو،
ان اسٽيشن تي!
جتي اڄ ھر ڪنھن جي اک آلاپ اوري رھي ھئي، اکين جي ڪراڙ تان لڙڪ بي موسما ٽمڻ لڳا ھئا،
اڌ رات ٿيڻ تي ھئي، ريل جو آواز ميرپور جي ماحول ۾ محسوس ٿيڻ لڳو، دالان ۾ ويٺلن مسافرن کي اسٽيشن جا ملازم تيار ٿيڻ جا ھوڪا ڏئي رھيا ھئا،
سچ پُڇين؛
وڃڻ جو ڪو شوق نہ ھو منھنجو، پر ڪنھن چيو ھو؛
مجبوري ڪا نام شڪريہ
مان تہ سنڌ جي مقدس مٽيءَ تي جنميو آھيان، منھنجي ساھ ۾ بہ سنڌ جي واسنا ايندي آھي، ڳوٺ جي ڀر۾ پوکيل اسُر جو سورج مُکي ڏسي اندر جا سڀ ٿڪ لھي ويندا ھئا، سياري ۾ سرس جو ساڳ ۽ ڳچ ڏينھن کان پوءِ سرنھن جا سُندر گُلِ جنھن جي ڦلڙين مان اجرڪ جا الست آثار ملندا ھئا، اُھي ٻَٻَر، اُھي انبن جا باغ، اُھي ڳوٺ جون جھُڳيون، اُھي ميلا ملاکڙا ۽ اُھي مچ ڪچھريون مان ڄاڻان ٿو اُتي نہ ملنديون!
وڏو ڪو ڪافر آھيان، سڀ سُونھن ٿُڏي وڃان پيو،
لڳي ٿو مان بيوقوف آھيان جو پنھنجا ڇڏي پرائن وٽ پيو وڃان!
ھڪ رڪشو ھوندو ھو مون وٽ، سڄو ڏينھن مزدوري ڪندو ھئس، شادي ٿي، اولاد ٿيو، ھڪ نياڻي ۽ ھڪ پُٽ،.
اڪثر ٽي وي تي وڏي وقت کان ڏسندو ھئس تہ سنڌ ۾ نياڻي سان ڪھڙو سلوڪ ڪيو ويندو آ، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ گروپ ٺاھي زنا ڪيئن ڪبو آ، نابالغ تي ست ڄڻا ڪيئن واري سر واري چڙھندا آھن!
منھنجي بہ نياڻي ستراھن سالن جي ٿي آھي، مزدوري تي ويندو آھيان تہ گھر جو ھر پل ڊپ رھندو آھي، ڪٿي اِھي بگھڙ منھنجي نياڻي سان بہ زنا نہ ڪندا ھجن؟
سڄو ڏينھن خوف ۾ گذرندو آھي،
ھا تڏھن کان جڏھن منھنجي ڳوٺ جي ھاري رميش جي ڌيءِ سان زميندار جي پُٽ فصل ۾ زنا ڪيو ھو،
ھُو تہ ويچاري اڃا نابالغ ھئي، ڇا گذريو ھوندو ھُن جي امڙ ۽ ابا جي مَنَ تان، بس اھيا گھڙي ڪڏھن مون تان نہ گذري، انھي خوف مان وڃان پيو!
رميش جي ڌيءِ جو فيصلو ٿيو، چار چڱا آيا زميندار جي اوطاق تي، ڳالھيون ٿيون ۽ آخر ۾ وڏيري تي پندرھن ھزار روپيا ڏنڊ ھڻيو ويو، جيڪو وڏيري خوشي سان ڪيش ڳڻي رميش جي ھٿ ۾ ڏنا، وڏيري ٻڪر ڪُٺو، چڱن مڙسن جي ماني ٿي، وڏي ريھاڻ ھلي، کل ڀوڳ مزاق بہ ٿيا ۽ ويچارو رميش مايوس ٿي گھر موٽي آيو.
مان ڄاڻان ٿو ھُن ديس ۾ منھنجو ڪير بہ ناھي، پروس ھوندس، پر يقين آھي ھن بيعزتي کان تہ ڀلو ھوندس!
ھا ھُتي لطيف جو تنبورو، قلندر جو روضو، لاھوت جا گس، ھنگلاج جا جبل ۽ ساردڙو ڌام نہ ھوندا، اُتي ڀوڏيسر جي مسجد ۽ مڪلي جو قديمي قبرستان بہ تہ ھوندو،
ھُتي ڪنجھر ۽ ڪارونجھر بہ ناھن!
الا…!
ڄڻ مان زندہ لاش وڃي رھيو آھيان، منھنجا عضوا ھتي ئي رھجي ويا آھن، منھنجيون ڀينئرون ھتي آھن، تہ ڄڻ اُتي تھوار بہ منھنجي لاءِ نہ ھوندو!
ايترو ڏُک جڏھن ابا گذاري ويو ھو تڏھن بہ نہ ٿيو ھو، جيترو اڄ ھن ريل کي ڏسي ٿي رھيو آھي.
ھي خط اسٽيشن جي ھن بيئچ تي رکي مان ھميشہ ھميشہ لاءِ نہ چاھيندي بہ وڃي رھيو آھيان!
اي خط پڙھڻ وارا؛
تون مونکي سنڌ مان لڏڻ جي ميار نہ ڏجان، ائين بلڪل نہ ڀائيجان تہ مون سنڌ سان بي وفائي ڪئي آھي، مونکي سنڌ سان محبت پنھنجي سڳي ماءُ جيتري ئي آھي، سنڌ تہ آھي ئي قل محبت، جنھن جي گواھي سنڌوءُ جون وھندڙ ڇڙواڳ ڇوليون ڏين ٿيون،
مان ڪيئن بي وفائي ڪري سگھندس انھن ڪارونجھر جي مورن سان جن جي ٽنڊيلن ٽھوڪن منجھان ڄڻ کيرڌارا وھندي ھجي، مان ڪيئن بي وفائي ڪري سگھندس پنھنجي ماءُ سان جنھن جي مقدس مٽيءِ تي منھنجو جنم ٿيو، مان ڪيئن بي وفائي ڪري سگھندس عابدہ پروين جي ڌمال سان جيڪا قلندر جي عشق ۾ ٻارھوئي مدھوش رھندي آھي، مان ڪيئن بي وفائي ڪري سگھندس پنھنجي ثقافت سان جنھن جي پوشاڪ ۾ دودن جي واسنا ايندي ھجي!
ھا مان ڄاڻان ٿو!
ھُتي ھر سائي جمعي تي لطيف جو راڳ نہ ٻُڌي سگھندس،
ھا مان ڄاڻان ٿو!
ھُتي حسن ۽ اياز جا چاھيندڙ بہ نہ ھوندا،
ھا مان ڄاڻان ٿو!
ھُتي سسئي، ماروي، سھڻي ۽ ٻيجل جون ڪٿائون نہ ھونديون،
ھا مان ڄاڻان ٿو!
ھُتي ايوب کوسي جا غزل، جئي پرڪاش ساگر جا جذبا ۽ مسڪينن جي مسيحا محب ڀيل جون تخليقون بہ نہ ھونديون،
ھا مان ڄاڻان ٿو!
ھُتي امر ساھڙ جا نظم ۽ امر رائيسنگھ راجپوت جا خط بہ نہ ھوندا،
ھا مان ڄاڻان ٿو!
ھُتي باغي جو ڄامشورو بہ نہ ھوندو،
بيشڪ ڪنھن ڪروڌي ٻار جيان
ھميشہ پنھنجي پاڻ سان وڙھندو رھندس،
اھيو بہ سچ آھي؛
ھُتي سنڌين جھڙا محبتي انسان نہ ملندا.
مان صحبت جي ننگري کي ڇڏي ڪنھن اجنبي ديس وڃان پيو انھي جو مقصد اھيو ھرگز ناھي تہ مان سنڌ کي وساري ڇڏيندس…!
اي مٺا؛
سنڌ جي ھر وڻ سان، وڻ ۾ بيٺل پن پن سان ۽ سندس ٻُور سان بہ سچو لڳاءُ رھندو، ڳوٺ جي جھوپڙين سان ۽ ٿر جي ٿوھرن سان بي انتھا پيار رھندو، ايتري قدر سنڌ جي سُونھن سان محبت آھي جو منھنجي لاءِ سنڌ جي ڌرتي تي بيٺل ٽُوھ بہ اکين جو ٺار آھن، مونکي سنڌ جو ھر ماڳ تاحيات ياد رھندو، خاص ڪري بھرم بري جو مچ جيڪو ھاڻ مان ڪڏھن نہ ڏسي سگھندس، پر مان سنڌ جي ڏِس ڏان اُڏامندڙ پکين کان بہ سماچار پُڇندو رھندس،
سنڌڙي جو تہ اسم بہ ايڏو ناياب آھي،
جو ”سنڌ” چوڻ سان مُک پوتر ٿي ويندو آھي.
ريل ۾ چڙھڻ کان اڳ آخري ڪلپنا:
دل نٿي چاھي اوھان سنڌين سان ڏُور وڃجي،
پر ھڪڙو ڪرم ڪجو جي ڪري سگھو تہ؛
ھاڻي سنڌ ڄائي کي نوڙت جي نگاھ سان ڏسجو.
___________
سنڌ جي ساھتي ضلعي نوشھري فيروز جي شھر ٺاروشاھ ۾ رھندڙ عليشير ڪيريو جي فيس بُڪ وال تان کنيل



